Tuesday, January 16, 2018
اهي احڪام جن جي رسول الله کي تاڪيد ڪئي وئي
حضور صه جن فرمايو ته:
مونکي
جبريل عه عورتن جي باري ۾ خدا جي طرفان ايتري تاڪيد ڪئي ايستائين جو مونکي گمان
ٿيڻ لڳو ته هو ان جي طلاق کي حرام قرار ڏئي ڇڏيندو.
غلامن جي لاءِ مونکي ايتري تاڪيد ڪئي ايستائين
جو مونکي گمان ٿيو ته هو ان جي آزادي جو هڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيندو.
مونکي پاڙي وارن جي حقن جي متعلق ايتري گهڻي
تاڪيد ڪئي جو مون سمجهيو هو انهن کي وارث بڻائي ڇڏيندو.
مسواڪ جي متعلق ايتري گهڻي تاڪيد ڪئي جو مونکي
فرض جو گمان ٿيڻ لڳو.
نماز جماعت جي متعلق ايتري گهڻي تاڪيد ڪئي جو
مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته الله کي بغير جماعت جي نماز قبول ئي ناهي.
ذڪر الاهي جي لاءِ انهي مونکي ايتري تاڪيد ڪئي
جو مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته انهي کان علاوه ڳالهه ئي نه ڪرڻ گهرجي.
نماز شب جي لاءِ مونکي ايتري تاڪيد ڪئي جو
مونکي گمان ٿيڻ لڳو ته رات ننڍ ڪرڻ ئي جائز نه آهي
وڌيڪ فرمايائون:-
دنيا بي گهر شخص جي لاءِ گهر آهي، بي مال شخص
جي لاءِ مال آهي
انهي کي جمع اهو ڪندو آهي جنهن کي عقل ناهي .
انهي جي پيروي اهو ڪندو جنهن کي سمجهه ناهي
انهي جي سزا اهو ڀوڳيندو آهي جنهن کي علم ناهي
انهي جي لاءِ حسد اهو ئي ڪندو آهي جنهن کي بقا
ناهي
انهي جي لاءِ جستجو اهو ڪندو آهي جنهن کي يقين
ناهي.
”ڪتاب هديته الشيعه صفه (
405-406)“
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: