Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

وياج ۽ ان جي مذمت


 حضور صه جن فرمائن ٿا ته:
 وياج کائڻ واري وياج کارائڻ واري وياج وٺڻ واري ۽ وياج ڏيڻ واري وياج جو معاملو لکندڙ واري ۽ انهي معاملي تي گواهي ڏيندڙ ٻن عادلن تي منهنجي لعنت آهي
بس جيڪو شخص وياج کائيندو الله انهي جي پيٽ کي انهي مقدار ۾ باهه سان ڀريندو جنهن مقدار سان انهي وياج کاڌو هوندو ۽ وياج خور جو الله ڪوبه عمل قبول ناهي ڪندو ۽ انهي وقت تائين خدا ۽ ان جي فرشتن جي لعنت انهي تي هوندي آهي جيستائين انهي وٽ هڪ واري جي ذريعي برابر به وياج جي مال مان ڪو باقي مال هجي.

وڌيڪ فرمايائون ته وياج خورن جا پيٽ قيامت جي ڏينهن ايتري قدر وڌي ويندا جو هو پنهنجي پيٽ کي کڻي حساب نه ڏئي سگهندا، ڇو جو هنن جا پيٽ  زمين سان گسندا پيا هوندا.
۽ وڌيڪ فرمايائون ته جڏهن منهنجي امت ۾ وياج کائڻ وڌي ويندو ته زلزله ۽ زمين ڦاٽي وڃڻ جا واقعات تمام گهڻا ٿي ويندا.
وڌيڪ فرمايائون ته هڪ شخص پنهنجي ماءُ سان خانه خدا ۾  بي حرمتي ڪري  ۽ اهيو ڪم وياج کائڻ کان ستر 70 گنا هلڪو آهي.
۽ وڌيڪ فرمائيندي چيائون ليڪن ها ٽن جڳهن تي وياج جائز آهي.
(1)     پيءُ ۽ پٽ جي درميان وياج جائز آهي. ليڪن ماءُ ۽ پٽ جي درميان جائز ڪونهي.
(2)     زال ۽ مڙس جي درميان اهي پاڻ ۾ وياج جو معاملو ڪري سگهن ٿا مثلاَ سئو روپيه ڏئي ڪري ڍيڍسئو رپيه وٺي سگهن ٿا.
(3)             ڪافر حربي (يعني اهڙو ڪافر جيڪو مسلمان ۽ شرعي حڪومت ۾ نه هجي) انهي سان مسلمان وياج وارو معاملو ڪري سگهي ٿو.
البته ڪافر حربي کان زياده وياج وٺي سگهجي ٿو ليڪن زياده ڏيڻ جائز نه آهي

ڪتاب گناهان ڪبيره جلد دوّم صفه 99 تا 111

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: