Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

” دنيا حضرت علي عليه السلام جي نگاه ۾ “


حضرت امير المؤمنين امام المتقين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
دنيا هڪ گذرگاهه آهي ۽ آخرت سڪونت جو مقام آهي، ماڻهو ٻن قسمن جا آهن هڪ اهو جنهن پنهنجي جان دنيا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي اهيو شخص هلاڪ ٿي ويو، ٻيو  اهو جنهن دنيا وي آسائشن کان پنهنجي پاڻ کي دور رکيو انهي نجات حاصل ڪئي، دنيا ۽ آخرت هڪ ٻئي جا دشمن آهن ۽ هڪ ٻئي جا مختلف رستا آهن جنهن دنيا سان محبت ڪئي انهي آخرت سان دشمني رکي دنيا ۽ آخرت مشرق ۽ مغرب وانگر آهن هلڻ وارو شخص جيترو هڪ جي قريب ٿيندو اوترو ٻئي کان دور ٿيندو.

  ۽ وڌيڪ فرمايائون اي انسانو! هن دنيا ۾ صرف توهانجو امتحان ورتو وڃي ٿو در حقيقت توهانکي ٻي جڳهه جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، جڏهن ڪو انسان مرندو آهي ته ماڻهو پڇندا آهن ته ڇا ڇڏي ويو ۽ فرشتا چوندا آهن ته انهي اڳتي جي لاءِ ڪهڙو سامان موڪليو آهي خدا توهانجو ڀلو ڪري ڪجهه ته اڳتي جي لاءِ موڪليو اهو هڪ قسم جو ( خدا جي ذمي ) قرضو آهي سڀ جو سڀ پوئتي نه ڇڏي وڃو جو توهان جي لاءِ بوجهه بڻجي وڃي.

” ڪتاب هديته الشيعه    صفه 92“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: