Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

عدل ، صبر ، تقوا ، توبه، حيا، سخاوت ڪنهن لاء بهتر آهي

ڇهه شيون بهتر آهن ليڪن ڇهن افرادن ۾ تمام بهترلڳن ٿيون“
 مولاءِ ڪائنات  امام علي عليه السلام  جن فرمائين ٿا ته:-
·       عدل، بذات خود ڀلي شي آهي ليڪن بادشاهن ۾ تمام ڀلو آهي.
·       صبر،بذات خود ڀلي شي آهي ليڪن فقراء ۾ تمام ئي ڀلو آهي.
·                   تقويٰ  بذات خود ڀلي شي آهي ليڪن علماء ۾ تمام وڌيڪ ڀلو آهي.
·                   توبه ،  بذات خود ڀلي شي آهي، ليڪن جوانن ۾ تمام وڌيڪ سٺو آهي.
·                   حياء ، بذات خود ڀلي شي آهي ليڪن عورتن ۾ تمام ڀلو آهي.

·                   سخاوت، بذات خود ڀلي شي آهي، ليڪن اغنياء (غني جي جمع) ۾ تمام وڌيڪ ڀلي آهي.
وڌيڪ فرمايائون : حاڪم بغير عدل جي اهو بادل آهي جنهن ۾ مينهن نه هجي، فقير  بغير صبر جي اهو چراغ آهي جنهن ۾ روشني نه هجي، عالم بغير تقويٰ جي اهو وڻ آهي جنهن ۾ ثمر نه هجي، غني بغير سخاوت جي اها زمين آهي جنهن ۾ پيداوار نه ٿيندي هجي، نوجوان بغير توبه جي اها نهر آهي، جنهن ۾ پاڻي نه هجي عورت بغير حياء جي اهو طعام آهي جنهن ۾ نمڪ نه هجي،

” ڪتاب نهج الحڪمه   صفه    111     112  “

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: