Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

قبر روزانه پنج جملا چوندي آهي


حضور ﷺ جن فرمايو ته:
 ياد رکو قبر روزانه پنجن جملن سان توهان کي سڏي چوندي آهي. اي ابن آدم! هن وقت تون منهنجي پٺي تي هلي رهيو آهين ۽ منهنجي پيٽ ۾ تنهنجو اصل ٽڪاڻو آهي، اڄ منهنجي پٺي تي خوش ٿي رهيو آهين پر سڀاڻ تون منهنجي پيٽ ۾ غمگين هوندين، اڄ منهنجي پٺي تي حرام کائي رهيو آهين، سڀاڻ منهنجي پيٽ ۾ ڪيڙا کائيندئي ، اڄ منهنجي پٺي تي گناهه ڪري رهيو آهين ، سڀاڻ توکي منهنجي پيٽ ۾ عذاب ڏنو ويندو، اڄ منهنجي پٺيءَ تي کلي رهيو آهين،سڀاڻ منهنجي پيٽ ۾ روئيندين.

              ۽ وڌيڪ پاڻ ﷺ فرمايو پنج جمله چوندي آهي
مان تنهائي جو گهر آهيان منهنجي طرف پنهنجو ساٿي وٺي اچو.
مان نانگن جو گهر آهيان منهنجي طرف ترياق ( ڪنهن خاص بچاءُ واري شي جو نالو آهي) وٺي اچو.
مان اونداهين جو گهر آهيان منهنجي طرف چراغ کنيون اچو.
مان مٽي جو گهر آهيان مون وٽ بسترو کنيو اچو
مان غربت جو گهر آهيان مون وٽ پنهنجي لاءِ خزانو کنيو اچو.

” ڪتاب هدية الشيعه    صفه 323“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: