Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

مومن جو مختصر تعارف

حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن مومن جي تعريف ڪندين ارشاد فرمائن ٿا ته :
مومن، مومن جي لاءِ آئينو آهي
مومن، مومن جو ڀاءُ آهي،
مومن اهو آهي جنهن کي ماڻهو پنهنجي جان مال جو امين تصور ڪن
مومن معزز  و محترم هوندو آهي ۽ بدڪردار رسوا ۽ ذليل نه هوندو آهي.
اهل ايمان وٽ مومن جو مقام ائين آهي جئين بدن ۾ سر جو مقام آهي.
مومن باوقار ۽ نرم خو هوندو آهي.

دعا مومن جو هٿيار آهي
نماز مومن جو نور آهي.
دنيا مومن جي لاءِ زندان (قيد خانو) ۽ ڪافر جي لاءِ جنت آهي.
موت مومن جي لاءِ تحفو آهي.
نماز شب ( تهجد ) مومن جي عظمت آهي.
علم مومن جو دوست آهي ۽ حلم مومن جو وزير آهي.
عقل مومن جو رهبر ۽ عمل ان جو قائد آهي ۽ مهرباني ۽ تواضع ان جو پيءَ آهي ڀلائي مومن جو ڀاءُ آهي ۽ صبر مومن جو امير لشڪر آهي .
مومن خدا جي حدودن جو پابند هوندو آهي

ڪتاب هدية الشيعه صفحه 9

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo