Ad 468 X 60

Sunday, June 4, 2023

حضرت عمار بن ياسر رضي الله عنه جي سوانح حيات

 

تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو:

حضرت محمد مصطفي ص جو عرب جي معاشري ۾ اچڻ ۽ الله طرفان پيغمام پهچائڻ  ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي خطاب ڪرڻ ته مان الله جو رسول آهيان اوهان جي هدايت جي لاءِ مبعوث ٿيو آهيان


انهي دعوت تي جن ماڻهن لبيڪ چيو انهن مان غريب ۽ غلامن جي تعداد ٻين کان گهڻي هئي انهن مان هڪ حضرت عمار بن ياسر بن عامر، به هئا جنهن جي ڪنيت ابو يقظان ۽ پاڻ  ابو حذيفة بن المغيرة بن عبدالله بن عمرو بن مخزوم سان هم پيمان هيو[1]، حضرت عمار جو خاندان عنس بن مالڪ سان ملي ٿو جيڪو قحطاني قبليه منجهان هيو ۽ هي قبيلو يمن ۾ رهندو هيو، حضرت عمار جو پيءَ جواني ۾ ئي يمن کان هجرت ڪري مڪه ۾ آيو ۽ اتي رهڻ لڳو.[2]

ياسر جو مڪه جي طرف اچڻ جي علت هي هئي جو انهن جو هڪ ڀاءُ گم ٿي ويو هيو ياسر پنهنجي ٻن ڀائرن مالڪ، ۽ حارث سان گڏ ان کي ڳولڻ لاءِ مڪه تي آيو، حارث ۽ مالڪ يمن واپس موٽي ويا پر ياسر ابو حذيفه سان هم پيمان ٿي ان سان گڏ مڪه ۾ رهڻ لڳو، سميه حذيفه جي ڪنيز هئي ۽ هن پنهنجي ڪنيز جو نڪاح جناب ياسر سان ڪيو ۽ سميه کي آزاد ڪيو سميه مان جناب ياسر کي ٻه پٽ هڪ عمار ۽ ٻيو عبدالله بن ياسر پيدا ٿيا، هي پيمان عبدالله ۽ ياسر بعد ۾ به جاري رکيو حضرت عمار آخر وقت تائين رسول الله جي سيرت ۽ سنت جي حفاظت ڪئي ۽ حضرت علي عليه السلام جو وفادار ساٿي رهي ڪري جنگ صفين ۾ شهادت جي درجي تي فائز ٿيا.

تاريخ پيدئش

حضرت عمار جي تاريخ پيدائش مشخص نه آهي پر سال جي لحاظ سان پاڻ عام الفيل واري سال پيدا ٿيا هئا عمار پاڻ چوندا هئا ” مان پيغمبر جي هم عمر هيس“ جناب عمار کان وڌيڪ پيغمبر جي هم سن ٻيو ڪو به نه هيو يا ڪجھ وڏا هئا يا وري پيغمبر کان ننڍا هئا عمار پيغمبر جي هم سن به هيو ۽ پيغمبر اسلام سان اسلام آڻڻ کان پهريان به پيغمبر اسلام جي نزديڪ ۽ هم راز به هيو.

حضرت عمار جا والدين

حضرت عمار جي والد جو نالو حضرت ياسر بن عامر هيو ۽ والده جو نالوحضرت سميه هيو جنهن جي لاءِ چيو ويو آهي ته پاڻ خباط [3] جي ڌيءَ هئي پيغمبر اسلام جڏهن دين اسلام جو پيغام پهچايو ته اڪثر مسلمان اهي ٿيا جيڪي يا غريب هئا يا وري غلام هئا ياسر ۽ ان جي گهر واري ٻئي غلام ۽  غريب هئا پر الله جي رسول جي دعوت تبليغ کي نه فقط پاڻ ٻنهي قبول ڪيو بلڪه پنهنجن ٻنهي پٽن سان گڏ اسلام کي قبول ڪيائون ان لحاظ سان پهريون اسلامي خاندان چئجي ته جيڪو هڪ ئي وقت مسلمان ٿيو هجي اهو خاندان ياسر ئي چئي سگهجي ٿو.

اسلام قبول ڪرڻ جي ڪري هن خاندان مٿان تمام گهڻا ظلم ڪيا ويا ۽ انهن ظلم جي سبب حضرت ياسر ۽ حضرت سميه شهادت ماڻيائون ۽ سڀ کان پهرين شهيد عورت جناب سميه زوجه حضرت ياسر ۽ والده جناب عمار آهن[4] جنهن کي ابو جهل لعين سيني ۾ تير هڻي شهيد ڪيو هيو 

جناب ياسر ۽ سميه جي شهادت کان پهريان ان خاندان مٿان قريش جي سردارن تمام گهڻا ظلم ڪيا  ڪڏهن انهن کي ڪوڙا هنيا ويا ته ڪڏهن تتل ريت تي انهن کي سمهاريو ويو[5]

 

حضرت عمار جي اولاد:

حضرت عمار کي الله سائين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي عطا ڪئي، عمار پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي محبوب جي نالي سان ” محمد “ رکيو ۽ نياڻي جو نالو ام حڪم رکيو.

 

صحابي رسول

حضرت عمار رضي الله تعالي عنه جو شمار وڏن اصحابن ۽ سڀ کان پهريان اسلام آڻيندڙن ۾ ٿئي ٿو هڪ روايت مطابق پاڻ 33 مسلمانن ٿيڻ کان بعد ۾ اسلام قبول ڪيو يعني 34 مسلمان هيو جنهن رسول الله ص جي رسالت ۽ نبوت کي قبول ڪيو[6] مڪه جي مشرڪن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته حضرت عمار رسول الله کي گهٽ وڌ ڳالهائي ان کان بيزار جو اعلان ڪري، جڏهن رسول الله ص کي خبر پئي ته پاڻ ص حضرت عمار کي چيو جيڪڏهن توکي ٻيهر منهنجي خلاف ڳالهائڻ جو چون ته تون انهن جي ڳالھ کي قبول ڪجان تنهنجي مٿان ڪو به ڏوه يا گناه نه ٿيندو[7] ان باري ۾ قرآن مجيد جي آيت به نازل ٿي آهي ” جيڪو شخص ايمان آڻڻ کان بعد ۾ ڪافر ٿي وڃي (ته ان تي تمام وڏو عذاب آهي) سواءِ ان جي جو جيڪڏهن ان کي مجبور ڪيو وڃي ۽ ان جي دل ۾ ايمان آهي (ته ان جي لاءِ ڪو به عذاب نه آهي

 

حضرت عمار پيغمبر اڪرم ص سان گڏ مڪه کان مدينه جي طرف هجرت ڪئي ۽ پاڻ مسجد قبا ٺهرائڻ مهل به ٻين مسلمانن وانگر مسجد ٺهرائڻ ۾ هڪماري ڪئي هئي

حضرت عمار بن ياسر رسول الله جي زندگي ۾ رسول الله ص گڏ تمام گهڻين جنگن ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي[8]

حضرت عمار جي فضيلت لاءِ پيغمبر اڪرم ص کان روايات نقل ٿيل آهن جن ۾ پاڻ ص حضرت عمار جا فضائل بيان ڪيا آهن جهڙوڪ پاڻ ص فرمايو حضرت علي ، عمار، سلمان ۽ بلال جي لاءِ جنت مشتاق آهي[9] ان کان علاوه حضرت عمار لاءِ فرمايو:” عمار حق سان آهي ۽ حق عمار سان آهي، عمار حق جي ٻاهران گهمي ٿو چاهي جتي به هجي ۽ عمار جو قاتل جهنمي آهي“ [10]

 

حبشه جي طرف هجرت

جڏهن رسول الله سرزمين حجاز مڪه ۾ اسلام جي تبليغ شروع ڪئي ته ان تبليغ جي اثر ۾ محروم طبقه ان کي پنهنجي نجات سمجهي اسلام قبول ڪرڻ ۾ جلدي ڪئي پر ان جي مقابلي ۾ جيڪي سردار هئا انهن کي پنهنجي سرداري ۽ انا جو مسئلو درپيش هيو انهن ڏٺو جيڪڏهن نئو دين اسان جي شهر مڪه ۾ رائج ٿيو ته اسان جي سرداري نه هلي سگهندي انهن مخلتف هيلن ۽ بهانن سان غريب مسلمانن کي دهمڪائڻ ڊيڄارڻ، آزار اذيتون، ۽ قتل ڪرڻ شروع ڪيو، مسلمان غريب هئا جيڪي انهن ظالمن سان نه پئي وڙهي سگهيا پيغمبر اسلام فيصلو ڪيو ته ڪجھ مسلمانن کي حبشه جي طرف موڪلجي ڇو جو حبشه ۾ هڪ اهڙو بادشاه هيو جنهن جي بادشاهي ۾ ڪنهن تي به ظلم نه پيو ٿئي اتي هر ڪو آزاد زندگي گذاري سگهي ٿو.

پيغمبر اسلام جي حڪم سان حبشه جي طرف مسلمان ٻه مرتبه هجرت ڪئي آهي پهرئين مرتبه لاءِ ملي ٿو ته 10، يا ٻارنهن يا سورنهن مسلمانن مرد ۽ عورتن حبشه جي طرف هجرت ڪئي آهي اهي ٻن ٻيڙين تي حبشه جي طرف هجرت ڪري ويا.

ٻئي مرتبه ۾ 83 مسلمان مرد ۽ عورتن هجرت ڪئي ڪجھ روايات مطابق ٻئين مرتبه هجرت ڪندڙن ۾ حضرت عمار بن ياسر به هيو[11] جن کي رسول الله ص پاڻ حبشه جي طرف هجرت ڪرڻ جو چيو هيو ته جيئن مسلمانن کي ڪنهن محفوظ جڳه تي وڃي رهن ان ڪري مسلمان جي ڪجھ تعداد حبشه جي طرف هجرت ڪئي هئي.[12]

 

 

 

حضرت عمار خلفاء جي زماني ۾

حضرت عمار، حضرت سلمان، حضرت مقداد ۽ حضرت ابوذر  غفاري پيغمبر جي زماني ۾ ئي انهن کي شيعو چيو ويندو هيو.[13]

حضرت عمار بن ياسر انهن صحابين منجهان هيو جن ابوبڪرجي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو ۽ حضرت علي ع جي همايت ڪئي.[14]

 

حضرت عمار جي جنگ يمامه ۾ شرڪت

رسول الله ص جي رحلت کان بعد ۾ جڏهن حضرت ابوبڪر خليفو ٿيو ته ان وقت ڪجھ ماڻهو دين اسلام کان منحرف ٿي پنهنجي ساڳي دين جي طرف هليا ويا ۽ ڪجھ ماڻهن وري نبوت جو اعلان ڪيو.

پيغمبر اڪرم ص جي عمر جي آخري حصه ۾ مسيلمه به نبوت جي دعوا ڪئي ۽ ان هڪ اهڙي عورت سان شادي ڪئي جنهن به نبوت جي دعوا ڪئي هئي جنهن جو نالو سجاح هيو، جڏهن پيغمبر اڪرم ص جي وفات ٿي ته مسيلمه پنهنجي تبليغ کي وڌايو ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڪرڻ شروع ڪيو ۽ دين اسلام کي نقصان پهچائڻ لاءِ اسلام خلاف سازشون ڪرڻ لڳو، ان جي مقابلي ۾ حضرت ابوبڪر خالد بن وليد جي سربراهي ۾ هڪ لشڪر يمامه جي طرف موڪليو، (يمامه هڪ علائقو آهي جتي مسلمانن ۽ مسيلمه جي لشڪر جي جنگ لڳي) جڏهن مسلمانن جو لشڪر يمامه پهتو ته ان جي مقابله ۾ مسيلمه جو لشڪر به جنگ لاءِ تيار هيو ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ خوني جنگ شروع ٿي مسلمانن جو تمام وڏو نقصان ٿيو جنهن ۾ 58 مسلمان شهيد ٿيا، شهداء مان ڪجھ مهاجر ۽ ڪجھ انصار هئا انهن مان 13 بدري ۽ وڏي تعداد ۾ قرآن جا قاري هئا.

راوي روايت ڪري ٿو ته جڏهن ٻنهي لشڪرن جي درميان گمسان جي جنگ شروع ٿي ته ڪافي تعداد ۾ مسلمان شهيد ٿيا ۽ انهن کي شڪت جو خوف ٿيڻ لڳو انهن مان ڪجھ ميدان کان ٻاهر ڀڄڻ لڳا مون ڏٺو ته عمار بن ياسر مٿي ٽٻي تي چڙهي مسلمانن کي سڏي رهيو آهي ۽ وڏي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته مان عمار بن ياسر آهيان ڇا توهان جنت کان ڀڄي رهيا آهيو؟ جنگ مان ڀڄي نه وڃو منهنجي قريب اچو مون ان وقت ڏٺو ته جناب عمار جو ڪن ڪٽيل آهي ۽ ان مان خون جاري هيو پوءِ به عمار جنگ کي جاري رکيو[15]

 

ڪوفي جي گورنري

ڪوفو ايرانين سان جنگ جي لحاظ سان مسلمانن جي فوج جو شهر هيو جنهن جو پهريون گونر سعد بن ابي وقاص هيو جنهن کي حضرت عمر پنهنجي خلافت ۾ معين ڪيو هيو جيڪو ايراني سرحد کان مسلمانن جي حفاظت ڪري رهيو هيو ڪوفي جي ماڻهن مال غنيمت جي خاطر سعد بن ابي وقاص جي شڪايت خليفه وقت وٽ ڪئي، حضرت عمر ان کي 20 هجري قمري ۾ پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان کي عهدي تان هٽايو ان جي جاءِ تي صحابي رسول حضرت عمار ياسر کي ڪوفه جو گورنر ۽ ڪوفي جي تمام فوج جو سپه سالار منتخب ڪيو[16]

ايراني فوج جڏهن ڏٺو ته سعد بن ابي وقاص ڪوفه جي گورنري کان برطرف ٿيو آهي ته انهن اهي ايراني علائقه جيڪي سعد بن ابي وقاص فتح ڪري سرزمين اسلام ۾ شامل ڪيا هئا انهن کي واپس وٺڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا

جڏهن حضرت عمار ڪوفي ۾ آيو ۽ ايران واري طرف کان سرزمين جي خبر ورتائون ته تمام گهڻا پريشان ٿيا ۽ مدينه ڏانهن خط لکيائون ته ايراني فوج اسلامي علائقه تي قبضو ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي ۽ انهن جي تمام گهڻي تعداد آهي

جڏهن حضرت عمار جو خط مديني پهتو ته خليفو تمام گهڻو پريشان ٿيو پهريان ته ارادو ڪيائين ته پاڻ ئي ان جنگ جي طرف لشڪر جي سربراهي ڪري پر وري اراده تان منصرف ٿيو ۽ نعمان بن عمرو بن مقرن مزني کي لشڪر جو امير ڪري روانو ڪيو ۽ تمام اطراف جي گورنرن شام، عمان، بصره وغيره کي نعمان جي فوجي مدد لاءِ حڪم جاري ڪيو مسلمان نهاوند جيڪو همدان کان 14 فرسخن جي فاصلي تي هيو ان جي ٻاهريان اچي ويا نهاوند جا ماڻهو قلعي ۾ محفوظ هئا ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هئا عربن مسلمان هڪ چال سوچي ته انهن کي ڪيئن ٻاهر ڪڍجي، انهن پاڻ ۾ صلاح کان بعد ۾ هي افواه هلائي ته خليفه جو انتقال ٿي ويو ان ڪري مسلمانن جي فوج پوئتي وڃي رهي آهي نهاوند جي ماڻهن سوچو ته هاڻي انهن تي حملي جو وقت اچي ويو آهي انهن جو خليفو مري ويو آهي ۽ هن فوج خليفه جي موت جي ڪري پنهنجا حوصله پست ڪري ڇڏيا آهن نهاوند جي فوج قلعي کان ٻاهر اچي مسلمانن تي حملو ڪيو پر مسلمان ته اڳ ئي تيار هئا  ٽي ڏينهن مسلسل جنگ هلي ۽ آخر ڪار مسلمان فاتح ٿيا نعمان هن جنگ ۾ شهيد ٿي ويو فاتح فوج ڪوفه واپس موٽي آئي ۽ تمام گهڻو مال غنيمت پاڻ سان گڏ کڻي آئي.[17]

 

 

ڪوفي جي گورنري تا معزولي

پاڻ تمام گهڻا ديندار هئا پر ڪوفي جي ماڻهن کي ديندار ۽ سادو انسان پسند نه هيو ان ڪري انهن ٻئين خليفه کي سعد بن ابي وقصاص وانگر شڪايت ڪئي ته حضرت عمار کي سياست نٿي اچي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن جلب نٿو ڪري سگهي مال غنيمت ۾ تقسيم ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو ان ڪري ان کي هٽايو وڃي ۽ هي شڪايت ملڻ کان بعد ۾ علي واري ساده طبيعت رڪندڙ شيعه کي ڪوفه جي گورنري تان هٽايو ويو. [18]

 

حضرت عمار ٽئين خليفه جي دور ۾

حضرت عمار اول کان وٺي حضرت علي عليه السلام جي ويجهو رهيو جڏهن ٽئين خليفه جو دور آيو ته ان حضرت ابوذر غفاري کي مدينه کان ڪڍي ربذه جي طرف در بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته حضرت عمار خليفه سان اختلاف ڪيو ۽ حضرت ابوذر جي دربدر تي اعتراض ڪيو خليفه کي ڳالھ پسند نه آئي ۽ پنهنجي دربارين کي حڪم ڏنو ته صحابي رسول حضرت عمار کي مار ڪٽ ڪئي وڃي ۽ زبردستي سان عمار کي دربار مان مار ڪٽ ڪرڻ کان بعد ڪڍيو ويو ۽ خليفي فيصلو ڪيو ته هاڻي ابوذر کان بعد ۾ عمار کي به مدينه کان در بدر ڪيو وڃي پر عمار جو بني مخزوم سان پيمان هيو انهن به ان تي اعتراض ڪيو ۽ ان سان گڏ حضرت علي ع به عمار جي حمايت ڪئي ان تي خليفو ماٺ ڪري ويو[19]

حضرت عمار کي مار ڪٽ ڪرائڻ جي وقت ۾ ٿورو اختلاف آهي ڪجھ مورخ چون ٿا ته خليفه صحابي رسول تي ان وقت مار ڪٽ جو حڪم ڏنو جڏهن حضرت عمار وليد بن عقبه جي گورنري تي اعتراض ڪيو ۽ ان جي شراب پيئڻ واري مسئلي تي آواز اٿاريو ان تي خليفه صحابي رسول تي ظلم ڪرايو[20]

ٽئين روايت به ملي ٿي جڏهن حضرت عمار خليفه تي بيت المال جي تقسيم جي حوالي تي اعتراض ڪيو ته ان تي خليفه جي حڪم سان صحابي رسول حضرت عمار ياسر تي ظلم ڪيو ويو.[21]

 

حضرت عمار حضرت علي ع جي خلافت ۾

حضرت عمار بن ياسر اول ڏينهن کان وٺي حضرت حضرت علي عليه السلام جو شيعو ۽ طرفدار هيو رسول الله جي رحلت کان بعد ۾ حضرت علي ع جي خلافت لاءِ آواز اٿاريو، ٻئين خليفه جي شورا خصوصا عبدالرحمن بن عوف کي چيائين ته جيڪڏهن چاهين ٿو ته ماڻهو تفرقه ۾ نه پون ته حضرت علي ع کي خلافت لاءِ چونڊيو وڃي [22] ٽئين خليفه جي قتل ٿيڻ کان بعد حضرت عمار انهن ماڻهن ۾ شامل هيو جيڪي چون پيا ته هاڻي خلافت حضرت علي ع کي ڏني وڃي ۽ ان جي ئي بيعت ڪئي وڃي. [23]

حضرت عمار حضرت علي ع جي خلافت ۾ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ شرڪت ڪئي، جنگ جمل ۾ پاڻ کاٻي پاسي واري فوج جا سپه سالار هئا [24] ۽ جنگ صفين ۾ ٽئين ڏينهن واري جنگ ۾ پاڻ امام علي ع جي فوج جا ڪمانڊر هئا. [25]

 

حضرت عمار مولا علي ع جي نگاه ۾

حضرت عمار مولا علي عليه السلام جو شيعو هيو رسول الله ص پاڻ ئي حضرت عمار ۽ مولا علي ع کي جنت جي بشارت ڏني هئي حضرت عمار مولا علي ع جي خلافت ۾ هڪ بهترين مشاور هيو ۽ مولا علي ع به ان سان حڪومتي مسئلن تي گفتگو ڪندا هئا جڏهن حضرت عمار جي شهادت ٿي ته امام عليه السلام ان جي لاءِ فرمايو ” عمار اهڙو شخص هيو جنهن ۾ ايمان ان جي گوشت، خون، وارن ۽ کل ۾ موجود هيو، جتي به هوندو هيو يا جڏانهن ويندو هيو ايمان ان سان گڏ هوندو هيو ان ڪري جهنم جي باه ان جي ويجهو به نٿي وڃي سگهي جو ان کي ڪو نقصان پهچائي.

 

 

حضرت عمار جي شهادت:

حضرت عمار جنگ صفين ۾ حضرت علي ع جي اهم ڪمانڊرن منجهان هڪ ڪمانڊر هيو جن مختلف دستن جي سالاري ڪئي جنگ صفين جيڪا خليفه وقت حضرت علي ۽ باغي گروه جي درميان لڳي جنهن ۾ ڪل 80 هزار جي لڳ ڀڳ مسلمان شهيد ۽ قتل ٿيا ان جنگ ۾ حضرت عمار حق جو ساٿ ڏنو ۽ حق جي راه ۾ جام شهادت حاصل ڪئي پاڻ صفين جي ميدان شامي باغين سان جنگ وڙهندي 9 صفر سن 37 هجري ۾ شهادت ماڻي[26] شهادت کان بعد ۾ حضرت امام علي ع ان جي جنازه نماز پڙهي، جنهن وقت حضرت عمار جي شهادت ٿي ان وقت حضرت عمار جي عمر 91 کان 93 سالن جي وچ ۾ هئي.[27]

پيغمبر اڪرم ص به حضرت عمار جي لاءِ پيشن گوئي ڪئي هئي ته حضرت عمار کي باغي گروه قتل ڪندو( باغي يعني اهو گروه جي امام عادل جي اطاعت کان خارج ٿي وڃي) شام جو گروه امام حق ۽ عادل حضرت علي ع کان نه فقط خارج ٿيو بلڪه حق جي امام سان جنگ وڙهيو

خزيمه بن ثابت حضرت علي ع جي لشڪر سان جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ حاضر هيو ٻن مسلمان گروهن جي جنگ ۾ تلوار کڻڻ کي پسند نه پيو ڪري پر جنهن وقت حضرت عمار جي شهادت ٿي ته ان وقت رسول الله جي حديث سان پڪ ٿي ويس ته هاڻي جيڪا علي ع جي مخالف فوج آهي اها باغي ۽ ناحق تي آهي هاڻي تلوار نه کڻڻ يعني حق جي امام جي اطاعت نه ڪرڻ آهي حذيفه پنهنجي تلوار جو غلاف ٽوڙي مولا علي ع جي رڪاب ۾ جنگ وڙهڻ شروع ڪئي ۽ انهي ميدان ۾ شهادت ماڻي.[28]

 

حضرت عمار جو قاتل

هڪ روايت جي مطابق جنگ صفين ۾ حضرت عمار پنهنجي شهادت کان پهريان جنگ وڙهندي پاڻي جي پياس خاطر پاڻي گهريو، جنهن تي هڪ شخص چيو عمار اتي پاڻي ناهي انهي وقت هڪ ٻي شخص (يا هڪ نوجوان ) کير جي شربت حضرت عمار لاءِ کڻي آيو، حضرت عمار ان کي چيو ” مان پنهنجي دوست رسول خدا (ص ) کان ٻڌو هيو: آخري شئي جيڪا توکي هن دنيا ۾ ملندي هو کير هوندو[29] عمار کير واري شربت پيئي دشمنن تي حملا ڪندو رهيو هڪ موقعو اهڙو آيو جو حضرت عمار جي ڀرسان ٻه شخص آيا جنهن جن جا نالا ابوالغاديه العزاري ۽ ابن جون سڪوني هئا ابوالغاديه حضرت عمار تي حملو ڪيو حضرت عمار زمين تي ڪريو ابن جون سڪوني حضرت عمار جو سر قلم ڪيو.[30]

عجيب هي آهي ته هي ٻئي انعام حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهيا ته هڪ چئي پيو مون عمار کي قتل ڪيو آهي ۽ ٻيو پيو چوي مون عمار کي قتل ڪيو آهي جڏهن هي خبر عمرو بن عاص ٻڌي ته چوڻ لڳو، الله جي قسم هي ٻئي شخص نٿا وڙهن سواءِ جهنم جي باه لاءِ.[31]

ڪجھ روايات ۾ حضرت عمار بن ياسر رض جو قاتل ابو الغاريه شامي جي نالي سان به درج آهي.

 

 

حضرت عمار جي نماز جنازه

حضرت عمار جي شهادت کان بعد ۾ امام علي عليه السلام جڏهن ان جي جنازي جي مٿان آيا تمام گهڻو گريو ڪيو ۽ پنهنجي وفادار ساٿي مٿان رونا امام عليه السلام پنهنجي فوج سان گڏ حضرت عمار جي نماز جنازه پڙهي ۽ ساڳين ئي ڪپڙن ۾ جنهن ۾ جناب عمار جي شهادت ٿي هئي بغير غسل جي صفين جي ميدان ۾ دفن ڪيو[32]

 

حضرت عمار جي قبر

حضرت عمار جي قبر شهادت واري علائقه سوريه (شام) جي علائقه رقه ( جتي جنگ صفين لڳي هئي آهي،[33] جنهن جي مٿان بهترين گنبذ به هيو حضرت عمار جي مقبره جي ڀر سان ٻين شهداءِ صفين جون قبرون پڻ موجود هيون جيئن حضرت اويس قرني، ابي بن قيس وغيره

حضرت عمار جو مقبر ننڍو هيو جڏهن ايران ۾ اسلام انقلاب آيو ته حضرت امام خميني رح سوريه جي صدر حافظ اسد کي درخواست ڪئي ته اسان حضرت عمار جي مزار کي وڏو ڪرڻ چاهيون ٿا سوريه جي صدر اها پيشڪش قبول ڪندي ايران کي اجازت ڏني ته اوهان ڀلي حضرت عمار جي مزار جي تعمير ڪري سگهو ٿا ان کان بعد تعميراتي ڪم جاري رهيو 2003 ع ۾ روضو مڪمل تيار ٿيو ويو.

 

داعش جو روضي سان ورتاءُ

21 رمضان سال 1434 هجري قمري شب قدر جي رات جڏهن داعش سوريه جي صوبه رقه تي قبضو ڪيو ته انهي رات داعش ملعونن روضه جي صحن ۽ عمارتن جي بي حرمتي ڪئي ۽ تمام مزارات جن ۾ حضرت عمار ۽ اويس قرني جون به شامل هيون مسمار ڪيون ويون الله سائين انهن ظالمن کي نيست و نابود فرمائي جن اهلبيت عليهم السلام سان محبت رکندڙن سان دشمني ڪئي ۽ انهن جي روضن ۽ قبرن جي بي حرمتي ڪئي.

التماس سوره فاتحه والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو



[1] . ابن اثير، اسدالغابه ج 4 ص 43

[2] . ابن اثير، اسدالغابه ج 4 ص 308

[3] . ابن اثير اسد الغابه ج 4 ص 43

[4] . ابن اثير، الڪامل  ص 885

[5] . امين، اعيان الشيعه ج 13 ص 28

[6] . ابن اثير، اسد الغابه

[7] . ابن اثير، اسد الغابه ج 4 ص 309؛ امين، اعيان الشيعه ج 13 ص 28

[8] . ابن سعد طبقات الڪبري ج 3 ص 109.

[9] . ابن عبدالبر، الاستيعاب في معرفةالاصحاب ج 3 ص 229

 [10]. اميني، الغدير ج 9 ص 25

[11] . ابن هشام، السيرة النبويه، ج 1 ص 220.

[12] . ابن هشام ، السيرة النبويه، ج 1 ص 220

[13] . بوخبتي، فرق الشيعه ص 18؛ شهابي، ادوار فقه، ج 2 ص 282.

[14] .يعقوبي، تاريخ يعقوبي ج 1 ص 524.

[15] . بلاذري، الاستيعاب، ج 3 ص 1137؛ ابن عبدالبر، الاستيعاب في معرفة الاصحاب، ج 3 ص 228.

[16] .طبري، تاريخ الامم ج 4 ص 144.

[17] . ابن قتيبه، اخبار الطوال ص 128.

[18] . بلاذري، انساب الاشراف ج 2 ص 274.

[19] . يعقوبي، تاريخ يعقوبي، ج 2 ص 173

[20] . ابن قتيبه، اخبار الطوال، ج 1 ص 51.

[21] . مقدسي، البدء والتاريخ، ج1 ص 202.

[22] . مقدسي، البدء والتاريخ، ج 5 ص 191.

[23] . طوسي، الامالي، ص 728.

[24] . مفيد، الاجمل، ص 179.

[25] . بلاذري، انساب الاشراف ج 2 ص 303

[26] .طبري، تاريخ  الامم، ج 11 ص 511

[27] . ابن عبدالبر، الاستعياب في معرفة الاصحاب، ج 3 ص 213

[28] . ابن سعد،الطبقات الڪبري، ج 3 ص 259.

[29] . المنقري، پيڪار صفين ص 470.

[30] . المنقري، پيڪار صفين ص 468.

[31] . امين، اعيان الشيعه، ج 8 ص 373

[32] . ابن عبدالبر، استيعاب في معرفة الاصحاب ص 549

[33] . حرزالدين، مراقد المعارف، ج 2 ص 100

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: