Tuesday, January 16, 2018
حضرت علي ع کان هڪ سوال ۽ ان جا مولا طرفان چار جواب
مولا علي عليه السلام وٽ چار راهب آيا ۽ پاڻ ۾ طئي ڪيائون
ته مولا علي عه کان هڪ ئي سوال ڪنداسين اگر انهي جو مولا علي عه هڪ ئي جواب سڀني
کي ڏنو ته سمجهنداسين ته علي عه ناقص
العلم آهي،
چنانچه هڪ راهب آيو ۽ پڇا ڪئي اي اميرالمومنين مال جو جمع
ڪرڻ بهتر آهي يا علم جو جمع ڪرڻ؟
امام عه جن فرمايو: علم جو حاصل ڪرڻ ڇو جو مال خرچ ڪرڻ سان
گهٽ ٿيندو آهي ۽ علم وڌندو آهي.
پوءِ ٻيو راهب آيو ۽ انهي به اهوئي ساڳيو سوال ڪيو.
امام عليه السلام جن فرمايو علم بهتر آهي ڇو جو علم تنهنجي
حفاظت ڪندو آهي، ۽ تون مال جي حفاظت ڪندو آهين.
۽ پوءِ ٽيون راهب آيو
۽ انهي به اهو ساڳيو سوال دهرايو
ته مولاجن فرمايو علم بهتر آهي ڇو جو جنهن علم حاصل ڪيو انهي ۾ تواضع وڌيو
۽ جنهن مال جمع ڪيو انهي ۾ تڪبر وڌيو، ۽ آخر ۾ چوٿون راهب آيو ۽ انهي به ساڳيو
سوال ڪيو ته مال جو جمع ڪرڻ بهتر آهي يا
علم جو جمع ڪرڻ بهتر آهي،
امام عه جن فرمايو : علم بهتر آهي جنهن علم جمع ڪيو انهي جا
دوست وڌندا آهن ۽ جنهن مال جمع ڪيو انهي جا دشمن وڌندا آهن،
” ڪتاب هديته الشيعه
صفه 272“
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: