Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

محرم و نا محرم “


حضرت فاطمه زهرا جي سيرت
ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسانجون پرده دار عورتون به بعض اوقات حجاب جي پاپندي ناهن ڪنديون ۽ خاندان جا نامحرم رشتيدار بغير پيشگي اطلاع جي گهر ۾ داخل ٿي ويندا آهن.
        ليڪن سيرت حضرت فاطمه س اهيو ٻڌائي ٿي ته نامحرم پنهنجي خاندان جو هجي يا غير جو هجي، وڏو هجي يا ننڍو، بينو هجي يا نابينو اهو نامحرم آهي. ۽ ان کان پردو واجب آهي.
چنانچه هڪ مرتبه رسول خدا صه حضرت زهره س جي دروازي کي کڙڪايو ۽ فرمايو! اي اهلبيت عه! توهان تي سلام هجي، ڇا مان داخل ٿي وڃان؟

        حضرت فاطمه س جواب ڏنو اي رسول خدا صه توهان تي به سلام هجي تشريف وٺي اچو.
        رسول خدا فرمايو ڇا ان سان گڏ اچان جيڪو مون سان گڏ آهي؟
        حضرت فاطمه  س فرمايو  منهنجي سرتي چادر ناهي ڪجهه دير ۾ ئي حجاب ڪيو ۽ فرمايو!
        اي خدا جا رسول صه سلام هجي توهان تي، داخل ٿيو ان سان گڏ جيڪو توهان جي همراهه آهي.
        ۽ اهڙي طرح سان هڪ ڏينهن هڪ نابينو شخص اجازت وٺي حضرت علي عليه السلام جي گهر ۾ داخل ٿيو رسول خدا صه جن ڏٺو ته فاطمه س فورن اٿي بيٺي ۽ جلدي سان سَر تي چادر رکي رسول خدا فرمايو؛ ڌيءَ هي شخص نابينو آهي. حضرت فاطمه س جواب ڏيندين ارشاد فرمايو؛
        اگرچه هو مون کي نٿو ڏسي سگهي ليڪن مان ته هن کي ڏسي رهي آهيان (لهذا منهنجو فرض آهي ته مان پردو ڪيان)

”ڪتاب جلوه نور صفه 68“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: