Ad 468 X 60

Thursday, April 9, 2015

حضرت بيبي فاطمہ سلام الله علهيا جي پاڪ سيرت


حضرت فاطمہ سلام الله عليها جي پاڪ سيرت
تحرير راشد علي چانڊيو

نالو ۽ لقب:
نالو فاطمہ سلام الله عليها ۽ مشهور لقب زهرا، سيده، نساء العالمين، راضيه ، مرضيه شافعه، صديقه، ذڪيه ، خيرالنساء ۽ بتول آهن.
سيده سلام الله عليها جي نالي جي وضاحت:
سيده فاطمہ سلام الله عليها هڪ اهڙو مباڪ نالو آهي جيڪو پنهنجي اندر تمام خصوصيتون رکي ٿو ، پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ارشاد فرمائن ٿا: انّي سميت فاطمة لانّ الله عزوجل فطمها و فطم من احبها من النار .[1]

پنهنجي ڌيءَ جو نالو (فاطمہ (سلام الله عليها) ان ڪارڻ رکيو اٿم جو الله سائين هن کي ۽ هن سان محبت ڪرڻ وارن (شيعن) کي جهنم جي باهه کان امان ڏني آهي .
”قال رسول اکرم صلي الله عليه و آله وسلم : ان الله عزوجل فطم ابنتي فاطمه ولدها و من احبهم من النار فلذالک سميت فاطمة“ [2]
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو: بيشڪ الله سائين منهنجي ڌيءَ فاطمہ (سلام الله عليها) ، ان جي اولاد ۽ ان شخص کي جيڪو کين دوست رکي ٿو جهنم جي باھ کان پري رکيو آهي اهو ئي سبب آهي جو کيس فاطمه (سلام الله عليها ) چيو وڃيس ٿو .
علامه مجلسي _ الله سائين کيس رحمت ڪريس _ ڪتاب ”عيون اخبار الرضا“ کان هڪ روايت نقل ڪئي آهي جنهن ۾ راوي پنهنجي سند سان امام رضا عليه السلام ۽ امام محمد باقر عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي انهن مامون کان مامون هارون کان ۽ هارون مهدي کان ۽ مهدي پنهنجي سند سان ابن عباس کان روايت نقل ڪئي آهي ته ابن عباس معاويه کان پڇيو ڇا توکي خبر آهي ته فاطمہ (سلام الله عليها ) کي فاطمہ ڇو ٿو چيو وڃي؟ معاويه جواب ڏنو: نه مون کي خبر ناهي، ابن عباس ٻڌايو: ڇا ڪاڻ ته فاطمہ (سلام الله عليها) ۽ کين شيعه جهنم کان پري هوندا .[3]

والدين :
والد ماجد ختمي مرتبت حضرت محمد مصطفي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ والده ماجده جناب مليڪة العرب حضرت خديجة بنت خويلد آهن.

ولادت:
جناب سيده سلام الله عليها جي ولادت جي تاريخ ۾ علماء اسلام ۾ اختلاف آهي ليڪن اهلبيت عليهم السلام جي روايتن جي مطابق بيبي جي ولادت بعثت جي پنجين(5) سال 20 جمادي الثاني جمعة المبارڪ جي ڏينهن مڪہ مڪرم ۾ ٿي.

بيبي جو ننڍ پڻ:
جناب سيده سلام الله عليها جي زندگي جا پهريان 5 سال پنهنجي والده ماجده حضرت خديجة الڪبري ۽ والد حضرت محمد مصطفي جي زير سايه ۾ گذريا ۽ جڏهن بعثت جي ڏهين (10) سال خديجة الڪبري عليها السلام جو انتقال ٿيو ته ماءُ جي هنج کان جدا ٿي ۽ پنهنجي بابا جي زير سايه تربيت حاصل ڪندي رهي.
جناب سيده سلام الله عليها کي ننڍ پڻ ۾ تمام گهڻا ڏک ڏسڻا پيا پنجن سالن جي ڄمار ۾ ماءُ جي جدائي ۽ جڏهن بابا سائين جي سايه مبارڪ ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪيائين ته دشمنن پاران رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي اذيتون مليون اهي تڪليفو بيبي  ڏسندي رهي ۽ غم برداشت ڪندي رهي ڪڏهن پنهنجي بابا جي زخمي جسم تي مرهم لڳائيندي هئي ته ڪڏهن اهو ٻڌندي هئي ته مشرڪن بابا جي مٿان گند اڇلايو آهي، ڪڏهن ٻڌندي هئي ته مشرڪن بابا جي قتل جو منصوبو ٺاهيو آهي ان باوجود بيبي ڪڏهن به ۽ ڪنهن کان به نه ڊني بلڪه ننڍي ڄمار هوندي ۾ به پنهنجي بابا جي مدد ڪندي رهي.

جناب سيده سلام الله عليها جي شادي:
هي ڳالهه شروع کان ئي واضح هئي ته حضرت علي عليہ السلام کان علاوه دختر رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو ٻيو ڪو به برابر نه آهي ان جي باوجود به تمام گهڻا ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ويجهو سمجهندا هئا پنهنجي دلين ۾ رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي نياڻي سان شادي جون اميدون لڳائي ويٺا هئا موخين لکيو آهي ته جڏهن سڀ ماڻهو پنهنجي قسمت آزمائي چڪا ته حضرت علي عليه السلام کي چوڻ شروع ڪيائون ته توهان پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي نياڻي جي لاءِ رشتو ڇو نه ٿا موڪليو ؟ حضرت علي عليہ السلام فرمائيندا هئا مون وٽ اهڙي ڪابه شيء ناهي جنهن جي بنا تي مان انهي راه ۾ قدم وڌايان! اهي ماڻهون چوندا هئا اي علي (عليه السلام )پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم تو کان ڪابه شيء نه گهرندو، آخر ڪار حضرت علي عليہ السلام پنهنجي پاڻ کي انهي پيغام جي لاءِ آماده ڪيو ۽ هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ليڪن پيغمبر اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سامهون پنهنجي مقصد کي ظاهر نه ڪري سهگيا، مورخين لکيو آهي ته پاڻ اهڙي ريت ٻه مرتبه رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي خدمت ۾ گهر ويا پر پنهنجي ڳالھ نه ڪري سگهيا، جڏهن ٽئين مرتبه ويا ته پيغمبراڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم پاڻ ئي ئي پڇيو اي علي(عليه السلام) ڇا ڪو ڪم آهي ؟ حضرت امير عليہ السلام جواب ڏنو جي ها ! رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو شايد زهرا (سلام الله عليها ) سان شادي جو رشتو ڪڻي آيا آهيو؟ حضرت علي عليہ  السلام ها ۾ جواب ڏنو ڇو جو الله سائين جو ارادو به اهو ئي هو ته هي عظيم رشتو برقرار رهي لهذا حضرت علي عليہ السلام  جي اچڻ کان پهريان ئي رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي وحي جي ذريعي آگاه ڪيو ويو هو.

رسول اڪرم پنهنجي نياڻي کي فريايو : تون علي(عليہ السلام) کي چڱي نموني سان سڃاڻي ٿو هو سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آهي، سڀ کان وڌيڪ اسلام جي خدمت ڪرڻ وارو ۽ با فضيلت افراد منجهان آهي، مون خدا کان هي چاهيو هو ته تنهنجي لاءِ بهترين شوهر جو انتخاب ڪري ۽ مون کي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون تنهنجي شادي حضرت علي عليه السلام سان ڪرايان، تنهنجي ڇا مرضي آهي ؟

جناب سيده سلام الله عليها خاموش رهي پيغمبراڪرم بيبي جي خاموشي کي رضامندي سمجهي ۽ خوشي سان تڪبير چوندي اُتان ااٿي بيٺا ۽ پوءِ حضرت امير المومنين عليه السلام کي شادي جي خوش خبري ڏنائين ، جناب سيده سلام الله عليها جو مهر 40 مثقال چاندي مقرر ٿيو تمام اصحاب جي هڪ گڏجاڻي ۾ نکاح جو خطبو پڙهيو ويو.

 قابل توجھ هي ڳالهه آهي ته جنهن وقت حضرت علي عليه السلام جي شادي ٿي رهي هئي ته ته سندن هڪ تلوار ، هڪ زره، هڪ پاڻي ڀرڻ جو اُٺ کان علاوه ڪجه به نه هو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: تلوار کي جهاد جي لاءِ رکو، اُٺ پاڻي ۽ سفر جي لاءِ هجي ، باقي زره کي وڪڻي ڪري پنهنجي شادي جي لاءِ سامان خريد ڪيو، پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب سلمان فارسي کي زره وڪڻڻ جي لاءِ موڪليو، جناب سلمان زره کي 500 درهمن ۾ وڪڻيو، پوِءِ هڪ رڍ کي ذبح ڪيو ويو ۽ شادي جو وليمو ڪيو ويو.

ڏاج جو مختصر سامان پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻِ جي گهر آندو ويو، تڪبيرن (الله اڪبر) جي آوازن سان پري مدينه جي ڳلين ، بازارن ۽ محلن ۾ هڪ خاص قسم جي روحانيت پيدا ٿي وئي ۽ سڀني جي دلين ۾ خوشي جون لهرون هلي رهيون هيون، پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي جو هٿ حضرت علي عليه السلام جي هٿ ۾ ڏئي ڪري هن مبارڪ جوڙي جي حق ۾ آسمان جي طرف هٿ کڻي ڪري دعا ڪئي ۽ انهن کي خدا جي حوالي ڪيائين اهڙي طرح ڪائنات جي بهترين جوڙي جي شادي جون رسمون تمام سادگي سان انجام پذير ٿيون.

جناب سيده سلام الله عليها جو پردو:
جناب سيده سلام الله عليها نه صرف پنهنجي سيرت بلڪه پنهنجي ڪردار ۽ اقوال سان به عورتن کي پردي جي طرف تمام گهڻو زور ڏياريو آهي حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته مان ۽ فاطمه س حضور اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ هياسين انهي اثنا ۾ رسول اڪرمﷺ جن دريافت ڪيو، ” عورتن جي لاءِ سڀ کان نيڪ ۽ بهتر شي ڪهڙي آهي“ ؟
حضرت فاطمه زهره سلام الله عليها جن جواب ۾ فرمايو :
 عورتن جي لاءِ سڀ کان بهترين شي اها آهي ته هو ( بغير ضرورت نا محرم )  مردن جي طرف نه ڏسي ۽ نه ئي نامحرم مرد ان کي ڏسن.[4]

جناب سيده سلام الله عليها جو اخلاق
حضرت صديقه طاهر سلام الله عليها جي مڪمل زندگي سٺي اخلاق سان ڀريل آهي اسان هتي اختصار سان ٽي موردن جي طرف اشارو ڪيون ٿا وري به تاڪيد ڪيون ٿا ته هي ٽي موارد هڪ مثال خاطر آهن. جن لي تمام گهٽ سمجهيو وڃي.
1: حضرت جابر بن عبدالله انصاري جييو صحابي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هيو اُن کان منقول آهي : هڪ شخص جيڪو ٻهراڻي مان مدينه ۾ آيو جيڪو تمام گهڻو فقير ۽ حاجت مند هيو ، نماز عصر کان پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان مدد طلب ڪيائين . حضرت فرمايو مان مون وٽ هاڻي ڪجهه به ناهي پوءِ اُن کي جناب فاطمه سلام الله عليها جي گهر جي طرف موڪليائين جيڪو مسجد سان بلڪل مليل هو ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي گهر جي به ويجهو هو. اهو شخص جناب بلاول جيڪو رسول خدا جي طرفان موذن هيو اُن سان گڏ جناب فاطمه سلام الله عليها جي در وازي تي آيو ، اهل بيت رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي سلام ڪيائين ۽ عرض ڪيائين حضرت فاطمه سلام الله عليها جيڪا پنهنجي ٻارن ۽ گهر وارسن سان گڏ ٽن ڏينهن کان بک تي ويٺل هئي، پر هن سائل کي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ موڪليو هو جيڪو سيده جي ٽن ڏينهن کان به واقف هيو ان ڪري پاڻ سلام الله عليها پنهنجي ڳلي جو هار اُن فقير جي حوالي ڪيائين ۽ چيائين ته هن کي وڪڻ اميد ڪيان ٿي ته خداوند عالم توکي هن کان بهتر عطا ڪندو. اعرابي هار وٺي ڪري رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ واپس موٽي آيو ۽ پوري واقعي کان آگاه ڪيائين. جڏهن رسول  خدا صلي الله عليه وآله وسلم هي قصو ٻڌو ته اکين مان ڳوڙها جاري ٿيس ۽ اعرابي جي حق ۾ دعا ڪيائين .

عمار ياسر (پيغمبر اڪرم جو صحابي) پنهنجي جاءِ کان اٿيو ۽ اجازت ورتائين ته هن جو جيڪي به ضروتون آهن مان پوريون ڪيان ۽ هار (گردن بند) کي خريد ڪيا، جناب عمار هن کي کاڌو ، لباس، سواري ۽ سفر جو سامان ڏنو ۽ هار کي ورتائين . جناب عمار اُنهي گردن بند کي يماني ڪپڙي ۾ ويڙهي اُن کي خوشبو هڻي ڪري هڪ غلام سان گڏ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ هديو پيش ڪيائين . غلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ آيو ۽ واقعي کي وري ٻڌايائين. حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم غلام ۽ گردن بند کي جناب فاطمه سلام الله عليها کي بخشائين، اهو غلام جناب سيده سلام الله عليها جي گهر آيو . جناب سيده سلام الله عليها اُن گردن بند کي ورتو ۽ غلام کي آزاد ڪري ڇڏيائين.

ان وقت هو غلام مسڪرايو جڏهن اُن کان مسڪرائڻ جي علت پڇي وئي ته اُن چيو : هار (گردن بند) ڪيترو ته  با برڪت هيو ، هڪ بُکي کي سير ڪيائين ، هڪ اگاڙي کي لباس پارايائين ، جيڪو فقير هيو اُن کي سواري ۽ بياز ڪيائين ۽ هڪ غلام کي آزاد ڪيائين وري آخر ۾ پنهنجي مالڪ وٽ اُنهي حالت ۾ پهتو !!!

2: رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جناب سيده سلام الله عليها جي رخصتي واري رات لاءِ پيراهن (قميص) ورتو هو . ان کان پهريان جناب سيده سلام الله عليها وٽ هڪ پيراهن موجود هئي . هڪ فقير آيو ۽ سوال ڪيائين ته مان خاندان نبوت مان پراڻي خميص چاهيان ٿو . حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها فقير جي خواهش مطابق چاهيو ته پراڻي خميص اُن جي حوالي ڪري پر اُنهي وقت هي آيت ياد آيس ” ڪڏهن به نيڪي هٿ نه ايندي آهي سواءِ ان جي جو جنهن کي توهان پسند ڪيو اُن کي الله جي راه ۾ انفاق (خرچ) ڪيو “ پوءِ جناب سيده سلام الله عليها پنهنجي نئي خميص خدا جي راه ۾ انفاق ڪئي .


3: امام حسن مجبتي عليه السلام جناب فاطمه سلام الله عليها جي عبادت بيان ڪرڻ جي ذمن ۾ ماڻهن جي اڳيان پنهنجي والده ماجده جي هن طرح توصيف بيان ڪيائون: مان پنهنجي ماءُ فاطمه (سلام الله عليها) کي جمع جي رات ڏسندو هيس پنهنجي محراب عبادت ۾ وڃي بيهندي هئي ايستائين جو صبح ٿي ويندي هئي ، سڳي رات رڪوع ، سجده انجام ڏيندي هئي ۽ مان ٻڌندو هيس ته مردن ۽ عورتن جي حق ۾ دعا ڪندي هئي، انهن جا نالا کڻندي هئي ۽ انهن جي لاءِ تمام گهڻي دعا ڪندي هئي پر پنهنجي لاءِ ڪا به دعا نه ڪندي هئي پوءِ مون پڇيو اي امان! ڇاجي ڪري جيئن ٻين جي لاءِ دعا ڪيئي پنهنجي لاءِ نه ڪيئي ؟ امان (فاطمه سلام الله عليها) چيو پٽ: پهريان پاڙي وارا بعد ۾ گهر وارا.


جناب فاطمہ سلام الله عليها ۽ قرآن

فاطمہ سلام الله عليها کي سمجهڻ ئي ليلة القدر آهي 
تفسير فرات ڪوفي ۾ امام جعفر صادق عليه السلام سوره قدر جي پهرين آيت”انا انزلناه في اليلة القدر“ جي باري ۾ روايت ٿيل آهي، امام عليه السلام فرمايو: ليلة مان مراد فاطمہ آهي،قدر مان مراد الله جل جلاله آهي، بس جيڪو به فاطمہ سلام الله اُن طرح سان سڄاڻي جيڪو اُن  جو حق آهي ته اُن شخص ئي ليلة القدر کي سمجهيو(يا پاتو) انهي ڪري اُن کي فاطمه به چيو ويندو آهي ڇو جو گهڻا ماڻهو اُن کي ڪما حقہ نٿا سڃاڻي سگهن .[5]

آيين پايداري
ڪتاب البرهان في تفسير القرآن (سيد هاشم بحراني) سوره بينہ جي آيت پنج ۾ خدا وند عالم فرمائن ٿا : ”ذالک دين القيمہ“ اُن جي تفسير ۾ امام محمد باقر عليه السلام کان روايت ٿيل آهي : آيت مان مراد اسان جي ڏاڏي فاطمہ سلام الله عليها آهي .[6]


هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ولايت اهل بيت عليهم السلام تمام فرائض ۽ عبادتن کان وڌيڪ آهي، حقيقت ۾ دين ولايت اهل بيت عليهم السلام کان بغير کامل ۽ مڪمل ناهي، روايت ۾ دين جي بقا ۽ سالميت (محبت )فاطمہ سلام الله عليها (۽ اُن جي آل) تفسير ٿيل آهي.

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جڏهن بندو آخرت ۾ پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهندو سڀ کان پهريان اُن کي هي سوال ڪيا ويندا ، تنهنجون واجب نمازون، زڪات، روزه، ۽ اسان اهل بيت عليهم السلام جي ولايت جو سوال ڪيو ويندو بس جنهن به اسان جي ولايت جو اقرار ڪيو ۽ انهي عقدي(اسان جي ولايت ) سان هن دنيا مان گذاري ويو، زڪات روزه حج ۽ ٻيا سڀ اعمال خداوند عالم جي بارگاه ۾ قبول ڪيا ويندا ۽ جيڪڏهن اُن اسان جي ولايت جو اقرار نه ڪيو هوندو اُن جو ڪو به عمل قبول نه ڪيو ويندو.[7]

آسماني گهر
علامه مجلسي رحمة الله انس بن مالڪ ۽ بريده کان روايت نقل ڪئي آهي : رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم سوره نور جي 37 آيت جي تلاوت ڪئي ”في بيوت اذن الله ان ترفع ويذکر اسمہ يسبح له فيها بالغدو والاصال“ انهي دوران هڪ شخص پنهنجي جاءِ کان اُٿي بيٺهو ۽ سوال ڪيائين: يا رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم) اهيو ڪهڙو گهر آهي؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: انبياء جا گهر مراد آهن. اُن کان پوءِ ابوبڪر اُٿي بيٺو ۽ سوال ڪيائين: يا رسول الله ڇا هي گهر (حضرت علي ۽ فاطمه سلام الله عليها) به انهن گهر منجهان آهي ؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو : ها هي انهن کان به افضل آهي .[8]

ابن عباس انهي آيت جي باري ۾ فرمائن ٿا : اسان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئاسين ته قاري مٿين آيت جي تلاوت ڪئي . مون پڇيو: يا رسول الله اهي ڪهڙا گهر آهن ؟ پاڻ سڳورن فرمايو : انبياء (عليهم السلام) ۽ جناب فاطمه سلام الله عليها جي گهر جي طرف اشارو ڪيائين اهي گهر مراد آهن.

ادب ۽ خداوند عالم جو حڪم
امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي ابن ڏاڏن کان انهن جناب سيده سلام الله عليها کان : جڏهن سوره نور جي آيت 64 نازل ٿي”لا تجعلوا دعاء الرسول بينکم کدعاء بعضکم بعضا“
جيئن توهان هڪ ٻي کي سڏيندا آهيو اهڙي طرح پيغمبر کي نه سڏيو “
پاڻ سلام الله عليها فرمايو: ان آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ مون بابا کي ”بابا “ چوڻ جي بجاءِ يا رسول الله چيو . پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم منهنجي طرف ڏسي ڪري فرمايو: اي فاطمه جان! هي آيت تنهنجي، تنهنجي خاندان ۽ تنهنجي نسل جي باري ۾ نازل ناهي ٿي ، ڇو جو تو مون منجهان آهين ۽ مان تو منجهان آهيان ، هي آيت قريش جي متڪبر ۽ جفاڪارن لاءِ نازل ٿي آهي . فاطمه تو مون کي بابا چئي ڪري سڏيندي ڪر ڇو جو جڏهن بابا چوندي آهين ته منهنجي دل زنده ٿي ويندي آهي ۽ الله سائين به راضي ٿي ويندو آهي اُن کان پوءِ بابا مونکي بوسا ڏنا .[9]


جناب سيده سلام الله علهيا جي عظمت ۽ منزلت:
رسول اڪرم صلي الله عليه واله وسلم عبدالرحمن بن عوف کي فرمايو: اي عبدالرحمن ! تنهنجو شمار منهنجي اصحابن منجهان آهي ليڪن علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ذات مون منجهان آهي ۽ مان اُن منجهان آهيان اگر ڪنهن علي عليه السلام جو مقابلو ڪنهن غير سان ڪيو ته يقيناً ان مون کي اذيت ڏني  ان تي خدا جي لعنت هجي ، اي عبدالرحمن ! هي سچ آهي ته الله سائين مون تي هڪ روشن ڪتاب نازل ڪئي آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو اٿس ته مان علي عليه السلام کان سواءِ ماڻهن ۾ هن ڪتاب کي بيان ڪيان ڇو جو علي عليه السلام قرآن جو محتاج نه آهي ، خدا علي عليه السلام جي فصاحت کي منهنجي فصاحت جهڙو قرار ڏنو آهي ۽ ان جي فهم ۽ شعور کي منهنجي فهم ۽ شعور جهرو قرار ڏنو اٿس.

اگر تمام حلم کي گڏ ڪري هڪ جسم ٺاهيو وڃي ته يقيناً اهو علي عليه السلام جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو ، اگر تمام عقل کي جسم جي صورت ۾ گڏ ٿين ته بيشڪ حسن مجتبي عليه السلام ئي هوندا، اگر سڀني سخاوتن کي هڪ پيڪر ۾ گڏ ڪيو وڃي ته بيشڪ اهو حسين عليه السلام ئي هوندا اهڙي طرح اگر تمام تر خوبين ۽ ڪمالات کي ڪنهن هڪ ذات ۾ گڏ ڪيو وڃي ته اُها فاطمه سلام الله علهيا جي عظمت هن کان به وڌيڪ آهي بيشڪ منهنجي ڌيءَ هن زمين ۽ عنصر وجودي جي اعتبار سان سڀ کان افضل ۽ برتر آهي .

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جناب سيده سلام الله عليها سان محبت:
جناب سلمان کان روايت آهي : رسول اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو اي سلمان : جيڪو منهنجي ڌيءَ فاطمه سلام الله عليها سان محبت ڪندو اهو جنت ۾ مون سان گڏ رهندو ۽ جيڪو هن کي ناراض ڪندو ان جي جاءِ هميشه هميشه جهنم هوندي .
اي سلمان سئو موقعا اهڙا آهن جتي فاطمه سلام الله عليها جي محبت ماڻهن کي فائدو پهچائيندي جن مان آسان ترين مرحلا : موت ، قبر، ميزان، حشر، حساب وڪتاب، ۽ پل صراط آهن لهذا جنهن سان منهنجي ڌيءَ جي فاطمه سلام الله عليها راضي  آهي ان سان آئون به راضي آهيان ۽ جنهن سان آئون راضي آهيان ان سان خدا به راضي آهي ۽ جنهن شخص سان منهنجي ڌيءَ فاطمه (عليها السلام) ناراض هجي ان تي مان غضبناڪ هوندو آهيان ۽ جنهن تي مان غضبناڪ هوندو آهيان ۽ جنهن تي مان غضبناڪ هوندو آهيان ان تي خدا به غضبناڪ هوندو آهي (۽ جنهن تي الله غضبناڪ هجي اُن جو ٺکاڻو جهنم آهي )
اي سلمان افسوس هجي ان شخص تي جنهن فاطمه(س) ۽ فاطمه (سلام الله عليها) جي شوهر اميرالمومنين علي عليه السلام تي ظلم ڪيو ۽ هلاڪت  هجي ان لاءِ جنهن اولاد فاطمه ۽ فاطمه جي شيعن تي ظلم ڪيو هجي.[10]
جناب عائشه کان روايت آهي ته جناب سيده سلام الله عليها گفتار ۾ تمام ماڻهن جي نسبت پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان زياده شباهت رکندي هئي، جڏهن پيغمبر وٽ ويندي هئي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سندن دست بوسي ڪندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هئا ۽ جڏهن وري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب سيده سلام الله عليها وٽ ايندا هئا ته بيبي پنهنجي والد محترم جي احترام ۾ اٿي بيهندي هئي ۽ هٿ مبارڪ جو بوسو ڏيندي هئي، ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندي هئي.[11]

جناب عائشه روايت ڪري ٿي ته هڪ ڏينهن مون ڏٺو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جناب سيده سلام الله عليها کي بوسو ڏئي رهيا آهن ته مون عرض ڪيو يا رسول الله هاڻي به توهان فاطمه (سلام الله عليها) کي بوسا ڏئي رهيا آهيو جڏهن ته هو هاڻي شادي شده آهي ؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اگر توکي خبر هجي ها ته آئون فاطمه (سلام الله عليها) کي ڪيترو چاهيندو آهيان ته تنهنجي محبت به هن سان زياده ٿي وڃي ها ! فاطمه(سلام الله عليها) انسان جي شڪل ۾ حور آهي جڏهن به مان بهشت جي خوشبو جو مشتاق ٿيندو آهيان ته هن کي بوسا ڏيندو آهيان.[12]

حضرت علي عليه السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو ته مونکي وڌيڪ چاهيو ٿا يا فاطمه کي ؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اي علي(عليه السلام) تون عزيز ترين آهين ۽ فاطمه(سلام الله عليها ) محبوب ترين آهن.[13]
جناب سيده سلام الله عليها فرمائن ٿيون: جڏهن هي آيت نازل ٿي (لا تجعلوا دعاء الرسول بينکم کدعاء بعضکم بعضا) مسلمانو! خبردار رسول (صلي الله عليه وآله وسلم) کي اهڙي طرح نه پڪاريو جهڙي طرح توهان هڪ ٻي کي سڏيندا آهيو“ ته آئون پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻين وانگر يا رسول الله چئي ڪري ڳالهايم پر پاڻ سڳورن جواب نه ڏنو ڪجھ دفعا تڪرار ڪرڻ جي باوجود به جواب نه ڏنو پوءِ پاڻ سڳورن (صلي الله عليه وآله وسلم) مونکي فرمايو : اي فاطمه هي آيت (لا تجعلوا دعاء الرسول بينکم کدعاء بعضکم بعضا)  تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي لاءِ نازل ناهي ٿي تون مون منجهان آهين ۽ مان تو منهجان آهيان هي آيت قريش جي تڪبر ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ نازل ٿي آهي . تون مونکي بابا چئي ڪري سڏيندي  ڪر ڇو جو هي لفظ منهنجي دل کي زنده ڪندو آهي ۽ الله سائين کي خوش ڪندو آهي .[14]

جناب رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي جي مقام ۽ منزلت کي پاڻ بيان ڪيو آهي ۽ ان جي ربتي کي تمام سٺي طرح سان سڄاڻين پيا . پيغمبر اڪرم صلي الله عليه واله وسلم ڄاڻين پيا ته سيد سلام الله عليها ولايت ۽ امامت جي وجود ۾ اچڻ جو مرڪز ۽ دين جي رهبرن جي ماءُ آهي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ،حضرت علي عليه السلام ۽ آئمه اهل بيت عليهم السلام کان علاوه ٻيو ڪوبه بيبي پاڪ جي مقام کي سمجهي نٿو سگهي .

هر دين ۾ ڪامل ۽ مقدس عورت جي مثال موجود آهي ته ان جي مقدس هجڻ سان مومنين خاشع هوندا آهن . هو مرد ۽ عورت جي درميان مخلوق ۾ خدا جي طرف کان نشاني آهي جيڪڏهن عيسائي مريم عزراء سلام الله عليها کي مقدس سمجهن ٿا ته اسلام ۾ سيده (سلام الله عليها) بتول جي صورت ۾ مقدس سمجهي وڃي ٿي.

جناب سيده سلام الله عليها اهل سنت جي نگاه ۾
ڊاڪٽر علي ابراهيم حسن لکن ٿا: سيده سلام الله عليها جي زندگي تاريخ جي پاڪ صفحن منجهان هڪ صفحو آهي هن ۾ عظمت جا مختلف رنگ گڏجن ٿا. هو بلقيس ۽ ليوبطره وانگر نه آهي جو پنهنجي عظمت کي عظيم تاج ۽ تمام گهڻي دولت ۽ بينظير خوبصورتي سان حاصل ڪئي هجي ۽ هو عائشه وانگر نه آهي جو پنهنجي شهرت کي اهڙي جرئت سان حاصل ڪيو هجي جيڪا ڪنهن لشڪر جي رهبري ڪئي هجيس ۽ مردن کي پنهنجي پويان وٺي وئي هجي بلڪه اسان اهڙي شخصيت جي سامهون آهيون جيڪا عالَم تي ظاهر ٿي آهي  جڏهن  ته هو حڪمت ۽ جلال جي احاطي ۾ آهي.[15]

توفيق ابو علي مصري مولف جيڪو مصر جي عدالت جو اعلي درجي جو وکيل آهي اهو جناب سيده سلام الله عليها جي متعلق لکي ٿو: مان پنهنجي آقا زادي جي عظمت جي مقابلي ۾ تواضع ۽ انڪساري ڪيان ٿو اي جگرِ رسول اڪرم (صلي الله عليه وآله وسلم) منهنجو سر توهان جي بلند مقام جي سامهون جُهڪي ويو، اي حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام جي ماءُ اهڙو ڪهڙو قلم آهي جيڪو توهان جي ڪا فضيلت لکي سگهي ۽ اهڙي ڪهڙي نازڪ نوڪ ٿي سگهي ٿي جو جيئن توهان آهيو ائين توهان جي تصوير ٺاهي توهان جي لاءِ چيو ويو آهي ته توهان پس پرده عالمِ وجود جو نمونو ٿيو ۽ چيو ويو آهي ته توهان ڪروڙن انسان جي آواز آهيو ، چيو ويو آهي ته توهان نبوت جي چمڪندڙ تارو آهيو، چيو ويو آهي ته توهان عورتن لاءِ نمونه عمل آهيو ، اي منهنجي آقا زادي توهان پيغمبر صلي الله عليه جي معصوم ڌيءَ آهيو ، توهان وصي جي هنج ۾ تربيت پاتي، توهان پنهنجي پيءَ جي به ماءُ آهيو، توهان رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رسالت ۾ ماءُ آهيو نه ڪه ولايت ۾ ،اي منهنجي با عظمت آقا زادي توهان! اهلبيت (عليهم السلام) جي سرپرست ۽ مرڪز شخصيت آهيو ، شاعر توهان اهلبيت عليهم السلام جي لاءِ چوي ٿو: هو نور خدا عزوجل جلاله آهن ، هو (قرآن ۾) انجير ،زيتون، شفع ۽ وتر آهن .[16]

محمود شبلي جناب سيده سلام الله عليها جي متعلق لکن ٿا:
ڪهڙو آسمان منهنجي مٿان ڇائون ڪندو ؟ ۽ ڪهڙي زمين مونکي پناه ڏيندي اگر سيده سلام الله عليها جي لاءِ ڪا فضيلت نه لکان ۽ مان ڪنهن شيءَ جي لائق آهيان ؟ ڪهڙي ريت جڏهن ته مان طاقت به نٿو رکان ۽ ممڪن ئي نه آهي ته ايتري طاقت ۽ قوت مون ۾ اچي وڃي ته جيئن رسول اڪرم جي ڌيءَ جي لاءِ جن الفاظن جي هو حقدار آهي لکان ، ڪهڙي ريت مان طاقت ٿو رکان جو ان لاءِ ڪجھ لکان جنهن جا والد محترم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم آهن ۽ جنهن جا شوهر علي مرتضي آهن ۽ جيڪا حسنين عليهما السلام جي ماءُ آهي ۽ اُهي ڪمالات پاتا وڃن ٿا جيڪي ڪنهن عام عورت جي لاءِ نه آهن ۽ نه ئي ٿي سگهن ٿا يا ڪيئن اهڙي طاقت حاصل ڪجي ته جيئن اُن جي مقدس مقام جي قريب ٿي وڃون، اها شخصيت جيڪا رسول اڪرم جي لاءِ محبوب ترين آهي.
تمام عالمين جي عورتن جي آقازادي بهشت جي عورتن جي سردار سيده سلام الله عليها رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان مشاهبت رکن ٿيون جڏهن به بيبي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ ايندي هئي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بيبي جي طرف اڳتي ايندا هئا، هٿن کي بوسو ڏيندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هئا.[17]

جناب سيده سلام الله عليها جا فضائل اهل سنت جي ڪتابن ۾:
پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا : ان فاطمه بضعة مني فصلي الله علي و علي فاطمة“ فاطمه(سلام الله عليها ) منهنجو حصو آهن صلوات هجي مون تي ۽ فاطمه (سلام الله عليها ) تي .
بخاري ۽ مسلم پنهنجي سند سان جناب سيده سلام الله عليها کان روايت نقل ڪئي آهي ته پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن مون کي فرمايو: اي فاطمه(سلام الله عليها) ڇا تون راضي نه آهين ته عالمين جي بهترين عورتن منجهان آهين.[18]
ترمذي پنهنجي سند سان ابن زبير کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : اي فاطمہ( سلام الله عليها) منهنجو حصو آهن جنهن هن کي ستايو اُن مونکي ستايو جنهن هن کي اذيت ڏني اُن مونکي اذيت ڏني.[19]

عورتن جي لاءِ سڀ کان بهتر شي
حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته مان ۽ فاطمه س حضور اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ هياسين انهي اثنا ۾ رسول اڪرمﷺ جن دريافت ڪيو، ” عورتن جي لاءِ سڀ کان نيڪ ۽ بهتر شي ڪهڙي آهي“ ؟
حضرت فاطمه زهره س جن جواب ۾ فرمايو :
 عورتن جي لاءِ سڀ کان بهترين شي اها آهي ته هو ( بغير ضرورت نا محرم )  مردن جي طرف نه ڏسي ۽ نه ئي نامحرم مرد ان کي ڏسن.[20]

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها گهر جي ڪمن جي تقسيم ۾
حضرت فاطمه س تمام سخت زندگي گذاري آهي پاڻ گهريلو ذميوارين سان گڏوگڏ ٻچن جي تربيت تي به پوري توجهه ڏيندي هئي پاڻ گهر جي ڪمن کي تقسيم ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ عدل و انصاف جو بهترين نظام به قائم ڪري رکيو هيو،
   گهريلو ڪمن ۾ اميرالمومنين عليه السلام به سائيڻ جو هٿ ونڊرائيندا هيا، جڏهن ته پنهنجي ڪنيز جناب فضه سان گڏ پاڻ جن ڪمن جي ڏينهن کي برابر تقسيم ڪيو هيو، سلمان فارسي چون ٿا ته !
هڪ ڏينهن مان حضرت فاطمه زهره س کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان چڪي هلائيندي ڏٺو مون سلام عرض ڪيو ۽ چيو: اي بنت رسول الله ﷺ تون پاڻ ڇو ايترو پريشان ٿي رهي آهين تنهنجي خدمت جي لاءِ جنابِ   فضه  س جو موجود آهي گهر جا ڪم ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اهيو ٻڌي جناب فاطمه س جواب ۾ فرمايو ته:
اي سليمان ! رسول الله ﷺ مونکي فرمايو آهي ته گهر جي ڪمن کي فضه س سان تقسيم ڪري ڇڏ هڪ ڏينهن اها ڪم ڪري ۽ هڪ ڏينهن مان ڪم ڪريان ڪالهه ان جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي .[21]

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها جو شريڪ حيات جو اخلاق
هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام جن فرمايو :
اي فاطمه س : ڇا گهر۾ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟ گهر ۾ جيڪو کاڌو هيو اهو هڪ ڏينهن پهريان کائجي چڪو هيو انهي لاءِ بي بي س جن انڪار ڪيو ته امام عليه السلام جن فرمايو! فاطمه س مونکي تو ڇو نه ٻڌايو تاڪه مان کاڌي جو انتظام ڪريان ها؟
جناب فاطمه فرمايو:   اي ابو الحسن ع ! مونکي پنهنجي پروردگار کان حيا اچي ٿو ته مان توکان ان شي جي درخواست ڪريان جو جنهن شي جي پوري ڪرڻ جي تو ۾ مالي استطاعت نه هجي.[22]

سائيڻ فاطمة الزهرا سلام الله عليها ۽ فرض جو احساس

حضرت امير المومينن عليه السلام جن فرمائين ٿا ته هڪ دفعي جناب سيدة س جي طبيعت نا ساز هئي پاڻ سڄي رات تمام گهڻي بيچينيءَ سان گذاريائين صبح جي قريب ڪجهه اک لڳي ويئس، اذان جي وقت ڏٺم ته فاطمه س اٿي آهي ۽ وضو ڪري رهي آهي مون نرمي سان کيس چيو فاطمه س توکي پاڻ تي به رحم ڪونه ٿو اچي، سڄي رات بخار رهيو اٿئي صبح ٿڌي پاڻي سان وضو ڪيو اٿئي ۽ هاڻي وري چڪي هلائي رهي آهين.؟
سيدة طاهره سلام الله عليها ڪنڌ جهڪائي چيو ”اي ابو الحسن عه ! جيڪڏهن مان فرض جي ادائگي ۾ مري به وڃان ته حد کان وڌيڪ خوش ٿيندس ۽ مون کي عبدي مسرت حاصل ٿيندي. مون وضو ڪيو خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ۽ چڪي هلائي توهان جي اطاعت ۽  ٻارن جي خدمت لاءِ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته انهن ٻنهي فريضن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو فريضو ٿي سگهي ٿو. [23]

جناب سيده سلام الله عليها جو ڪجھ حديثون

سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها جن پنهنجي مڙس حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي فرمايو

حديث 1. اي اباالحسن ! مان پنهنجي پروردگار کان حياء ٿي ڪيان جو اهڙو ڪم اوهان کي چوان جنهن کي اوهان انجام ڏيڻ جي سگهه نه رکندا هجو

حديث 2. جڏهن سيده فاطمه سلام الله عليها جو رشتو حضرت علي عليه السلام گريو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم حضرت بيبي پاڪ کان پنهنجي راي ڏيڻ لاءِ چيو :

اي منهنجي ڌيءَ فاطمه! تنهنجي چاچي جو پٽ علي تنهنجو رشتو وٺڻ آيو آهي تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟

 سيده پنهنجي پيءجو احترام ڪندي فرمايو بابا توهان جي ڪهڙي مرضي آهي ؟؟
رسول الله ارشاد فرمايو:
اذن الله فيه من السماء
خداوند عالم آسمان کان اجازت ڏني آهي 
سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ڏنو 

رضيت ما رضي الله لي و رسوله

مان ان تي راضي آهيان جنهن تي الله ۽ ان جو رسول راضي آهي 

رضيت بالله ربا و بک يا ابتاه نبيا ص بابن عمي بعلا و وليا

مان راضي آهيان، خداوند عالم منهنجو رب آهي ، توهان، اي بابا منهنجو نبي آهين ۽ منهنجي چاچي جو پٽ علي منهنجو مرش ۽ منهنجو امام آهي .[24]

حديث نمبر3
حضرت فاطمه سلام الله عليها فرمايو
ان ابي صلي الله عليه وآله وسلم نظر الي علي ابن ابي طالب عليه السلام و قال هذا و شيعته في الجنت

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام جي چهري مبارڪ جي طرف ڏسي ڪري فرمايو 
هي ۽ هن جا شيعه ڪامياب آهن.[25] 
حديث نمبر08
هڪ شخص پنهنجي گهرواري کي چيو ته حضرت فاطمه سلام الله عليها کان پڇجان ته ڇا مان انهن جي شيعن منجهان آهيان ؟

حضرت سيده فاطمه انهي عورت کي جواب ڏيندي فرمايو :
هر اُنهي ڪم کي انجام ڏي جنهن جو اسان حڪم ڏنو هجي ۽ هر اُن ڪم کان پاڻ کي پري ڪر جنهن جي اسان منع ڪئي هجي پوتون اسان جي شيعن منجهان شمار ٿيندي

بحار الانوار ج43 ص 88

حديث نمبر4
حضرت بي بي زهرا سلام الله علهيا جن فرمايو:

جڏهن مان ننڊ جي لاءِ بستر وڇايو اُن وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم منهنجي گهر آيا ۽ فرمايائون:
اي فاطمه(سلام الله عليها) ننڊ کان پهريان چار شين کي انجام ڏي 

قرآن کي ختم ڪري
پيغمبرن کي پنهنجو شفيع(شفاعت ڪرڻ وارا) ڪري ،
مومنين کي پاڻ کان راضي ڪري ،
حج ۽ عمره کي انجام ڏئي پوِ ننڊ ڪر.
هي فرماء پاڻ ڪريم صلي الله عليها نماز ۾ مشغول ٿي ويا مون صبر ڪيو ته جيئن پاڻ ڪريم نماز کي ختم ڪن ،

مون چيو يا رسول الله( صلي الله عليه وآله وسلم) مونکي جن چار شين جو توهان حڪم ڏنو مان انهن کي انجام ڏيڻ جي سگهه نٿي رکان !

آنحضرت مسڪرايو ۽ فرمايو : 
جيڪڏهن ٽي مرتبهقل هو اللهپڙهندي ته ختم قرآن جو ثواب ملندو
جيڪڏهن مون تي ۽ مون کان پهريان وارن پيغمبرن تي صلوات موڪليندي ته قيامت جي ڏينهن تنهنجي شفاعت ڪرڻ وارن منجهان هونداسين .
مومنن جي طلب استغفار ڪندي ته اُهي سڀ توکان راضي رهندا.
جيڪڏهن چوندينسبحان الله والحمد لله ولا اله الا الله والله اکبر ته توکي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو .[26]

حديث نمبر5
هڪ ڏينهن جناب سلمان سيده بي بي فاطمه سلام الله عليها کان عرض ڪيو
اوهان ڇا جي ڪري ايترو ڪم ڪريو ٿا جو اوهان جا هٿ زخمي ٿي پون ٿا جڏهن ته اوهان وٽ اوهان جي ڪنيز فضى به مجود آهي اها گهر جو ڪم ڪري سگهي ٿي؟


سيده فاطمه سلام الله عليها جواب ۾ فرمايو:
رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم مون کي سفارش ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن گهر جو ڪم فضه ڪري ۽ ٻي ڏينهن گهر جو ڪم مان ڪيان ڪالهه فضه جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي [27]
(هي ڪردار آهي جنت جي عورتن جي سردار سيده فاطمه سلام الله عليها جن جو )


حديث نمبر6
حضرت بي بي فاطمه سلام الله عليها فرمايو:
خَيرُالِلنِسَاءِ اَنۡلا يَرَينَ الرِّجَالَ وَلَا يَراهُنَّ الرِّجَالُ:

عورتن جي لاءِ بهتر هي آهي ته هو نه ڪنهن نا محرم( ڪنهن ٻي مرد ) کي ڏسن ۽ نه نا محرم مرد عورتن کي ڏسن.[28]

حديث نمبر7
حضرت بي بي فاطمہ سلام الله علهيا فرمايو ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

وَيل لامرَاة اغضَبَت زَوۡجَهَا وَ طُوبٰي لاِمراة رَضِيَ عَنهٰا زَوجُهٰا:

افسوس هجي اُن عورت تي جيڪا پنهنجي مڙس کي ناراض ڪري ٿي ڪامياب آهي اُها عورت جيڪا پنهنجي مڙس کي خوش رکي ٿي 

جناب سيده سلام الله عليها جي شهادت:
سيده سلام الله عليها پنهنجي والد بزرگوار جي وفات کان ٽي مهينا پوءِ 3 جمادي الثاني يا (13 جمادي الثاني) سن 11 هجري قمري ۾ وفات پاتي ، سائڻ جي وصيت مطابق سندن جنازو رات جو کنيو ويو. حضرت علي عليه السلام غسل ۽ ڪفن جو بندو بست ڪيو فقط بني هاشم ۽ سلمان محمدي ، مقداد ۽ عمار جهڙن وفادار صحابين سان گڏ نماز جنازه پڙهي ڪري خاموشي سان دفن ڪيو ويو. سائڻ  جي دفن جي اطلاع به عام طور تي ماڻهن کي نه ڏني وئي جنهن ڪري هي اختلاف رهجي ويو ته سائڻ جنت البقيع ۾ دفن آهن يا پنهنجي ئي گهر ۾ جيڪو بعد ۾ مسجد نبوي جو حصو ٿي ويو.  جنت البقيع ۾ سائڻ جو روضو تعمير ٿيل هو جنهن کي اهلبيت عليهم السلام جي دشمنن آل سعود 8 شوال سن 1344 هجري قمري ۾ مسمار ڪيو ويو .






[1] :بحارالانوار:ج 23 باب 2 ص 51
[2] :صواعق محرقه ص 235
[3] : بحارالانوار: ج 9 ص 43
[4] : ڪتاب جلوه نور صفه 77
[5] : بحار: ج43، ص54
[6] : اعلام الـورى، فضل بـن حسـن طبرسى، تحقیق موسسه آل البيت قـم، چاپ اول، 1417، ج1، ص294.
[7] : بحـار، ج43، ص،26 / عوالـم العلوم، 1/11، ص148
[8] : 5- بحـار، 43، ص24،حدیث ،2 منـاقب ابـن شهر آشـوب، ج3، ص360، موسسه انتشاراتى علامه، قم
[9] :بحار الانوار،ج29، ص11
[10] :مقتل خوازمي :ج 1 ص60
[11] :ڪشف الغمه:ج 2 ص 79
[12] : ڪشف الغمه:ج 2 ص 85
[13] :ڪشف الغمه :ج2 ص 90
[14] : بيت الاحزان:ص 10
[15] :فاطمه الزهراء عليها السلام ،دخيل :ص 171
[16] :فاطمه الزهراء عليها السلام ، توفيق ابو علم ، ص 8،9.
[17] : حيات فاطمه عليها السلام :ص 7،8
[18] :فتح الباري :ج 7 ص 142، صحيح مسلم :ج 7 ص 143
[19] : سنن ترمذي :ج 5 ص 360، حديث 3961
[20] : ” ڪتاب جلوه نور صفه 77“
[21] : ” ڪتاب جلوه نور صفه نمبر 80“

[22] : ڪتاب جلوه نور صفه 60
[23] : ڪتاب سيدة النساءِ العالمين بنت رحمة اللعالمين صفا 370

[24] : بحار الانوار ج 43 ص 149
[25] : احقاق الحق ،ج 7 ص 308 ​

[26] : صحيفه الزهراء ، ص 164
[27] : بيت الاحزان ، ص 20
[28] : ڪشف الغمه،ج 2 ص 23 بحارالانوار:ج 101 ،ص 36

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: