ليبل جي لاءِ پوسٽس: مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
Tuesday, February 5, 2019
صلوات دعا جي قبوليت جو سبب آهي
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا:
دعا ڪرڻ
کان پهريان صلوات پڙهو
جيڪو شخص حمد ۽ ثناء ڪري ۽ نبي اڪرم ص تي صلوات پڙهڻ کان
بغير دعا ڪري ته ان جي مثال ان وانگر آهي ته جنهن جنهن تير ته اڇلايو پر ان وٽ
ڪمان نه هئي.
اڳتي پڙهو »
ديندار ۽ عقل مند
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا:
ديندار ۽
عقل مند جي صحبت ۾ رهو.
ديندار سان ويهڻ وارو دنيا ۽ دين ٻنهي ۾ عزت وارو آهي، خير
خواه عقل مند انسان سان مشورو ڪرڻ برڪت، بهتري گهڻائي ۽ توفيق الهي جو سبب بڻبو
آهي، جڏهن ڪو خير خواه عقل مند توهان کي
مشورو ڏئي ته ان جي مخالفت کان
پرهيز ڪريو ڇو جو ان جي خلاف ورزي
ڪرڻ سان هلاڪت آهي.
اڳتي پڙهو »
خاموش مومن
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا :
خاموش
مومن جي قريب هجي
الله جي نبي فرمايو : جڏهن توهان خاموش رهڻ واري مومن سان
ملاقات ڪريو ته ان سان قربت حاصل ڪريو ڇو جو هو حڪمت جي ڳالھ ڪندو مومن ڳالهائندو
گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو ڪندو آهي ۽ منافق ڳالهائندو گهڻو آهي ۽ ڪم گهٽ ڪندو آهي.
اڳتي پڙهو »
خاموش مومن
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا :
خاموش
مومن جي قريب رهو
الله جي نبي فرمايو : جڏهن توهان خاموش رهڻ واري مومن سان
ملاقات ڪريو ته ان سان قربت حاصل ڪريو ڇو جو هو حڪمت جي ڳالھ ڪندو مومن ڳالهائندو
گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو ڪندو آهي ۽ منافق ڳالهائندو گهڻو آهي ۽ ڪم گهٽ ڪندو آهي.
اڳتي پڙهو »
نفس جو حساب رکو
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا:
نفس جو
حساب رکو
اهو اسان منجهان نه آهي جيڪو هر روز پنهنجي نفس جو محاسبو
نه ڪري، بس جڏهن سٺو ڪم ڪريو ته ان جي اضافي جي ڪوشش ڪريو، ۽ جيڪڏهن برو ڪم ڪريو
ته الله کان ان جي لاءِ توبه ۽ استغفار ڪريو.
اڳتي پڙهو »
نيڪي جو بدلو نيڪي آهي
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا :
نيڪي جو
بدلو نيڪي آهي ڇاهي اهو ڪافر ئي ڇو نه هجي.
اي هشام: الله جو فرمان آهي احسان جو بدلو احسان کان سوا
ڪجه به نه آهي هر مومن ۽ ڪافر ، نيڪ ۽ بد
جي لاءِ نيڪي جي بدلي ۾ نيڪي ئي ڪرڻ گهرجي.
اڳتي پڙهو »
ڳالهائڻ وارا ماڻهو
حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا :
ڳالهائڻ
وارا ماڻهو
ڳالهائڻ وارن جون ٽي قسمون آهن.
1.
فائدو
کڻڻ وارا
2.
سالم رهڻ
وارا
3.
بيهوده
ڳالهائڻ وارا.
جيڪو الله جي ياد ۾ زڪر پڙهندو آهي اهو فائدو حاصل ڪرڻ وارو
آهي، ۽ جيڪو خاموش رهي اهو سالم رهڻ وارو آهي، ۽ جيڪو بيهوده ڳالهائي اهو بيڪار جون ڳالهيون ڪرڻ وارو آهي، بيشڪ الله
گار ڏيڻ واري ۽ ڪريل ڪم ڪرڻ واري ۽ حياء نه رکندڙ تي جيڪو پنهنجي ڳالهائڻ جو خيال
ناهي رکندو ان تي جنت کي حرام ڪري ڇڏيندو آهي.
اڳتي پڙهو »
خدا جي معرفت ۽ والدين سان نيڪي
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا :
خدا جي
معرفت ۽ والدين سان نيڪي
معرفت خدا کان پوءِ جيڪا شيءَ انسان کي الله جي نزديڪ ڪندي
آهي اها نماز ۽ والدين سان نيڪي ڪرڻ آهي ۽
حسد کان بچڻ آهي، خود پسندي ۽ فخر کان پرهيز ڪريو.
اڳتي پڙهو »
امام موسي ڪاظم عليه السلام
زندگي جي
قيمت
ياد رکهو: توهان جي جسم (زندگي) جي قيمت فقط ۽ فقط جنت آهي
ته بس ان کي ڪنهن ٻي شيءَ جي بدلي ۾ نه وڪڻو.
اڳتي پڙهو »
امام موسي ڪاظم عليه السلام
عقلمند ۽ حڪمت
هڪ عقلمند انسان حڪمت ۽ دانائي سان دنيا جي ٿورائي تي راضي
ٿي ويندو آهي ۽ حڪمت سان گڏ دنيا ملڻ تي خوش ناهي ٿيندو ان ڪري ان جي تجارت فائده
مند ثابت ٿيندي آهي.
اڳتي پڙهو »
امام موسي ڪاظم جي بيان ۾ انسان جي تقدير
انسان جي
تقدير
هر ماڻهو جي تقدير ۽ سر نوشت ، هڪ فرشتي جي هٿ ۾ آهي بس
جيڪو تواضع ۽ انڪساري سان پيش ايندو آهي الله سائين ان کي بلند عطا ڪندو ۽ جيڪو غرور
۽ تڪبر ڪندو ته الله سائين ان کي ذليل ۽ رسوا ڪندو.
اڳتي پڙهو »
Friday, February 1, 2019
ذڪر خدا جي فضيلت
راشد علي چانڊيو
ذڪر خدا ڪرڻ جي تمام گهڻي فضيلت آهي انسان کي گهرجي ته هر
وقت پنهنجي رب جو ذڪر ڪري ڇو جو الله سائين جو ذڪر ڪرڻ عبادت آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻا
فائدا آهن .
هتي اسان فقط ذڪر خدا جي فضيلت ۾ ڪجھ حديثون پيش ڪيون ٿا:
1. امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا : الله تعالي
فرمائن ٿا جيڪو شخص ماڻهن جي
اڳتي پڙهو »
Wednesday, January 17, 2018
دجال ڪڏهن ظهور ڪندو
اي انسانو سوال ڪري وٺو مون کان قبل انهي کان جو مان توهان
جي وچ ۾ نه رهان هي لعاب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو اثر آهي هي اهو ئي
علم آهي جيڪو رسول الله صلي الله عليه
وآله وسلم
اڳتي پڙهو »
نفس جي معرفت
حضرت امير المومنين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
سڀ کان وڌيڪ نفع بخش معرفت پنهنجي شناخت آهي، انسان جي بلند
ترين معرفت خود شناسي آهي، بلند ترين حڪمت
انسان جو خود پنهنجي معرفت ۽ پنهنجي قدر و قيمت جو اندازو ڪرڻ آهي معرفت جي آخري
منزل اها آهي ته انسان خود کي سڃاڻي بلند ترين عقل انسان جي خود شناسي آهي، جنهن خود
کي سڃاڻي ورتو عقلمند ٿي ويو ۽ جنهن خود کي نه سڃاتو اهو گمراهه ٿي ويو، جيڪو
اڳتي پڙهو »
” غور و فڪر “
حضرت امير
المومنين عليه السلام جن فرمائين ٿا ته :
غور و فڪر جي مثل ڪوئي علم ناهي، فڪر هڪ قسم جي هدايت آهي،
فڪر باعث عبرت، ۽ ڪمين ڪوتاهين کان نجات ۽ بهترين نتيجه عطا ڪرڻ واري شي آهي، فڪر
صاف و شفاف آئينوآهي، فڪر نور ۽ غفلت گمراهي آهي، فڪر مفيد حڪمت آهي عقلمند جي فڪر
هدايت آهي توهان جي فڪر توهان کي سڌي رستي جي هدايت ڪندي آهي جيڪو شخص جيڪو ڪجهه
سکندو آهي
اڳتي پڙهو »
” عقل و علم “
حضرت امير المومنين عليه السلام جن فرمايو ته:
عقل جي ذريعي انسان علمن جي چوٽين تائين پهچي سگهي ٿو، عقل
ئي اصل علم ۽ فهم وادراڪ جي دعوت ڏيڻ واري آهي عقل علم جي سواري آهي عقل جي ذريعي
حڪمت جي گهراين ۽ حڪمت جي ذريعي عقل جي گهراين کي حاصل ڪري سگهجي ٿو،غور و فڪر ڪرڻ
اکين سان ڏسڻ جي مثل نٿو ٿي سگهي،
اڳتي پڙهو »
ڪامياب انسان .
حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن فرمايو ته:
خدا انهي شخص تي
رحم ڪري جنهن حڪمت جو ڪو ڪلمو ٻُڌي انهي کي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو هدايت جي طرف انهي کي
سڏيو ويو ته انهي اچي قريب ٿيو، صحيح رهبر جو دامن پڪڙي نجات پاتي، الله کي هر وقت
نظرن ۾ رکيو، ۽ گناهن کان خوف کاڌو عمل به بي رياء پيش ڪيو، نيڪ ڪم ڪري ثواب جو
ذخيرو جمع ڪيو،
اڳتي پڙهو »
Tuesday, January 16, 2018
”زماني جا ٻه ڏينهن “
حضرت اميرالمؤمنين امام المتقين علي ابن ابي طالب عليه
السلام جن فرمائن ٿا ته زماني جا ڪل ٻه ڏينهن آهن هڪ ڏينهن تنهنجي فائدي جي لاءِ ۽
هڪ ڏينهن تنهنجي نقصان جي لاءِ آهي بس رڪجي وڃ باالآخر ٻنهي جي لاءِ حسرت ئي حسرت
آهي، لهذا اي انسان ڄاڻي وٺ ته هن دنيا ۾ جيڪو پنهنجي زبان تي قابو ناهي اهو نادم
هوندو آهي ۽ جيڪو علم حاصل ناهي ڪندو جاهل ئي رهندو آهي
اڳتي پڙهو »
” عالم جا عوام مٿان سورنهن حق“
حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمايو ته:
عالم جو حق اهيوآهي
ته انهي کان گهڻا سوال نه ڪر، جواب جي وقت انهي تي سبقت نه ڪر، جڏهن ڪجهه پيش ڪري
ته انهي تي اصرار نه ڪر، جڏهن سست ٿي رهيو
هجي ته انهي جي ڪپڙي کي نه پڪڙ،پنهنجي هٿ
سان انهي جي طرف اشارو نه ڪر، پنهنجي اکين سان انهي جي طرف اشارو نه ڪر انهي جي
مجلس ۾
اڳتي پڙهو »
خير ۽ ڀلائي ڪٿي آهي
حضرت امام علي
عليه السلام جن ارشاد فرمائن ٿا ته:
مڪمل خير ( ڀلائي )
ٽن شين ۾ آهي، نظر (نگاهه) ۾، سڪوت (خاموشي) ۾ ، ۽ ڪلام (گفتگو ) ۾
·
هر اها نظر جيڪا سبق حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه هجي اها سهو آهي.
·
هر اهو ڪلام جنهن ۾ ذڪر الاهي نه هجي اهو لغو آهي.
اڳتي پڙهو »
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
