Tuesday, January 16, 2018
انسان جو دل
ڪائنات جا پاڪ امام
امير المؤمنين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
انسان جي اندر سڀ
کان حيرت انگيز شي ان جي دل آهي جو اها علم وحڪمت جو سرچشمو به آهي ۽ پوءِ ان ۾
اضداد ( ضد جي جمع ) به موجود آهن اگر ان کي ڪجهه اميد پيدا ٿي وڃي ته ان ۾ طمع
سوار ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن طمع سوار ٿي ويندي آهي ته ان کي حرص اچي هلاڪ ڪري ڇڏيندي
آهي، ۽ اگر ان جي اندر مايوسي ۽ نا اميدي اچي ته تعصب ان کي ماري ڇڏيندو آهي، اگر
ان کي غصو آيو ته ان جو غيظ شديد ٿي ويندو آهي،
اگر قسمت سان ڪا خوشي ملي ته ان جي
تحفظ کي وساري ڇڏيندو آهي، ۽ اگر ڪا هولناڪ شي سامهون ايندي آهي ته ان کان بچڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي پوءِ امن نصيب ٿئي ته غفلت امن کي سلب (ختم) ڪري ڇڏيندي آهي، اگر ڪا
نعمت هٿ اچي ته غرور ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي، اگر ڪا مصيبت اچي ته روئڻ ۽ دانهون
ڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي، اگر مال هٿ اچي وڃي ته دولت و ثروت ان کي گمراهه ڪري
ڇڏيندي آهي، اگر فاقه ڪشي جي نوبت اچي ته بلاء ۾ ڦاسي ويندو آهي، ۽ اگر بُک ستايو ته ڪمزوري ان کي ويهاري
ڇڏيو، اگر پيٽ حد کان زياده ڀرجي وڃي ته بدهضمي ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي، لهٰذا هر
ڪمي مضر ۽ زيادتي فساد برپا ڪندي آهي.
”ڪتاب علل الشرائع
باب 96 صفه
151“
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: