Ad 468 X 60

Monday, June 26, 2023

سيفر امام حسين ع حضرت مسلم ابن عقيل ع

 

تحرير:  راشد علي چانڊيو

مقدمو: 

حضرت ابو طالب A جي تمام اولاد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي هر جاءِ تي مدد ڪئي ڇو ته جناب ابو طالب A پنهنجي ڀائٽي


حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي پرورش ڪئي ۽ ان ۾ نبوت جون تمام نشانيون ڏٺيون ان ڪري هر ميدان ۾ حمايت ڪندو رهيو جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ٿي ۽ حضرت علي A
اڳتي پڙهو »

Saturday, June 10, 2023

آل علي جي ٻئين ڪربلا حسين شهيد فخ

 

تحرير: راشد علي چانڊيو

نالو ۽ نسب

شهيد فخ جو نالو حسين بن علي بن حسن بن حسن بن علي عليه السلام هيو، پاڻ صاحب فخ يا شهيد فخ جي نالي سان مشهور هيو،


ان جي ڪنيت ابا عبدالله هئي، امام حسن مجتبي عليه السلام جي اولاد منجهان مدينه منوره ۾ زندگي گذاريندو هيو، هن جي ولادت جي تاريخ جو صحيح علم نه آهي پر چيو ويو آهي ته گهڻو ڪري هي 128 هجري قمري ۾ پيدا ٿيو،
اڳتي پڙهو »

Tuesday, June 6, 2023

عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب (68 ه.ق)


عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب (68 ه.ق)

تحرير: راشد علي چانڊيو

 

ابوالعباس، عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدمناف جو شمار انهن علماءِ منجهان ٿئي ٿو جيڪي پهرين صدي هجري ۾ هئا،


هي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي چاچي  حضرت عباس جو پٽ، هن جي ماءُ جو نالو لبابه بنت حارث بن حزن بن بجير هلاليه، جيڪا قبيله هلال بن عامر مان هئي. (1)
اڳتي پڙهو »

Sunday, June 4, 2023

حضرت عمار بن ياسر رضي الله عنه جي سوانح حيات

 

تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:

حضرت محمد مصطفي ص جو عرب جي معاشري ۾ اچڻ ۽ الله طرفان پيغمام پهچائڻ  ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي خطاب ڪرڻ ته مان الله جو رسول آهيان اوهان جي هدايت جي لاءِ مبعوث ٿيو آهيان


انهي دعوت تي جن ماڻهن لبيڪ چيو انهن مان غريب ۽ غلامن جي تعداد ٻين کان گهڻي هئي انهن مان هڪ حضرت عمار بن ياسر بن عامر، به هئا
اڳتي پڙهو »

Saturday, June 3, 2023

زيد بن وهب جُهَني ( شيعه مورخ )

 

زيد بن وهب جُهَني (متوفي بعد از 83 ھ.ق)

سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو

 

پهرين صدي هجري جي شيعه مورخن جي تعداد ست آهي جن مان اسان پهرين ٻن مورخن تي لکي چڪا آهيون اڄ ٽئين شيعه مورخ بابت ڪجھ بيان ڪنداسين.


هن جو پورو نالو زيد بن وهب جُهني آهي ۽ هي ابو سليمان همداني جُهَني جي نالي سان مشهور هيو(1) هي پهرين صدي هجري جي مورخن منجهان آهي جُهَني بابت جڏهن معلومات حاصل ڪئي وئي ته ان طرح سان مليو: حموي معجم البلدان ۾ لکيو آهي جُهَني هڪ وڏو ڳوٺ هيو جيڪو درياءِ دجله جي ڪناري تي موصل جي ويجهو واقع هيو ان ڪري زيد بن وهب کي ان گوٺ جي نسبت سان ”جُهَني“ سڏيو ويندو هيو. (2) واضح رهي ته هن جو قبيلو قضاعه هيو، هن قبيله جا اڪثر افراد موصل ويهجي زندگي گذاريندا هئا. (3)

زيد بن وهب جو شمار انهن ماڻهن منجهان ٿئي ٿو جن زمانه جاهليت کي ڏٺو هيو، جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم مدينه ۾ هيو ته هي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ديدار جي لاءِ مدينه جي طرف آيو پر جڏهن مدينه پهتو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ٿي چڪي هئي ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو (4) ان ڪري هن جو شمار تابعين منجهان ٿئي ٿو البته ابن حزم ان کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو صحابي مڃو آهي.(5) هن جو شمار حضرت عليه السلام جي خاص اصحاب ۽ ساٿين منجهان ٿيندو هيو.(6)  هي بعد ۾ ڪوفي ۾ رهڻ لڳو حضرت علي عليه السلام سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهراون ۾ شريڪ رهيو(7) حضرت علي عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ امام حسن عليه السلام جي بيعت ڪيائون ۽ ان جي خاص ۽ ويجهن ساٿين منجهان هئا (8)

زيد جي تاريخ وفات صحيح طرح سان معلوم نه آهي اڪثر منابع هن جي وفات کي حجاج بن يوسف جي دور ۾ لکن ٿا (يعني 75 کان 95 هجري تائين.) التبه سال وفات ۾ اختلاف آهي، ڪجھ ان جي وفات کي سال 83 هجري لکن ٿا ڪجھ 84 هجري (9) ۽ ڪجھ 96 هجري (10) لکن ٿا.

هن جي سن 35 هجري تائين جي زندگي جي باري ۾ گهٽ معلومات ملي ٿي ان جي باري ۾ واضح نه آهي ته هي عثماني هيو يا نه، ان بابت اهل سنت جي رجال وارن به ناهي لکيو ته هي شيعه هيو يا نه، البته ان جي باري ۾ مدرسي، ميراث مکتوب شيعه ۾لکيو آهي ۽  هي عثمانيه جي خلاف هيو (11) هن جون ڪافي روايتون حضرت عليه السلام جي امامت ۽ ولايت جي باري ۾ موجود آهن ۽ حضرت علي عليه السلام جو احتجاج جيڪو پاڻ ابوبکر جي سامهون ڪيو هيو اهو به ان کان نقل ٿيل آهي ان ڪري ان کي شيعه مورخ سڏيو وڃي ٿو.(12) هي پنهنجي اصلي ڳوٺ کان بعد ۾ ڪوفي ۾ رهڻ لڳو ۽ جڏهن حضرت علي عليه السلام ڪوفي آيا ته هي حضرت علي عليه السلام جي ويجهن ساٿين منجهان شمار ڪيو ويندو هيو.

 

زيد بن وهب جُهَني جا استاد:

زيد بن وهب جا استاد هن ريت ذکر ٿيا آهن، حضرت علي عليه السلام، عبدالله بن مسعود، ابوذر غفاري، حذيفه بن يمان و غيره (13)

 

زيد بن وهب جُهَني جا شاگرد

زيد بن وهب کان جن شخصن روايتون نقل ڪيون آهن اهي هن ريت آهن حبيب بن ابي ثابت، حڪم بن عتبه، منصو بن معتمر، سليمان اعمش، سلمه بن کهيل، اسماعيل بن ابي خالد وغيره (14)

 

زيد بن وهب جُهَني جا آثار

زيد بن وهب هڪ بهترين ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ” خُطب اميرالمومنين ع علي المنابر“  هيو، (15) هي پهريون شيعه ليکڪ آهن جنهن حضرت علي عليه السلام جي جمع ، عيدالفطر ۽ عيد قربان جي ڏينهن جا خطبه جمع ڪيا، (16) زيد بن وهب جي جمع ڪيل خطبن کي بعد ۾ اسماعيل بن مهران سکوني پنهنجي ڪتاب جي طور تي ظاهر ڪيو جيڪي هن زيد بن وهب جي ڪتاب کان اخذ ڪيا هئا (17)

 

 

 

 

 

(1) ابن اثير، اسدالغابه ج 2 ص 149.

(2) حموي، معجم البلدان، ج 2 ص 194.

(3) صالحي شامي، سبل الهدي والرشاد، ج 6 ص 37؛ ابن سعد طبقات الکبري ج 6 ص 160.

(4) خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ابن اثير، اسد الغابه ج 2 ص 149؛ ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534؛ ذهبي تاريخ اسلام، ج 6 ص 20؛ ابن جوزي ، المنتظم، ج 6 ص 251.

(5) ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534.

(6) شيخ طوسي، رجال، ص 64؛ همو، فهرست، ص 202؛ ابن شهر آشوب، معالم العلماء ص 51 ؛ ابن داود، رجال، ص 100؛ علامه حلي، خلاصة الاقوال ص 309؛ تفرشي، نقد الرجال، ج 2 ص 291؛ نمازي شاهرودي، مستدرک علم رجال الحديث ص 498.

(7) بيهقي، دلائل النبوة. ج 6 ص 432؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 240؛ ابن اثير اسدالغابه ج 2 ص 150.

(8) امين، اعيان الشيعه، ج 7 ص 130؛ نمازي شهارودي، مسترکات علم رجال الحديث، ص 489.

(9) ذهبي، تذکرة الحفاظ، ج 1 ص 66؛ صفدي ، الوافي، بالوفيات، ج 15 ص 26.

(10) امين، اعيان الشيعه، ج 7 ص 130؛ ابن حجر الاصابه ج 2 ص 534.

(11) مدرسي، ميراث مکتوب شيعه ص 122.

(12) شيخ صدوق، خال، ج 2 ص 461؛ ابواب الاثني عشر ح 4.

(13) ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ابن جوزي، المنتظم ج 6 ص 251؛ ذهبي تاريخ اسلام ج 6 ص 70؛ همو، تذکرة الحفاظ، ج1 ص 66

(14) ابن حجر، الاصابه، ج2 ص 534؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ذهبي، تاريخ اسلام ج 6 ص 70؛ همو؛ تذکره الحفاظ ج1 ص 67.

(15) شيخ طوسي، فهرست ص 202؛ ابن شهر آشوب، معالم العلماء ص 51؛ خويي، معجم رجال الحديث، ج 8 ص 374؛ تفرشي، نقد الرجال، ج 2 ص 291.

(16) آغا بزرگ تهراني، الذريعه ج 7 ص 192؛ شيخ طوسي، فهرست ص 202.

(17) نجاشي، رجال، ص 21.


اڳتي پڙهو »

Monday, May 29, 2023

 

سُليم بن قيس هلالي ( متوفي حدود 76 ه.ق)


تحرير: راشد علي چانڊيو

پهرين صدي هجري جوشيعه مورخ

سُليم بن قيس هلالي

ابو صادق، سُليم بن قيس هلالي عامري، هي هلال بن عامر جي قبيله مان آهي، هلال بن عامر کي حضرت اسماعيل بن ابراهيم خليل الله (ع) جي فرزندن منجهان سمجهيو ويندو آهي،


اڳتي پڙهو »

Monday, May 22, 2023

حضرت سلمان فارسي رضي الله تعالي عنه

تحرير: راشد علي چانڊيو

 پهرين صدي هجري جا شيعه مورخ


حضرت سلمان فارسي رضي الله تعالي عنه

ابو عبدالله سلمان فارسي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم صحابي هئا، پاڻ پهرين صدي هجري جي مورخن منجهان آهن جناب سلمان فارسي جا لقب سلمان محمدي، سلمان الخير، سلمان بن الاسلام هيا، جناب سلمان جو نالو اسلام آڻڻ کان پهريان روزبه بن خشبوذان هيو.  پاڻ اصل ۾ ايران جي علائقه اصفهان جي ويجهو ”جي“ يا جيان“  جا هئا ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ مهرمز جا هئا جيڪو اهواز جي ويجهو هيو.  جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم


اڳتي پڙهو »