Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو

Friday, January 19, 2024

اگر مان علي ع جي زماني ۾ هجان ها ته !!؟؟؟

سنڌيڪار: راشد علي چانديو 

هي هڪ سني عالم جو لکيل آرٽيڪل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.

هي سوال هميشه منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهندو هيو، ته جيڪڏهن مان خليفه چهارم حضرت علي ڪرم الله وجه جي زمانه ۾ هجان ها ته مان ڪهڙي طرف هجان ها؟ ڇا مان ان وقت خليفه وقت علي ابن ابي طالب کرم الله وجه جي  دفاع ۾ تلوار هٿ ۾ کڻان ها ۽ اصحاب پيامبر، حضرات طلحه، زبير، معاويه ۽ ام المومنين رضي الله سان جنگ ڪيان ها ؟ يا رسول الله ص جي گهرواري ۽ باقي صحابه جي مقابله ۾ تلوار کڻان ها؟


مان ان تشويش ۾ هيس ايتري ۾ هڪ چينل تي هڪ پروگرام پئي هليو جنهن  ۾ هڪ عالم ان ئي عنوان تي بحث ڪري رهيو هيو ۽ ان چيو ته جيڪڏهن مان ان زماني ۾ هجان ها ته حتما ام المومنين عائشه، طلحه ۽ زبير رضي الله جي دفاع ۾ تلوار کڻان ها، هن پنهنجي ڳالھ جي ثابتي لاءِ هڪ اهڙي روايت پييش ڪئي جنهن جي هن ڪا به سند پيش نه ڪئي، اها هي ته حضرت علي ڪرم الله وجه پنهنجي خلافت جي زماني ۾ ٿيندڙ جنگن ۾ جنگ وڙهڻ تي پشيماني جو اظهار ڪيو هيو، ظاهرا هي روايت تمام ڀلي هئي، پر منهنجي دل کي آرام نه پهتو، ڇا هڪ خشڪ ۽ خالي پشيماني جو اظهار ڪرڻ سان جيڪو جنگن ۾ هزارن ماڻهن جو خون وهيو اهو برطرف ٿي ويندو؟ مان تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي، مان تمام گهڻي تحقيق ڪئي، جنهن نتيجي تي پهتس اهو دعوا جي خلاف هيو، امام بخاري : جن به ام المومنين عائشه رضي الله کي پنهنجي لشکر جو سردار ڪيو اهو ڪامياب نه ٿيندا!.

مون صحيح بخاري ۾ هڪ روايت ڏٺي، صحابي رسول ابي بڪره رضي الله چوي ٿو: جنگ جمل جي زماني ۾ مون چاهيو ته جمل واري لشڪر سان ملي وڃان ۽ انهن سان گڏ جنگ وڙهان، پر روايت جيڪا مون رسول الله ص کان ٻڌي هئي، ان کي مونکي نجات ڏني، جنهن وقت رسول ص وٽ خبر پهتي ته اهل فارس کسري جي مرڻ کان بعد ۾ ان جي نياڻي کي ان جي جاءِ تي چونڊيو اٿن، فرمايو: ”جنهن قوم هڪ عورت کي پنهنجو ولي امر (حڪمران) چونڊيو اهي ڪامياب نٿا ٿي سگهن“ مان انهي روايت جي ڪري جمل جي لشڪر سان ملحق نه ٿيس. (عَنْ أَبِي بَكْرَةَ، قَالَ: لَقَدْ نَفَعَنِي اللَّهُ بِكَلِمَةٍ سَمِعْتُهَا مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَيَّامَ الجَمَلِ، بَعْدَ مَا كِدْتُ أَنْ أَلْحَقَ بِأَصْحَابِ الجَمَلِ فَأُقَاتِلَ مَعَهُمْ، قَالَ: لَمَّا بَلَغَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّ أَهْلَ فَارِسَ، قَدْ مَلَّكُوا عَلَيْهِمْ بِنْتَ كِسْرَى، قَالَ: «لَنْ يُفْلِحَ قَوْمٌ وَلَّوْا أَمْرَهُمُ امْرَأَةً».» صحیح بخاری، بخاری، ج6، ص8 و ج9، ص55).

اهڙي روايت جو صحيح بخاري ۾ هجڻ جي باوجود به ڇا هي ممڪن هيو ته مان ان وقت حضرت علي ڪرم الله وجه جي لشڪر کي ڇڏي ام المومنين عائشه رضي الله عنها جي لشکر سان گڏ ملي وڃان ها؟

جناب بن عبدالله انصاري رضي الله عنه : علي سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي.

ٻي روايت جنهن تائين مان پهتس، جيڪا صحيح سند سان هئي، ”شحامي“ اهل سنت جي وڏن محدثن منجهان هيو جنهن رسول الله ص جي جليل القدر صحابي حضرت جابر بن عبدالله انصاري کان نقل ڪيو، جنهن کان حضرت علي ڪرم الله وجه سان جنگ جي باري ۾ سوال ٿيو، هن جواب ۾ فرمايو: علي سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي ( يعني جنگ ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آهي جنگ بابت شڪ ڪرڻ به ڪفر آهي ) (بهذا الاسناد نا سويد بن سعيد نا عبدالرحيم بن سلمان عن عبيد بن ابي الجعد قال سئل جابر بن عبدالله عن قتال علي رضي الله عنه فقال: ما يشک في قتال علي الا کافر“ السباعيات الالف، زاهر بن طاهر بن محمد الشحامي، محقق، قسم المخطوعات، بشرکة افق للبرمجيات، مصر، چاپ اول، 2004ج 1 ص 78م ح 133)

ڇا ان روايت جي هوندي خود حضرت علي ڪرم الله وجه جنگ جي صحيح هجڻ ۾ شڪ ڪندو هجي ۽ وري ان تي پشيمان به ٿيو هجي ؟

ام المومنين عائشه رضي الله عنها هئي جيڪا جنگ جمل جي نتيجه تي پشيمان ٿي. اهل سنت جي بزرگ عالمن جهڙوڪ ابن سعد طبقات الڪبري ۾ (ج 8 ص 80) امام احمد بن حسين بيقهي الاعتقاد (ج 1 ص 373) ۾ ۽ علامه ابو الفرج بن جوزي روايت ڪئي آهي ته: ام المومنين حضرت عائشه رضي الله عنها کي جڏهن به جنگ جمل لاءِ وڃڻ جي ياد ايندي هئي ته ايترو ته روئيندي هئي جو ان جو حجاج پسجي ويندو هيو. (اخبرنا ابو منصور القزاز قال اخبرنا احمد بن علي بن ثابت قال اخبرنا ابو عبدالله محمد بن احمد الدقاق قال اخبرنا احمد بن عثمان الآدمي قال حدثنا محمد بن سويد قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن اسباط قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن اسباط قال حدثنا سفيان الثوري عن هشام بن عروه عن ابيه قال ما ذکرت عائشة مسيرها قط الا بکت حتي تبل خمارها وتقول ليتني مت قبل هذا و کنت نسيا منسيا“ المنتظم، عبدالرحمن بن علي بن محمد بن الجوزي ابو الفرج، دار الصادر، بيروت، چاپ اول 1358 ق ج 5 ص 95)

ام المومنين ميمونه رضي الله عنها : وڃو علي (ڪرم الله وجه) سان جنگ ۾ مدد ڪيو خدا جي قسم نه هو گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو.

امام ذهبي ام المومنين ميمونه رضي الله عنها کان روايت نقل ڪري ٿو ”جري بن کليب عامري “ چاهيو ته جنگ کان پري رهي فرمايو: حضرت علي (ڪرم الله وجه) جو جنگ ۾ مدد ڪر، ڇو ته نه هو گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو، ان کان پوءِ امام ذهبي هن روايت کي صحيح لکي ٿو. (عن ابي اسحاق عن جري بن کليب العامري قال لما سار علي اي صفين کرهت القتال فاتيت المدينة فدخلت علي ميمونة بنت الحارث فقالت ممن انت قلت من اهل الکوفة قالت من ايهم قلت من بني عامر قالت رحبا علي رحب و قربا علي قرب تجيء ما جاءَ بک قال قلت سار علي الي صفين وکرهت القتال فجئنا الي ها هنا قالت اکنت بايعته قال قلت نعم قالت فارجع اليه فکن معه فوالله ما ضل ولا ضل به هذا هديث صحيح علي شرط الشيخين ولم يخرجاه “ المستدرک علي الصحيحين، محمد بن عبدالله ابو عبدالله الحاکم النيسابوري، تحقيق مصطفي عبدالقادر عطا، دارالکتب العلميه، بيروت چاپ اول 1411ق 1990م ج 3 ص 152، ش 4680)

حضرت عبدالله بن خليفه عمر بن الخطاب رضي الله عنها جو پشيمان ٿيڻ ته مون ڇو حضرت علي ڪرم الله وجهه جي جنگين ۾ مدد نه ڪئي!

مشهور عالم دين ابن عبدالبر، پنهنجي ڪتاب ” الاستيعاب في معرفة الاصحاب ۾ لکي ٿو:

مختلف طريقن سان حبيب بن ابي ثابت کان هن عبدالله ابن عمر کان روايت نقل ڪئي آهي ته هن چيو: مان ڪنهن به شئي تي افسوس نٿو ڪريان سواءِ

 ان جي جو مان علي (ڪرم الله وجه) سان گڏ ستمگر ٽولي (الفئة الباغيه)  سان جنگ نه ڪئي ( و يروي من وجوه عن حبيب بن ابي ثابت عن ابن عمر انه قال: ما اسي علي شيء الا اني لم اقاتل مع علي الفئة الباغية“ الاستيعاب في معرفة الاصحاب، يوسف بن عبدالله بن محمد بن عبدالبر النمري، تحقيق: علي محمد البجاوي، دار الجيل، بيروت، چاپ اول 1412 ق، ج 3 ص 1117)

هي ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪي صحابه حضرت علي جي مدد  جنگن ۾ نه ڪري سهگيا اهي نه وڙهڻ تي پشيمان ٿيا  ۽ پاڻ جنگن ۾ شرڪت تي پشيمان هجي؟

ايسيتائين اهي روايتون هيون جيڪي حضرت علي ڪرم الله وجه جي باري ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ رسول الله ص جي صحابه کان نقل ٿيل هيون پر هن باري ۾ خود رسول الله ص کان تمام گهڻيون روايتون نقل ٿيل آهن جهڙوڪ:

رسول الله ص جون روايتون جيڪي ناڪثين ( عهد ٽوڙيندر) سان جنگ، قاسطين (ظالمن ) ۽ مارقين (جيڪي دين کان خارج ٿي ويا) سان جنگ.

هن باري ۾ تمام گهڻيون  روايتون موجود آهن ڪجھ صحابه موجود هئا پيغمبر اڪرم ص حضرت علي ڪرم الله وجه کي حڪم ڏنو ٽن ٽولن سان وڙه” ناڪثين، قاسطين ۽ مارقين ( حدثنا عباد بن يعقوب قال نا الربيع بن سعيد قال نا سعيد بن عبيد عن علي بن ربيع عن علي قال عهد الي رسول الله صلي الله عليه وسلم في قتال الناکثين و القاسطين والمارقين “ البحر الزخار ( مسند البزار) ابو بکر احمد بن عمرو بن عبدالخالق البزار، تحقيق: د محفوظ الرحمن زين الله موسسه علوم القرآن، مکتبة العلوم والحکم ، بيروت المدينة، چاپ اول 1409، ج3 ص 26، 27 ح 774) هيثمي ان روايت جي سند کي صحصح سمجهي ٿو( رواه البزار و الطبراني في الاوسط واحد اسنادي البزار رجاله رجال الصحيح غير الربيع بن سعيد ووثقه ابن حبان “ مجمع الزوائد ومنبع الفوائد، ابو الحسن علي بن ابي بکر الهيثمي، دار الريان اللتراث دار الکتاب العربي، القاهره، بيروت 1407 ق، ج 7 ص 238)

حضرت عمار ياسر، عبدالله بن سمعود، ابو ايوب انصاري، خزيمه ذوالشهادتين، ابو سيعد خدري ۽ ٻين اصحاب رضوان الله عليه کان نقل ٿيل آهي ته : رسول الله ص انهن کي فرمايو : حضرت علي (ڪرم الله وجهه) جي دفاع ۾ قاسطين ، مارقين ۽ ناڪثين سان وڙهجو( الاستيعاب في معرفة الاصحاب ج 3 ص 1117)

ان سڀني ڳالهين جي هوندي ڪو به شخص اهڙي دعوا نٿو ڪري سگهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه پنهنجي زماني جي جنگين ۾ اشتباه ڪيو ۽ انهن جي انجام پذير ٿيڻ تي پشيمان هيو ڇو ته هي جنگيون جيڪي پاڻ وڙهيون اهي رسول الله ص جي حڪم مطابق هيون.

 

 

 

 


اڳتي پڙهو »

Monday, July 3, 2023

غدير ۽ جانشيني حضرت علي عليه السلام يورپي مورخن جي نظر ۾

 


سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو

مقدمو: حضرت علي عليه السلام جي جانشيني بابت مسلمانن کان علاوه ڪجھ يورپي مورخن به لکيو آهي جڏهن ته انهن طرفان غدير بابت گهٽ ئي لکيو ويو آهي


انهن پنهنجي پوري تحقيق ان موضوع تي ناهي ڪئي البته مولا علي عليه السلام بابت انهن ڪافي ڪجھ لکيو آهي جيئن مادلونگ جنهن جانشيني حضرت محمد نالي کتاب لکيو آهي،
اڳتي پڙهو »

Monday, February 4, 2019

مولا عليه السلام جي ڪميل ابن زياد کي وصيت


اميرالمؤمنين عليه السلام:
 اي ڪميل ابن زياد هر ڏينهن جي ابتدا الله جي نالي سان ڪر ۽ الله تي توڪل رک ۽ اسانجو ذڪر ڪر ۽ اسان تي صلوات پڙهه، اي ڪميل بتحقيق رسول الله کي خداوند متعال تعليم ڏني ۽ انهي مونکي تعليم ڏني ۽ مان مومنن کي تعليم ڏيان ٿو، ۽ مان نبين جي علم جو وارث آهيان.
اي ڪميل ! مومن جي بهترين آرائش ان جي تواضع سان آهي ان جي خوبصورتي  پاڪدامني سان آهي، ان جو شرف شخصيت سان آهي ۽ ان جي عزت ان جي گفتگو مان ظاهر ٿيندي آهي.

اڳتي پڙهو »

Wednesday, January 17, 2018

شيعه ڪير آهن ؟


حضرت امير المومنين عليه السلام جن کان هڪ شخص عرض ڪيو مولا اوهان جي شيعن جون علامتون ڪهڙيون آهن.
مولاجن ارشاد فرمايو ته:
Image result for ‫شيعه کيست‬‎ اسان جا شيعه عارف باالله هوندا آهن، ۽ حڪم خدا جي مطابق عمل ڪندا آهن، اهي صاحب فضائل هوندا آهن، ۽ سچ چوندا آهن، انهن جي خوراڪ قوت لايموت هوندي آهي انهن جو لباس ٿلهو ۽ انهن جي چال متواضع هوندي آهي ڪڏهن ڪنهن حرام شي تي نظر ناهن وجهندا ڪن پنهنجي رب جي حڪم تي

اڳتي پڙهو »

اهلبيت جا فضائل


حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن فرمايو ته:
 الله تعاليٰ اسان اهلبيت عليهم السلام سان هر شي جو آغاز ڪيو ۽ اسان تي ئي انتها ۽ اختتام ڪندو اسان ماڻهن تي اطاعت ۽ ولايت جو حق رکون ٿا، ۽ انهن جي لاءِ اڄ دنيا ۾ اسان گواهه آهيون انهن جي اعمال ۽ افڪار کان آگاهه آهيون اسان اهلبيت عصمت عليهم السلام، نبوت جي درخت ۽

اڳتي پڙهو »

امام علي ع جون نصيحتون نهج البلاغه ۾


حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
Image result for ‫علي و نهج البلاغه‬‎ اي انسانو! مان توهان کي الله کان ڊڄڻ جي وصيت ٿو ڪريان ۽ ان جي انهي نعمتن تي جيڪو انهي توهان کي ڏنيون آهن، ۽ انهن احسانن تي جيڪي توهان تي هميشه ڪيا آهن بڪثرت حمد و عبادت جي نصحيت ڪيان ٿو، جنهن پنهنجي رحمت سان توهان جي مدد ڪئي، توهان اعلانيه برائيون ڪيون ليڪن انهي توهان جي پرده پوشي ڪئي، توهان اهڙيون حرڪتون ڪيون جيڪي قابل گرفت هيون،

اڳتي پڙهو »

” قرآن جي عظمت حضرت علي ع جي نگاه ۾


حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
هي قرآن اهڙو نصيحت ڪرڻ وارو آهي جيڪو فريب ناهي ڏيندو، جيڪو به قرآن مجيد جو هم نشين ٿيو اهو هدايت ڏانهن وڌيو ۽ گمراهي ۽ ضلالت کي گهٽائي انهي کان الڳ ٿيو يقينن بندن جي لاءِ الله جي طرف متوجهه ٿيڻ جو انهي جهڙو ڪوبه ذريعو ڪونهي.
وڌيڪ فرمايائون :  قرآن جي تعليم حاصل ڪيو انهي جي لاءِ جو اهو بهترين ڪلام آهي، ۽ ان جي احڪامن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو انهي جي لاءِ جو اهو ڪشئه دل جي لاءِ بهار آهي، ۽ ان جي روشني سان پنهنجن نفساني بيمارين کي دور ڪيو انهي جي لاٰءِ جو اهو سينن جي نفساني  بيمارين جي لاءِ شفا آهي.

اڳتي پڙهو »

Tuesday, January 16, 2018

حضرت علي ۽ تورات جي تلاوت .


حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمايو ته:
 مون تورات جي ٻارنهن آيتن جو عربي ۾ ترجمو ڪيوآهي ۽ ٽي مرتبه انهن آيتن کي پڙهندو آهيان، ۽ اهي ٻارنهن آيتون هي آهن،
1)                 الله پنهنجي بندي کي چوي ٿو ته جيستائين منهنجي حڪومت توتي قائم آهي، انهي وقت تائين ڪنهن سلطان کان خوف کائڻ جي ضرورت ناهي ۽ منهنجي حڪومت ۽ شاهي ڪڏهن ختم نه ٿيندي.
2)                 مونکي حاصل ڪري ڪنهن ٻئي تي اميد نه رکجان ڇو جو منهنجا خزانه ڀريل آهن انهي جي لاءِ ڪنهن ٻئي تي اميد نه رکجان

اڳتي پڙهو »

حضرت علي عليه السلام جا فضائل رسول الله جي زباني .


حضرت جابر بن عبدالله جو قول آهي ته:
 مان حضور صه جن کان ٻڌو ته پاڻ صه جن فرمائي رهيا هيا ته الله تعاليٰ ج علي عه کي ڪجهه اهڙا فضائل عطا فرمايا آهن جو پوري دنيا وارن کي انهن مان هڪ فضيلت به نصيب ٿئي ته هي ان جي لاءِ فخر لاءِ ڪافي آهي.
ته جنهن جنهن جو مان مولا آهيان ان ان جو علي عه مولا آهي.
علي عه مونسان ائين آهن جيئن موسيٰ عه سان هارون عه
علي عه مون مان آهي ۽ مان علي مان آهيان

اڳتي پڙهو »

Wednesday, April 20, 2016

مولود ڪعبه ڪير آهن؟



موضوع شروع ڪرڻ کان پهريان سڀني مسلمانن کي امير المومنين، قاتل المشرڪين فاتح بدر، خندق، خيبر، مولود ڪعبہ، جانشين پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولادت با سعادت جي موقعي تي سڀني مسلمانن کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.
مقدمو:
ڪعبة الله جي تاريخي حيثيت
ڪعبة الله تمام قديمي عبادت گاه آهي جنهن جي بنياد حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جون ديوارون حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام تعمير ڪيون هيون، جيتوڻيڪ هي گهر بناوٽ جي لحاظ سان تمام سادو آهي ۽ ظاهري آرائش ۽ خوبصورتي کان خالي آهي ۽ پٿرن جي هڪ سدهي ۽ سادي عمارت آهي پر ان جو هڪ پٿر برڪت ۽ سعادت جي سرچشمي سان گڏ عزت ۽ حرمت جو مرڪز ۽ محور به آهي.[1]
خداوند عالم جو فرمان آهي:

اڳتي پڙهو »

Monday, March 14, 2016

ڪعبة الله جي تاريخي حيثيت

بسمہ تعالي
ڪعبة الله جي تاريخي حيثيت
تحرير: راشد علي چانڊيو
Image result for ‫کعبه‬‎ڪعبة الله تمام قديمي عبادت گاه آهي جنهن جي بنياد حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جون ديوارون حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام تعمير ڪيو هيون، جيتوڻيڪ هي گهر بناوٽ جي لحاظ سان هيءَ گهر تمام سادو آهي ۽ ظاهري آرائش ۽ خوبصورتي کان خالي آهي ۽ پٿرن جي هڪ سدهي ۽ سادي عمارت آهي پر ان جو هڪ پٿر برڪت ۽ سعادت جي سرچشمي سان گڏ عزت ۽ حرمت جو مرڪز ۽ محور به آهي.[1]
خداوند عالم جو فرمان آهي:
” جَعَلَ اللّٰہُ الکعبۃ البیت الحرام“[2]
الله تعالي خانه ڪعبه کي تعظيم وارو گهر قرار ڏنو آهي

اڳتي پڙهو »

Wednesday, January 27, 2016

دوست ۽ دوستي امام علي ع جي ڪلام ۾

بسم الله الرحمن الرحيم

تحرير : راشد علي چانڊيو
مقدمو:
مشهور چوڻي آهي هزار دوست گهٽ آهن پر هڪ دشمن ئي گهڻو آهي، هي صحيح به آهي پر دوست ڪنهن کي چوندا آهن ، حقيقي دوست ڪير آهي ، دوستي جا شرائط ڪهڙا آهن، ان جون حدون ڪهڙيون آهن ، دوست جي مضبوتي ۽ دوستي جو دشمني ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ڪهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ گهرجي ، ڪهڙن ماڻهن جي دوستي کان پري رهڻ گهرجي؟ اهي تمام سوالات ۽ ان سان مربوط سوالات تي هن موضوع ۾ بحث ڪئي ويندي.

اڳتي پڙهو »

Sunday, January 10, 2016

حضرت علي عليه السلام جي عدالت

تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:
عدالت اها حقيت آهي جنهن تي دنيا جو نظام قائم آهي، وڏن وڏن آسماني سيارن کان وٺي ڪري ننڊن ننڊن ذرت تائين هر شيء ۾ عدالت جو نظام موجود آهي، جيڪڏهن ان پوري نظام ۾ عدالت جو توازن ٿورو به هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي ته هي نظام هستي درهم برهم ٿي ويندو، خود انسان جو وجود ۽ ان جي بدن جو سسٽم، خدا جي نظام ۽ ان نظام جي توازن ۽ تعادل جو بهترين مظهر آهي.

اڳتي پڙهو »

حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي باري ۾ ابن ابي الحديد جو نظريو

تحرير: راشد علي چانڊيو


جيئن ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي عام دعائن جي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته هو الله جا ولي مطلق ، حضور ۽ شهود جي فضا ۾ زندگي بسر ڪندا هئا ڇو جو پاڻ عليه السلام خداوند عالم جي بارگاه ۾ هن طرح عرض ڪندا هئا:
”سُبْحانَک مَلاٴتَ کلّ شیءٍ و بایَنْتَ کلّ شیئٍ فاٴنت الّذی لا یفقدک شیئٍ واٴنت الفعّال لما تشاء“[1]

اڳتي پڙهو »

Friday, March 27, 2015

اميرالمومنين ڪير آهي ؟؟؟


تحرير: راشد علي چانڊيو

جيئن ئي  تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو ته اسان کي تمام گهڻي تعداد ۾ اميرالمومنين ڏسڻ ۾ اچن ٿا تاريخ ۾ هر خاص ۽ عام کي اميرالمومنين ڪوٺيو ويو آهي چاهي اُهو ڪنهن ننڍي رياست جو سردار هجي يا وري مسلمانن جو خليفو هجي.

رسول خدا ص جي موجودگي ۾ هي لقب فقط هڪ شخص ئي لاءِ مخصوص هو پر جڏهن رسول خدا ص هن دنيا مان رحلت ڪري ويا ته هي لقب هر والي کي ملڻ شروع ٿي ويو چاهي اُهو ڪنهن رياست جو والي هجي يا ڪنهن شهر جو والي هجي يا وري مسلمانن جو خليفو هجي بغير ڪنهن فرق جي هي لقب عام ٿي ويو.
هاڻي غور ۽ فڪر جي ڳالھ هي آهي ته رسول خدا ص جي زندگي ۾ هي لقب هڪ شخص لاءِ خاص هو ته پوءِ هي لقب عام ڇو ٿي ويو ؟؟
هن جي خاص وجه هي آهي ته اگر هن لقب کي هر ڪنهن والي جي لاءِ معين نه پيا ڪن ته انهن کي اصلي اميرالمومنين کي تسليم ڪرڻو پوي پيو حقيقي اميرالمومنين کي تسليم ڪرڻ سان انهن لاءِ حڪومت هلائڻ جو جواز ئي نه پيو ٿئي اِن ڪري انهن پنهنجي پاڻ کان وٺي هر شهر ۽ رياست جي والي کي اميرالمومنين جو درجو ڏئي ڇڏيو ته جيئن هي لقب ڪنهن خاص فرد ۽ شخصيت لاءِ باقي نه رهي سگهي، هاڻي اسان تاريخ ڏانهن رجوع ڪيون ٿا ته رسول خدا ص ڪهڙي شخيصت جي لاءِ اميرالمومنين جو لقب مخصوص ڪيو ؟؟
جڏهن رسول خدا ص هن دنيا مان رحلت ڪري ويا ۽ مسلمانن غدير واري اعلان کي وساري ڪري حضرت ابوبڪر کي رسول خدا ص جي جانشين طور بيعت ڪئي هن جي جي بيعت انصار ۽ مهاجرين گڏجي ڪئي سواء حضرت علي ۽ ڪجه مخصوص اصحاب جي.

 ابوبڪر جي بيعت جي بيان ۾ آهي  
سليم بن قيس هلالي کان روايت آهي ته حضرت عمر، حضرت ابوبڪر کي چيو ته ڪنهن قاصد کي حضرت عليؑ ڏانهن موڪليو ته هو اسان وٽ بيعت ڪرڻ جي لاءِ اچي، ڇو جو حضرت عليؑ جي بيعت ڪرڻ سان اسان جي بادشاهي ۽ سلطنت مضبوط ٿيندي
حضرت ابوبڪر هڪ شخص کي حضرت عليؑ ڏانهن موڪليو ته توهان هينئر تائين منهنجي بيعت لاءِ ناهيو آيا اوهان اچو ۽ منهنجي بيعت ٻين اصحاب رسول مهاجرين ۽ انصار وانگر ڪيو.
 حضرت علي ؑ جواب ۾ فرمايو ايتري جلدي ۾ رسول خدا جي طرف ڪوڙي نسبت ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ابوبڪر ۽ جيڪي اُنجي اطراف ۾ آهن اُهي سڀ ڄاڻين ٿا ته خدا ۽ ان جي رسول ابوبڪر کي خليفو مقرر نه ڪيو آهي پر مون کي الله ۽ اُن جي رسول خليفو مقرر ڪيو.
ٻئين دفعي ابوبڪر، حضرت علي عليه السلام ڏانهن پيغام موڪليو ته اچي ڪري پنهنجي اميرالمومنين جي بيعت ڪيو، جڏهن هي پيغام پاڻ ع ٻڌو ته فرمايائين:
 سبحان الله رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي هن دنيا مان ويندي ايتري دير به نه ٿي آهي جو اِنهن  پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي وساري ڇڏيو! خدا جي قسم ابوبڪر ڄاڻي ٿو ته هو هن لقب(اميرالمومنين) جي صلاحيت نٿو رکي هي لقب فقط منهنجي لاءِ آهي ۽ مان ان جي صلاحيت به رکان ٿو.
رسول خدا ڇهن اصحابن کي حڪم ڏنو هو ته مون کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪن، اُن تي ابوبڪر ۽ هن جي رفيق ( عمر) رسول خدا کان سوال ڪيو هو ڇا هي حڪم حق آهي؟ ۽ ڇا هي حڪم خدا ۽ ان جي رسول جي طرفان کان آهي؟ پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ارشاد فرمايو ها هي حڪم سچو آهي، الله ۽ ان جي رسول جي طرفان آهي ، علي عليه السلام اميرالمومنين ، سيد المسلمين ۽ صاحب پرچم مومنين آهن، ۽  جيڪي قيامت جي ڏينهن نوراني چهرن وارا هوندا،خداوند عالم علي عليہ السلام کي پل صراط تي معين ڪندو ۽ علي کي اجازت ڏيندو ته تون اولياء ۽ پنهنجن دوستن، مڃڻ وارن کي جنت ۾ موڪل ۽ پنهنجي دشمنن کي جهنم ۾ موڪل.(  احتجاج طبرسي ج 1 ص 107 ، مدينة المعاجز بحراني در ذيل معجزه دوم)

ان روايت کان علاوه  حضرت علي عليه السلام جي لاءِ اميرالمومنين جو لقب مخصوص هجڻ جي لاءِ هن واقعي کي به نقل ڪيو ويو آهي
سيد ابن طاووس جرياني حذيفہ کان نقل ڪن ٿا ته حذيفہ حضرت علي عليہ السلام جي دور کان پهريان (يعني عثمان جي خلافت ۾) مدائن جو گورنر هو، حضرت علي السلام خلافت تي ايندي ئي حذيفہ ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ پنهنجي بيعت جي لاءِ حذيفه ۽ اُتان جي ماڻهن کي چيائين، جڏهن حذيفہ وٽ مولا علي عليہ السلام جو خط پهتو حذيفہ بيمار هيو، هو مريض هجڻ جي باوجود صحيح ٿي ويٺو ۽ ٽي مرتبه چيائين خدا جي قسم هي حقيقي اميرالمومنن آهي، ۽ توهان جي مٿان هي والي آهي،
حذيفہ جي درٻار مان هڪ فارس سان تعلق رکڻ وارو جوان تلوار ۾ هٿ وجهي ڪري پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ عرض ڪيائين اي امير اگر اجازت هجي ته ڪجه چوان، حذيفہ چيو چئو، هن جوان سوال ڪيو ڇا علي عليہ السلام هاڻي اميرالمومنين ٿيو آهي يا پهريان کان ئي اميرالمومنين هيو؟ حذيفہ چيو علي عليہ السلام پهريان ئي اميرالمومنين هيو، اُن جوان چيو اهو ڪيئن؟ حذيفہ چيو پيغمبر اڪرم ص حڪم ڏئي ڇڏيو هو ته جنهن وقت دحيه ڪلبي مون وٽ هجي ٻيو ڪير به اندر نه اچي،
هڪ ڏينهن مان ڪنهن ضروري ڪم سان رسول خدا ص جي خدمت ۾ اچڻ چاهيس ته دحيہ ڪلبي رسول خدا ص وٽ ويٺو هيو ۽ رسول خدا آرام ۾ هئا پوءِ مان حضرت علي السلام وٽ آيس ۽ عليؑ کي پنهنجي ڪم کان آگاه ڪيم پوءِ مان ۽ حضرت عليؑ  گڏجي آياسين مان دروازي جي قريب بيهي رهيس ۽ حضرت عليؑ  اندر داخل ٿيا ۽ سلام ڪيائين دحيہ ڪلبي سلام جي جواب ۾ چيو عليڪم السلام ورحمة الله وبرڪاتہ يا اميرالمومنين ،اُن وقت رسول خدا دحيہ ڪلبي جي هنج ۾  آرام ڪري رهيا هئا ۽ دحيہ ڪلبي حضرت عليؑ  کي مبارڪ ڏني ته ياعلي ع پيغمبر اڪرم ص فرمايو آهي ته علي عليہ السلام کي مبارڪ ڏجو ته الله تعالي تمام ملائڪه کي حڪم ڏنو آهي ته عليؑ  کي تمام جهان جو اميرالمومنين ڪري سلام موڪليو، پوءِ حضرت عليؑ  ٻاهر آيو ۽ فرمايائين : اي حذيفہ ڇا ٻڌئي؟ مون چيو: جيڪو دحيہ ڪلبي اوهان جي باري ۾ جيڪو چيو  مون اُهو سڀ ٻڌو.
اُن وقت فارسي جوان چيو ته جنهن ڏينهن ابوبڪر جي بيعت ورتي پئي وئي اُن ڏينهن توهان جون تلوارون ڪاڏي ويون هيون؟ حذيفہ چيو اي جوان اُن ڏينهن اسان جون اکيون ۽ ڪن بند هيا ۽ موت جو خوف هيو زندگي کي خوبصورت سمجهوسين ۽ اسان خدا جي حڪم کان ڪنارو ڪيوسين ۽ اُنهي گناه جي معافي سڄي زندگي الله کان وٺندو ٿو اچان اُهو ئي صاحب اختيار آهي]( بحارالانوار ج 37 ص 325 )

امام محمد باقر عليہ السلام کان روايت
هڪ حديث ۾ آهي ته امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا جڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم حڪم ڏنو ته علي عليه السلام کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪندا ڪيو ته  اهي ٻه ماڻهو (ابو بڪر ۽ عمر) ٻاهر نڪري هڪ ٻي کي چيائون ” والله لا نسلّم لہ ما قال ابداً “ خدا جي قسم اسان ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين“ ( بحارالانوار ج 37 ص 323)
اهي اصحاب ته آخر تائين زبان سان ته اميرالمومنين جو اقرار ڪندا هئا پر ڪڏهن به دل سان اميرالمومنين نه چيائون ۽ انهي سبب جي ڪري حضرت علي عليہ السلام سان دشمني ڪندا رهيا ۽ حضرت عليؑ جو جيڪو حق خلافت هيو ان کي به غصب ڪيو ويو ۽ مسلمانن اکيون بند ڪري حضرت علي ع جي جاء تي ٻين کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو پر حق جي پيروڪارن ڪڏهن به انهن کي پنهنجو ولي ۽ آقا تسليم نه ڪيو
رسول خدا صلي الله عليہ وآلہ وسلم تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن شخص کي حضرت علي عليہ السلام تي حاڪم يا سردار مقرر نه ڪيو :

اميرالمومنين لاءِ ابن شهر آشوب جي روايت
ابن شهر آشوب مخالفين کان روايت نقل ڪئي آهي ته برده ۽ بُراء پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کان روايت نقل ڪن ٿا ته پيغمبر ٻن گروهن کي يمن جي طرف موڪليو هڪ گروه جو سردار علي ابن ابي طالبؑ کي قرار ڏنائين ۽ ٻي گروه جو سردار خالد بن وليد کي قرار ڏنائين پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ٻنهي گروهن کي مخاطب ڪندي فرمايو، جيسيتائين توهان گڏ هجو ته لشڪر جو سردار حضرت علي عليہ السلام هوندو جتي جدا ٿيو ته مقرر ڪيل ئي لشڪر جو سردار هوندو ۽ پيغمبر ص جو طريقه ڪار به ايئن ئي هوندو هو ته هميشه حضرت علي عليه السلام کي ماڻهن جو مولا ، فرمانده ۽ حاڪم مقرر ڪندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي شخص کي حضرت عليؑ تي مولا يا حاڪم مقرر نه ڪيائين(بحارالانوارج 37 ص 335)

ٻي روايت:
هڪ شخص جنهن جو نالو عليّ بن خرّور آهي چيو ٿو:مان ۽ اعلاء بن هلال خفاف، ابو اسحاق سبيعي وٽ وياسين جيڪو خراسان کان آيو هو، مون ابو اسحاق کي چيو ، مان چاهيان ٿو ته توکي هڪ حديث ٻڌايان جنهن کي ابو داود، عمران بن حصين خزائي کان ۽ ان بريده بن حصيب اسلميّ کان روايت ڪئي آهي،
ابو اسحاق چيو ها ٻڌايو:  مون (عليّ بن خرّور) چيو ته ابو داود چيو ته جڏهن ماڻهن حضرت ابوبڪر جي بيعت ڪرڻ تي آماده ٿيا، بريده عمران بن حصين وٽ ويو ۽ چيائينس: اي عمران ڏسين ٿو ته ماڻهن جيڪو رسول خدا ص کان ٻڌو اُنهي کي وساري ڇڏيو جڏهن رسول خدا ص هو ته ماڻهو رسول خدا ص وٽ ايندا هئا، سلام ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآله وسلم اُنهن کي چوندا هئا ته وڃو علي عليہ السلام کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو، ته ڪنهن به شخص اُن تي اعتراض نه ڪيو هو سواءِ حضرت عمر جي، حضرت عمر چيو هو ته يا رسول الله ڇا هي حڪم الله ۽ ان جي رسول جي طرفان آهي ؟ پيغمبر فرمايو هيو، ها هي حڪم خدا ۽ اُن جي رسول جي طرفان آهي.
عمران چيو ها ٻڌو آهي، اُن وقت عمران بريده کي چيو ته اچ ابوبڪر کان هلي پڇون ٿا ته جڏهن رسول خدا ص حضرت عليؑ  جي باري ۾ چيو ته هن کي اميرالمومنين ڪري سلام ڪيو ته ڇا هي حڪم رسول خدا ص کان واقعي جاري ٿيو هو ۽ منهنجي خيال ۾ حضرت ابوبڪر رسول خدا ص کان ڪوڙ نقل نه ڪندو ۽ نه رسول خدا جي طرف ڪوڙ جي نسب ڏيندو
عمران ۽ بريده حضرت ابوبڪر وٽ آيا ۽ حضرت ابوبڪر کان پڇائون ته ڇا تون به انهن منجهان آهين جن کي رسول خدا فرمايو هو ته حضرت عليؑ کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو؟ حضرت ابوبڪر چيو يقيناً مان به انهن منجهان هيس، اسان کي رسول هي حڪم ڏنو هو ۽ اسان علي ؑ کي اميرالمومنين چئي ڪري سلام ڪيو هو، بريده چيو ته:  تون ان ڳالھ جو اقرار ڪرين ٿو پوءِ ڪنهن به مسلمان جي لاءِ مناسب ناهي ته هو حضرت علي عليہ السلام تي ولي(فرمانروا، حاڪم) ٿئي، جڏهن ته رسول خدا عليؑ کي اميرالمومنين بڻايو هو؟ 
جيڪڏهن تون پيغمبر ص جي طرفان ڪو خاص حڪم رکين ٿو يا توکي رسول خدا ص پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي ته اسان کي ٻڌا اسان توکي سچ ڳالهائڻ وارو سمجهي رهيا آهيون!!
حضرت ابوبڪر چيو: نه خدا جي قسم نه مون وٽ رسول خدا ص جي طرفان ڪو عهدو آهي ۽ نه ئي ڪو حڪم، فقط مسلمانن پنهنجو نظريو ڏنو ۽ مان اُنهي جي پيروي ڪري رهيو آهيان( يعني مون کي مسلمانن هن جاءِ تي ويهاريو آهي)
بريده چيو: خدا جي قسم تون ۽ مسلمان هي حق نٿا رکو ته رسول خدا ص جي نافرماني ڪيو.
 حضرت ابوبڪر چيو ٿورو صبر ڪيو مان ڪنهن کي حضرت عمر وٽ موڪليان ٿو، حضرت عمر آيو، حضرت ابوبڪر، عمر کي چيو ته هي ٻه شخص هڪ مسئلو کڻي آيا آهن، مسئلي کي عمر سان بيان ڪيائين، عمر به ان ڳالھ جي تصديق ڪئي ته مون به رسول خدا کان ٻڌو هو پر مون وٽ هن جو حل(يعني خلافت لاءِ ابوبڪر کي اهل قرار ڏيڻ جو) موجود  آهي،
بريده چيو تو وٽ ؟
عمر چيو ها مون وٽ.
بريده چيو تو وٽ  ڪهڙو حل آهي؟
 عمر چيو ته نبوت  ۽ حڪومت( خلافت) هڪ ئي جاندان ۾ جمع ناهي ٿيندي ۽ هي الله جي قانون جي خلاف آهي !!!!!
بريده جيڪو تمام گهڻو فصيح، حاضر جواب ۽ تمام گهڻي جرئت وارو هو موقعہ جو فائدو وٺندي عمر کي چيائين:
ڇا تون الله تي تهمت هڻي رهيو آهين؟ ڇا تو خداوند عالم جي ڪتاب قرآن مجيد  مان هن آيت جي تلاوت ناهي ڪئي؟ [ام يحسدون الناس علي ما آتاهم الله من فضلہ فقد آتينا آل ابراهيم الکتاب والحکمة وآتيناهم ملکاً عظيماً] (سوره نساء 54)
ماڻهون حسد ڪن ٿا ته الله تعالي پنهنجو فضل عطا ڪيو آهي آل ابراهيم جي لاءِ ڪتاب ۽ حڪمت ۽ انهن جي لاءِ ئي وڏي حڪومت آهي.
بس خداوند عالم انهن جي لاءِ ئي پيغمبري ۽ حڪومت کي قرار ڏنو آهي ۽ هڪ ئي جاء تي ٻئي آهن پيغمبري ۽ حڪومت.
حضرت عمر جڏهن هي لفظ ٻڌا ته تمام گهڻو ناراض ٿيو ۽ مون ڏٺو  ته عمر جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون، پوءِ چيائين ته توهان ان ڪري آيا آهيو ته امت جي اتحاد کي خراب ڪيو ؟ ۽ امت جي درميان فتنو پيدا ڪيو ؟ (مناقب ابن شهر آشوب: ج 3 ص 52 )
هن روايت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري قدر پاڻ به تسليم ڪندا هئا ته حضرت علي عليه السلام جي ڪيتري فضيلت آهي انهن سچ کي لڪائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ تمام گهڻن ئي بهانن سان پنهنجي حڪومت جو دفاع ڪيائون حق ٻڌي حق ڏسي ڪري به حق پٺيان نه لڳا ۽ پنهنجي حڪومت جي خاطر پياري نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي فرمانن کي ٺڪرائيندا رهيا،
جڏهن حضرت علي عليہ السلام تمام مومنين جو امير آهي ته ڪنهن کي جرئت آهي جو حضرت علي عليہ السلام تي حڪمراني ڪري؟ جڏهن ته حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ٻنهي اِن ڳالھ کي تسليم ڪيو ته رسول خدا اسان کي حڪم ڏنو هو ته علي عليہ اسلام کي اميرالمومنين ڪري سلام ڪيون پوءِ به حضرت علي عليہ السلام جي حق کي غصب ڪيو ويو ۽ جڏهن بريده اعتراض ڪيو ته ڪهڙي انداز سان حضرت عمر جواب ڏنو ته پيغمبري ۽ حڪومت هڪ جاءِ تي جمع نه ٿيندا، ڪهڙي مذهب مان هن استدلال ڪيو ؟ ڇا هنن ايترو جلد قرآن کي وساري ڇڏيو هو؟ وري جڏهن انهن کي دليل طور تي هڪ آيت ٻڌائي وئي ته پنهنجو روايتي غصو ظاهر ڪندا رهيا ؟ هاڻي اندازو توهان پاڻ ئي لڳايو ته ڇا حضرت علي عليہ السلام کان علاوه ٻيو ڪو اميرالمومنين آهي؟ رسول خدا به هن لقب کي فقط حضرت علي عليہ السلام جي لاءِ ئي قرار ڏنو آهي پر تمام گهڻي حيرت سان اسان تاريخ ۾ يزيد جهڙي فاسق ۽ فاجر انسان لاءِ به اميرالمومنين جو لفظ ٻڌو آهي ، يعني علي جي مخالفن وٽ ڪوبه آئين نه آهي جيڪو به حڪومت ڪري اُهو اميرالمومنين آهي، جيئن هاڻ(دائش جو سربراه) ابوبڪر البغدادي به پاڻ کي خليفو سڏرائي چڪو آهي، اميرالمومنين لقب صرف ۽ صرف مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليہ السلام جي لاءِ ئي آهي، اسان شيعن وٽ حضرت امام حسن عليہ السلام به اميرالمومنين نه آهن ۽ نه وري باقي ٻيا امام اميرالمومنين آهن پر جيڪي غير شيعه آهن انهن وٽ ته هر حڪومت ڪرڻ وارو اميرالمومنين آهي چاهي اُهو حجاج بن يوسف جهڙو ظالم ئي ڇو نه هجي
هاڻي توهان جي سوچ تي موقوف آهي ته توهان ڪيتري قدر حق کي سمجهو ٿا. ۽ حق جي پيروي ڪيو ٿا
خدا اسان سڀني کي  پنهنجي حقيقي رهبرن جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ آمين
التماس سوره فاتحه مرحوم برڪت علي چانڊيو 

اڳتي پڙهو »