Sunday, January 10, 2016
امام حسين عليہ السلام جي قيام جا پنج سبب
هر شيء کان پهريان حضرت امام حسين عليہ السلام جي خطبات ۽
بيانات مان قيام جا مختلف اسباب ۽ عوامل تمام سٺي نموني سان معلوم ڪري سگهجن ٿا،
اسان هن مختصر بحث ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ آئمہ معصوم عليهم السلام جي ڪلام
مان اخذ ڪري پنج اهم سببن کي مثالن سان بيان ڪنداسين.
الف: ديني سبب: يعني دين جي قيام ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جيڪو
تمام امورن ۾ سڀ کان پهريان آهي حضرت امام علي عليہ السلام فرمائن ٿا:
”دِینُکُم
،دِینُکُم فَاِنَّ السَّیِّئَةَ فِیہِ خَیرمِنَ الحَسَنَةِ فِی غَیرِہ“ (اي انسانو) دين جي حفاظت ڪيو يقينا ديندار
جي عالم ۾ گناه بي ديني جي عالم ۾ نيڪي کان بهتر آهن.
جيڪڏهن ڪو معاشرو
ديندار هجي ته هي معاشرو ان معاشري کان بهتر آهي جنهن ۾ بي ديني ۽ غلطين جو وجود
هجي ۽ ظاهري طور تي نيڪ عمل انجام ڏيندا هجن، ڇو؟ ان ڪري جو هر معاشري ۾ دين ۽
اعتقادات جو هجڻ ضروري آهي حضرت امام حسين عليہ السلام جي قيام جو پهريون سبب ”ديني
سبب “آهي ۽ ان جو شاهد امام حسين عليہ السلام جو اهو جملو آهي جيڪو پاڻ بصري جي
پنج بزرگ سردارن جي نالي تي خط لکيو هو جنهن ۾ پاڻ عليہ السلام فرمايو:
”الا وَاِنَّ السُّنَّةَ قَد اُمِیتَت وَاِنَّ
البِدعَةَ قَد اُحیِیَت“[1] آگاه ٿي وڃو سنت پيغمبر مٽائي ڇڏي اٿن ۽ بدعت کي
رائج ڪيو ويو آهي.
پيغمبر اڪرم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم پاڻ به فرمايو هو: اي انسانو منهنجي سنت جي حفاظت ڪيو، حضرت
اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليہ السلام نهج البلاغه ۾ فرمائن ٿا:
”اقيموا هذين العمودين“[2] اي ماڻهو!
ڪتاب خدا ۽ سنت جي ستون جي حفاظت ڪريو، اها سنت جنهن ۾ پيغمبر اڪرم صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جي بعثت کان پوءِ 23 سال زحمت ڪئي.
سنت
پيغمبر صلي الله عليہ وآله وسلم ڪهڙي هئي؟ پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي هڪ
سنت هي هئي ته حاڪم کي عادل هجڻ گهرجي، پر يزيد جيڪو حڪومت ڪري رهيو هو اهو ظالم
هيو، پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ٻين سنت پيغمبر جي محبت هئي جيڪا پاڻ
فرمائيندا هئا:” منهنجي رسالت جو اجر منهنجي قريبي رشتيدارن سان محبت ڪرڻ آهي“
هي
ڪهڙي محبت آهي جيڪا حضرت امام حسين عليہ السلام کي حجاز ۽ ڪوفي جي صحرا ۾ چارئي
طرف گهمائي رهيا هئا، اهل بيت ۽ امام حسين عليہ السلام جي خاندان وارن جي بي عزتي
ڪري رهيا هئا؟
پيغمبر
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سنت اهلبيت عليهم السلام سان محبت ۽ عدالت سان ڀريل
حڪومت هئي، هي نه هئي ته پيغمبر جي رحلت کان پوءِ ان طرح سان ظلم ۽ ستم ڪيو وڃي ،
بدعت
ڇا آهي؟ هر شيء جنهن کي خدا ۽ رسول ناهي فرمايو ۽ ان جو وجود دين ۾ نه آهي ڪو شخص
ان کي دين ۾ داخل ڪري ۽ دين جي نالي تي ماڻهن جي سامهون پيش ڪري.
رسول
خدا صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي نالي تي تمام گهڻيون روايتون ٺاهيون ويون آهن ۽
ڪافي آيتن جي تفسير کي تبديل ڪيو ويو آهي، هڪ شخص ڪنهن اسلامي ملڪ جي بادشاه کان
پيسا وٺي (۽ اُها آيت جيڪا حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي باري ۾ نازل ٿيل
هئي) چوي ٿو ته هي آيت ابن معلجم معلون جي شان ۾ نازل ٿي آهي، هاڻي ٻڌايو ته حضرت
اميرالمومنين علي عليہ السلام جا ڪيترا فضائل لڪايا ويا ۽ ڪيترا فضائل ٻين لاءِ
منصوب ڪيا ويا ؟ هي سب بدعت آهن.
ڪو
به فرق نه آهي ته اڄ ڪو شخص سنت پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي مٽائي يا دين ۾
بدعت قائم ڪري ۽ معاشري ۾ دين جي نالي تي ڪا شيء ايجاد ڪري ته حضرت امام حسين عليہ
السلام جو اِهو ئي پيغام شامل حال هوندو.
ب: حضرت امام حسين عليہ
السلام جي قيام جو ٻيون سبب اجتماعي قيام هيو، حضرت امام حسين عليہ السلام جو هڪ
خط جيڪو محمد حنفيہ جي نالي تي هڪ خط ۾ آهي جنهن ۾ پاڻ عليہ السلام فرمائن ٿا:
“ اِنَّمَا
خَرَجتُ لِطَلَبِ الاِصلَاحِ..“ [3]مان
اصلاح کي ايجاد ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان، سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته اصلاح جو اطلاق ڪنهن
جاءِ تي ٿئي ٿو ۽ ڪهڙي شيء جي اصلاح ٿيندي
آهي؟ جتي ڪا شيء خراب هجي اتي چوندا آهن اصلاح ، جيڪڏهن ڪا عمارت خراب هجي ۽ ان
ڪيرائي وري ٺاهيو وڃي ته چوندا آهن اصلاح، هر شيء جي اصلاح پنهنجي حساب سان ٿيندي
آهي ۽ هڪ عمارت جي اصلاح هي آهي ته ان جي ستون، ڇت ۽ ان جون ديوارون محڪم ۽ مضبوت
هجن.
ڪڏهن خدا سان اسان جو
رابطو منقطع ٿي ويندو آهي، اهڙي صورت ۾ اسان کي گهرجي ته ان جي اصلاح ۽ ان سان
رابطي کي برقرار رکون، حديث ۾ آهي ته” مَن اَصلَحَ مَا بَینَہُ وَبَینَ
اللّٰہِ اَصلَحَ اللّٰہُ مَا بَینَہُ وَبَینَ النَّاسِ“[4] جيڪو شخص پنهنجو رابطو خدا سان برقرار رکي ٿو ته خدا
وند عالم ان جو رابطو ماڻهو سان برقرار ڪندو آهي“ خداوند عالم اهڙو وسيلو پيدا
ڪندو آهي جو اهو ماڻهن جي نظرن ۾ محبوب هوندو آهي ۽ ماڻهو ان کي دوست رکندا آهن،
خداوند عالم خود قرآن مجيد ۾ فرمائن ٿا” اِنَّ الَّذِینَ اَ مَنُوا وَعَمِلُوا
الصّٰالِحٰاتِ سَیَجعَلُ لَھُمُ الرَّحمٰنُ وُدّاً“[5] جن ايمان آندو ۽ چڱان ڪم ڪيا، عنقريب خداوند عالم
انهن جي لاءِ محبت قرار ڏيندو“ هاڻي توهان پاڻ ڏسو ته تمام ڪوشش جيڪا واقعي ڪربلا
۾ صرف ڪئي وئي ، جناب زينب سلام الله عليها دشمن کي خطاب ڪندي فرمايايو: جيترو
چاهين ظلم ڪر پر ماڻهن جي دلن مان اسان جي محبت ختم نه ڪر سگهندين ، ۽ ايئن ٿيو به
ته حضرت امام سجاد عليہ السلام شام جي ممبر تي فرمايو:” المُحَبَّةُ فِی
قُلُوبِ المُومِنِین“[6]اسان جي محبت مومنين جي دلن ۾ آهي.
بني عباس جو خليفو حضرت
امام علي نقي عليہ السلام جي قبر وٽ آيو ۽ ان جي وزير ان کي چيو :هتي توهان جي
پيءَ جي قبر ويران ۽ منهدم ٿي وئي آهي پر شيعن ۽ مسلمانن جي پيشوا ۽ امام جي قبر
ايتري خوبصورت آهي جڏهن ته توهان وٽ پيسا آهن توهان خرچ ناهيو ڪندا ۽ انهن وٽ پيسا
نه آهن، خليفه وزير کي چيو : هي ان ڪري آهي جو انهن جي محبت ماڻهن جي دلن ۾ راسخ
آهي.
امام موسي ڪاظم عليہ
السلام جڏهن مڪي ۾ هارون رشيد سان ملاقات ڪئي ته ماڻهن هارون کان پڇيو آقا هي ڪير
آهن ؟ هن چيو: هو امام القلوب“ هي دلن جا امام آهن“ دل کان محبت کي ڪڏهن به ناهي
ڪڍيو ويندو اڄ به پوري دنيا ۾ ماڻهو ايتري ظلم ۽ ستم جي هوندي حضرت امام حسين عليہ
السلام جي عزاداري ٿيندي رهي ٿي ۽ ٿيندي رهندي، ڪهڙو سياسي پهلو آهي جيڪو ماڻهن کي
عزاداري جي طرف وٺي اچي رهيو آهي ؟ هي اُهو ئي محبت جو جذبو آهي جيڪو ماڻهن جي دلن
۾ راسخ آهي.
ج: ٽيون سبب سماج (معاشري ) ۾ ثقافتي اصلاح آهي،
حاڪم جو نظام اصلاح شده نظام هجڻ گهرجي، حاڪم جو نظام ديني ۽ مذهبي هجڻ گهرجي ،
حضرت امام حسين عليہ السلام فرمايو: ”خَرَجتُ لِطَلَبِ الاِصلَاحِ فِی
اُمَّتِ جَدِّی“[7] مان پنهنجي جد حضرت محمد صلي الله عليه وآله
وسلم جي امت جي اصلاح لاءِ نڪتو آهيان“
معاشرو ڪڏهن جهالت ۽
گمراهي جو شڪار ٿيندو آهي ، توهان زيارت اربعين کي ڏسو حضرت امام جعفر صادق عليہ
السلام فرمائن ٿا: امام حسين عليہ السلام قرباني ڏني ته”یَستَنفِذَ عِبَادَکَ
مِنَ الجَہَالَةِ وَ حَیرَةِ الضَّلاٰلَةِ“[8] خداوند عالم پنهنجي بندن کي جهات ۽ گمراهي جي
سرگرداني کان نجات ڏي“
جڏهن ڪو به شخص پاڻي ۾
غرق ٿيندو آهي ته نجات ڏيڻ وارو ايندو آهي ۽ ان کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيندو آهي ته هو
تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي ، حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام معاشري کي جهالت ۽
گمراهي جي (نهنور)کان ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام کي ٻڌڻ واري کي نجات ڏيڻ وارو
قرار ڏيڻ وارو تعبير ڪيو آهي، اسان جي ڏاڏي ان شخص وانگر قيام ڪيو جنهن غرق ٿيڻ
واري کي جنات ڏني.
توهان ڏسي رهيا آهيو ته
اڄ معاشري ۾ ڪيتري جهالت ۽ گمراهي پيدا ٿي رهي آهي ، ڪجھ ماڻهو چون ٿا ته: خدا کي
اسان جي عبادت جي ضرورت نه آهي ان ڪري اسان ڇو نماز پڙهون؟ خدا بي نياز آهي اگر
تمام ڪائنات ڪافر ٿي وڃي ته ان جي ڪبريائي تي ڪو به فرق نه پوندو ، اسان ڇو نماز
پڙهون، ان کي اسان جي رڪوع ۽ سجود جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هي جهالت ۽ گمراهي آهي، هڪ
ننڍي نهر جو هڪ وڏي دريا سان ملحق ٿيڻ دريا جي ناز مند هجڻ جي دليل نه آهي ، ننڍي
نهر جي محتاج هجڻ جي دليل آهي، جيڪڏهن وڏي دريا سان ملحق ٿي وڃي ته ان کي ابدي
حيات ملي ويندي ان طرح سان اگر انسان خالق سان ملحق ٿيو ته هو بلند ۽ بالا ٿي
ويندو ۽ جيڪڏهن باقي سان ملحق ٿيو (هو گيا تو اسي فنا نهين هوگي؟؟؟؟ سمجھ ۾ نه
آيو)
د:چوٿون سبب سياسي سبب آهي
، يعني معاشرو پنهنجي امام کي سڃاڻي ، هر شخص معاشري جي اداري کي هلائي نٿو سگهي
امام خميني فرمائن ٿا: تمام فقه جو علمي نتيجو اسلامي حڪومت آهي، اسلامي حڪومت ۽
ولايت فقيہ جو تصور تصديق ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، اسلامي معاشري جي مديريت ڪنهن
کي چوندا آهن ؟ اسلامي قوانين کان، قوانين اسلامي ڪير ڄاڻيندو آهي؟ رسول خدا صلي
الله عليہ وآلہ وسلم ، آئمہ معصومين عليهم السلام ۽ انهن پوءِ اهي افراد ڄاڻيندا
آهن جيڪي دين ۾ تخصص حاصل ڪندا آهن ، جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسپتال جي طبي قوانين
کي انجام ڏنو وڃي ته ان لاءِ توهان ڪنهن انجينيئر کي ان جو نگران نه بڻائيندو ۽
جيڪڏهن توهان ڪنهن عمارت کي تيار ڪرڻ لاءِ انجينئر جي جاءِ تي ڪنهن سماج شناس شخص
کي ان جو رئيس يا مدير نه بڻائيندو ڇو جو هو ان ڪم کي نٿو ڃاڻي ، بهر حال هر جڳھ
متخصص جي تلاش ۾ رهندا آهن ، دين ۾ به متخصص هوندا آهن ،شرعي مسائلن ۾ به متخصص ۽
صاحب نظر افراد جي ضرورت هوندي آهي.
عمارت
جي لاءِ رازي (انجينيئر )بجلي لاءِ الڪٽريشين ۽ علاج جي لاءِ متخصص ڊاڪٽر وٽ وڃڻو
پوندو آهي، پر دين ايترو ته مظلوم آهي جو يزيد جهڙو فاسق فاجر ۽ بي دين انسانن کي
دين جو متخصص نظر اچي رهيو آهي ، ڪجھ ٻين نا اهلن کي به دين جو متخصص سمجهو ويو
آهي جن جو مقصد فقط پنهنجي خاندان ۽ رشتيدارن جي ترقي هئي ، انهن اهل علم جي لاءِ
تي ٻين کي متخصص سمجهو جنهن جاءِ تي امام صادق عليہ السلام متخصص هجي اتي ٻيو ڪيئن
اچي سگهي ٿو؟ جتي امام حسين عليہ السلام متخصص هجي اتي يزيد ڪيئن متخصص دين بنڻجي
سگهي ٿو ؟؟
حضرت
امام حسين عليہ السلام ڪوفي وارن ڏانهن هڪ خط لکيو :”وَلَعُمرِی مَا
الامامُ اِلاّٰ الحَاکِمُ بِالکِتَابِ“[9]مونکي منهنجي جان جي قسم امام اهو هوندو آهي جيڪو
قرآن جي بنياد تي حڪم کي جاري ڪري ۽ قرآن مجيد جا ماهر ۽ متخصص اهل بيت عليهم
السلام آهن.
ه: پنجون سبب شخصي ۽ ذاتي سبب آهي، ماڻهن چيو ته
امام وقت جي خيلفي جي خلاف قيام ڪيو آهي ته هتي امام حسين عليہ السلام جي لاءِ هي
ڳالھ ضروري هوندي ته هو دنيا کي ٻڌائي ته مان ڪير آهيان ؟ عاشوره جي ڏينهن خطبو ڇو
ڏنائين؟ ڪڏهن چوندا آهن وڃو اصحاب کان پڇو، مان اهو آهيان ، ڪڏهن فرمائن ٿا” بمٰا
تَستَحِلُونَ دَمِی“[10]منهنجو خون ڇا جي ڪري وهائي رهيا آهيو؟ ” ھَل اِبنُ النَّبِی غَیرِی فِی الاَرضِ“[11]ڇا مونکان علاوه هن پوري زمين تي نبي اڪرم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جو فرزند آهي ؟ حضرت امام حسين عليہ السلام ان قدر تاڪيد ڪن ڇو ڪري
رهيا آهن ؟ هي شخصي ۽ ذاتي سبب آهي ته ماڻهو ان کي سڃاڻين .
دشمن
هي چاهي رهيو هو ته واقعي ڪربلا اتي ئي دفن ڪري ڇڏجي اتان کان ڪا به ڳالھ ٻاهر نه
وڃي سگهي پر امام حسين عليہ السلام گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو تعارف ڪرايو ڇڏيو.
بس
هاڻي اسان کي گهرجي ته اسان عزاداري کي تقويت ڏيون جڏهن حضرت امام سجاد عليہ
السلام شام جي ممبر مان فرمايو” انَا بنُ العَطَشٰانِ بِکَربلا“ مان ان جو فرزند آهيان جيڪو ڪربلا ۾ پياسو
شهيد ڪيو ويو .
جڏهن حضرت امام سجاد
عليہ السلام جي سامهون پاڻي ايندو هو ته ان کي ڏسي ڪري پاڻ فرمائيندا هئا ”
قُتِلَ
بنُ رَسولِ اللّٰہِ عَطَشاناً“ فرزند رسول (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) پياسو شهيد ڪيو ويو.
دوستو! خود عزاداري
مقاصد جو هڪ جز آهي ۽ امام حسين عليہ السلام جي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڻڻ امام عليہ
السلام جي تعارف ڪرائڻ جي اثر جو نتيجو آهي، هڪ شخص چيو ٿو ۾ ايٽاليه ۾ هيس لبنان
۽ عراق کان عرب ايندا هئا ،اهي هڪ ڪلب کي ڪرايه تي وٺي ڪري ان ۾ عزاداري جا مراسم
انجام ڏيندا هئا ۽ ان ڪلب جو مالڪ عيسائي هيو، هر رات هو عزاداري جي مراسم کي
ڏسندو هو جڏهن ڏهين جي رات هن مراسم کي ڏٺو ته هو عزادار ۽ مجلس کان پوءِ خطيب کي
چيو : هن ڪلب ۾ ڪهڙي خبر آهي ؟ مان ته هن ڪلب کي محفلن ۽ جشن لاءِ ڏيندو آهيان ؟
ماڻهو ڏھ ڏينهن ويهي
ڪري عزاداري ڪن ٿا، تون ڇا چوندو آهين جو ماڻهو روئڻ شروع ڪندا آهن ؟ ايترو
روئيندا آهن ؟ خطيب چيو : اسان جي آخر نبي صلي الله عليه و آله وسلم وٽ هڪ ڌيءَ
هئي جنهن جو نالو فاطمہ(سلام الله عليها ) هيو ان کي ٻه فرزند هئا جن کي رسول
پنهنجي جهولي ۾ ويهاريندا هئا، انهن جي چپن تي چميون ڏيندا هئا ۽ انهن سان تمام
گهڻي محبت ڪندا هئا، پيغمبر اڪرم دنيا کان رحلت ڪري ويا، ان جي ڌيءَ جو احترام نه
ڪيو ويو ۽ ان کي شهيد ڪيو ويو ، حضرت امام حسن به شهيد ڪيا ويا، حضرت امام حسين
عليه السلام جو ڪربلا ۾ محاصرو ڪيو ويو، ان تي پاڻي بند ڪيو ويو، ان جي ڇهن مهينن
جي معصوم ٻار کي ان جي اڳيان شهيد ڪيو ويو ، ان جي سامهون ان جي جوانن کي ٽڪڙا
ٽڪڙا ڪيو ويو ، انهن جي لاشن کي گهوڙن جي ٽاپن سان پامال ڪيو ويو، ان جي عورتن ۽
ٻارن کي قيد ڪري شهر شهر پهرايو ويو ، ان خطيب تقريبا ٻه ڪلاڪ ان عيسائي جي سامهون
امام حسين عليہ السلام جي مصيبت بيان ڪئي
، هو عيسائي ان قدر رنو جو ان جي گهر واري چيو :مان ان سان ٽيھ سال گڏ آهيان پر ان
کي ان انداز ۾ روئيندي ڪڏهن به ناهي ڏٺو، خطيب چيو ان جو روئڻ امام حسين تي هيو ،
امام حسين قتيل العبراب آهن، يعني حسين عليه السلام اهي آهن جن کي رلائي رلائي ماريو ويو، مون امام
حسين عليه السلام جي باري ۾ بيان ڪيو آهي، ڪڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم امام حسين عليه السلام کي پنهنجي سيني تي سمهاريندا هئا ۽ ان جي لبن تي
پنهنجا لب رکندا هئا، پر ان سان يزيد ڪهڙو سلوڪ ڪيو ، اي يزيد منهنجي حسين سان
تنهنجو ڪهڙو تعلق هو!!..
هڪ جهڙيون تحريرون:
سيرت امام حسين عليه السلام
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: