Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: توحيد بابت عقيدا

Thursday, January 19, 2017

الله سائين بابت شيعه ۽ سني عقيدو

مولف ڊاڪٽر محمد تيجاني سماوي
(اقتباس از ڪتاب حڪم اذان)
خدا وند عالم کي ڏسڻ جي باري ۾ شيعه ۽ اهل سنت جو موقف ڪتابن ۾ بلڪل واضح آهي ، اهل سنت خداوند عالم جي باري ۾ هي عقيدو آهي ته الله سائين قيامت کان پوءِ جنت ۾ سڀني کي پنهنجو ديدار ڪرائيندو ان قسم جون روايت اهل سنت جي مستند ڪتابن ۾ موجود آهن، جيئن بخاري ۽ مسلم وغيره ۾ اهڙيون روايتون موجود آهن جن ۾ هي باور (يقين ڏياريو ويو آهي) ڪرايو وڃي ٿو ته الله سائين کي حقيقي طور تي ئي ڏٺو ويندو .[1]
بلڪه انهن ڪتابن ۾ اهڙيون به روايتون موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته خداوند عالم ڄڻ ته عام ماڻهن وانگر آهي، هو کلندو به آهي[2] ايندو ويندو به آهي، گهمندو ڦرندو آهي، ستين آسمان کان پهرين آسمان تي لهندو آهي.[3] ايسيتائين جو هو پنهنجي پنين کي کوليندو آهي آهي جنهن تي سڃاڻپ جي نشاني ٺهيل آهي،[4] ۽ جڏهن هو پنهنجو هڪ پير جهنم ۾ وجهندو ته جهنم ڀرجي ويندي، مطلب ته اهڙيون ڳالهيون الله سائين جي لاءِ انهن پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيون آهن جن کان خداوند عالم جي ذات پاڪ ۽ منزه آهي.[5]

اڳتي پڙهو »