Monday, January 15, 2018
جنت ۾ ڪير ويندا ؟؟؟
حضورﷺ جن فرمايو ته:
توهان منهنجي ڇهه ڳالهين تي عمل ڪريو ته مان
توهانکي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو، گفتگو جي دوران ڪوڙ نه ڳالهايو ، واعده خلافي نه
ڪيو، امانت ۾ خيانت نه ڪيو، نامحرمن کان نگاهون جهڪايو، شرمگاهن جي حفاظت ڪيو،
پنهنجي هٿ ۽ زبان کي قابو ۾ رکو. ۽ وڌيڪ پڻ فرمايائون ، ڇهه ڪم جوان مردي جا آهن.
ٽن جو تعلق حضر سان آهي ۽ ٽن جو تعلق سفر سان آهي، حضر جا ٽي ڪم هي آهن، الله جي
ڪتاب جي تلاوت ، خدا جي مسجدن کي آباد رکڻ، ۽ ديني ڀاءُ کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيڻ.
۽ جن ٽن ڪمن جو تعلق سفر سان آهي اهي هي آهن،
پنهنجي همسفر دوست کي پنهنجي زاد (سامان) ۾
شريڪ ڪرڻ ، سٺي ۽ خوش اخلاق سان پيش اچڻ، اهڙي مذاح ڪرڻ جنهن ۾ گناهه جو امڪان نه
هجي.
” ڪتاب هدية الشيعه صفحه
363“
هڪ جهڙيون تحريرون:
اخلاقيات ۽ معاشرو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: