Friday, January 19, 2024
سعوديه جي وهابين جو ڪربلا ۽ نجف ۾ قتل عام
تحرير: راشد علي چانڊيو
سعوديه جي وهابين کي مڪه ۽ مدينه تي قبضه ڪرڻ کان بعد ۾ پنهنجي حڪومت کي ترقي ڏيڻ لاءِ پيسن جي تمام گهڻي ضرورت هئي، ان ڪري حڪومت کي مالي لحاظ سان مضبوط ڪرڻ لاءِ نجف، ڪربلا ۽ آسپاس ۾ موجود مقدس مقامات تي حملا ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا، ڇو ته انهن مقدس جاين تي شيعن جي تمام گهڻي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ پنهنجا نذرانا انهن جاين تي پيش ڪندا هئا
۽ ان کان علاوه شيعه بادشاهن جهڙوڪ نادر شاه وغيره طرفان به انهن حرمن تي سون سان تعميراتون ٿيل هيون، وهابين عبدالله ابن وهاب جي فتوا مطابق مقدس مقامات کي ڍاهڻ شروع ڪيو ۽ عراق جي طرف نجف ۽ ڪربلا مٿان حملا ڪيا، انهن حرمن ۾ موجود هر شئي کي چورائائون، رسول الله ص جي نواسي جي حرم مبارک جي توهين ڪندي هر شئي کڻڻ کان بعد ۾ اتان جي آبادي تي به رحم نه ڪيائون ۽ انهن جون عزت پامال ڪندي تمام گهڻو قتل عام ڪيائون، ڪربلا کان بعد ۾ انهن نجف تي تمام گهڻا حملا ڪيا پر نجف جي مومنن تمام وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي نجف مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنائون، اسان هن مقالي ۾ وهابين جي انهن ٻن شهرن مٿان ٿيندڙ ظلمن کي بيان ڪنداسين.
مقدمو:
سعوديه جي وهابين 1214 هجري جي حج
کان بعد ۾ ارادو ڪيو ته اسان هي حڪومت جيڪا ترڪيه جي عثمانين کان حاصل ڪئي آهي ان
کي عربستان کان وڌائي ٻين ملڪن تائين پهچايون، انهن سڀ کان پهريان پنهنجي اطراف جي
علائقن ۽ ملڪن جي طرف توجه ڏني ڪربلا ۽ نجف جي مال ۽ ملڪيت تي سعوديه جي وهابين جي
نظر هئي انهن پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عراق تي حملو ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته ان
ملڪ ۾ ڪافي اهڙيون جڳهون هيون جتي تمام گهڻي دولت موجود هئي جهڙوڪ حرم ڪربلا، حرم
نجف، حرم ڪاظمين ۽ حرم سامرا، انهن حرمن ۾ شعين خصوصا نادر شاه بادشاه طرفان سون
جا مينار جوڙيل هئا ( جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و حاضر ها ج 1 ص 64.) ان
کان بعد ۾ به جيڪي شاه گذريا جيئن زنديه ۽ قاجار انهن به انهن مقدس جاين تي تمام
گهڻي توجه ڏني ۽ تعميرات جي سلسلي کي اڳتي وڌايو، وهابين کي حڪومت هلائڻ لاءِ پيسي
جي ضرورت هئي ان ڪري انهن عراق ۾ موجود
مقدس مقامات تي قبضو ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، هڪ وهابي عالم جيڪو وهابيت جو دفاع
ڪندڙ آهي اهو وهابين جي عراق مٿان حمله بابت هن ريت لکي ٿو: سعود بن عبدالعزيز
چاهيو ته پنهنجي فوج جي مالي مدد ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عراق جي مقدس مقامات تي
حملا ڪيا وڃن، ان سان فوج به مضبوط ٿيندي ۽ مڪه ۽ مدينه وارا حرم مضبوط ٿيندا ته
اسان دنيا مٿان حڪمراني ڪري سگهنداسين (منير عجلاني، تاريخ البلاد العربيه
السعوديه ج 2 ص 128)
ان کان علاه وهابي مذهب سان تعلق
رکندڙن جي دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وهابين نجف ۽ ڪربلا جي مزارات کي ڍاهڻ جو پڪو
ارادو ڪيو ڇو ته هو رسول الله ص جي مزار کي به ڍاهڻ ۾ دير نه ڪن ها پر انهن کي
اندروني بغاوت جو خوف هيو ان ڪري انهن حرم رسول الله ص کان علاه مڪه ۽ مدينه ۾
تمام مزارات کي مسمار ڪيو ۽ عراق جي مزارات کي به ڍاهڻ لاءِ وهابين کي شوق
ڏياريندا رهيا ۽ محمد بن عبدالله وهاب جي فتاوائن کي نشر ڪندا رهيا، انهن ڪربلا ۽
نجف مٿان تمام وڏا حملا ڪيا هي ڪربلا ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا جتي انهن تمام
وڏو ظلم ڪيو پر هي نجف مٿان حملن تي ڪامياب نه ٿي سگهيا.
وهابين طرفان ڪربلا ۾ ظلم
وهابين طرفان ڪربلا۾ چڙهائي
عبدالعزيز جي حڪومت ۾ ٿي هن هڪ وڏو لشڪر نجد ۽ آسپاس کان تيار ڪري پنهنجي پٽ سعودي
(جنهن جي ماءُ عبدالله وهاب جي ڌيءَ هئي) جي سربراهي ۾ سن 1216هجري بمطابق 1802 ع
۾ ڪربلا ۽ نجف مٿان حمله لاءِ روانو ڪيو، هي تمام وڏو لشڪر مقدس مقامات تي حمله
لاءِ عراق پهتو. (تاريخ نجد ص 142) ڪجھ مورخن جو چوڻ آهي ته هي حمله 18 ذوالحج جي
ڏينهن تي ڪيو ويو هيو، ان جي علت هي ذڪر ڪئي وئي آهي ته سعوديه جا وهابي ڪربلا ۾
ته حمله ۾ ڪامياب ٿيا پر نجف مٿان حمله ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ان جي علت هي آهي ته
جنهن وقت انهن ڪربلا مٿان حملو ڪيو هيو ته ان وقت ڪربلا جا ماڻهو عيد غدير ڪرڻ
لاءِ نجف اشرف آيل هئا ۽ ڪربلا ۾ فقط ضعيف، پوڙها، عورتون ۽ ٻارا موجود هئا جن
وهابين جي فوج سان مقابلو نه ڪيو ۽ وهابي آساني سان ڪربلا کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي
ڪربلا ۾ تمام وڏا ظلم ڪيا ( ميرزا ابوطالب اصفهاني، مسير طلابي، ص 255) منير
عجلاني، تاريخ البلاد العربيه السعوديه ج 2 ص 127)
سعوديه جي وهابين ڪربلا مٿان تمام
وڏا ظلم ڪيا جنهن سان هر مومن جي دل آزاري ٿي ۽ جنهن جنهن ان واقعي کي ٻڌو انهن،
انهن ظالمن کي بد دعا ڏني مسلمان توڙي عيسائين ۽ ٻين مذهب جي ليکڪن به ان ظلم کي
بيان ڪيو آهي جهڙوڪ فاسيلف فرانسوي، تاريخ العربيه السعوديه ۾ ڪورانسيز، الوهابيون
تاريخ ما اهمله التاريخ ۾ انهن جي ظلمن کي بيان ڪيو آهي. سڀني ليکڪن جو چوڻ آهي ته
سعوديه جي وهابين ڪربلا مٿان حملو ڪري ڪربلا ۾ موجود مقدس مقامات کي مسمار ڪيو،
اتي موجود سون ۽ قيمتي شيون کڻڻ کان بعد ۾ شهر ۾ داخل ٿي هر گهر مان مال ۽ دولت
لٽڻ شروع ڪيائون، ڪربلا وارن جي عورتن سان زبردستي ڪيائون، مردن، عورتن ۽ ٻارن کي
به قتل ڪيائون اڄ اگر اسان فلسطين ۾ اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪريون ٿا ته اهي
فلسطين جي ٻارن تي به رحم نٿا ڪن پر ٻه سئو سال پهريان اهڙا ظلم مسلمانن ڪربلا
مٿان ڪيا. ڪربلا ۾ وهابين طرفان ظلم جا تمام گهڻا داستان آهن اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته
هر هڪ تي مختصر تشريح لکون:
الف: مسلمانن جي مقدس مقامات کي
ڍاهڻ
وهابين سڀ کان پهريان حضرت امام
حسين عليه السلام جي قبر مٿان گنبذ کي ڊاٿو، جڏهن ته انهن جو اصلي هدف به هي هيو
ته هو نواسه رسول ص جي روضه مبارڪ کي مسمار ڪن ۽ انهن سڀ کان پهريان هي ڪم انجام
ڏنو، وهابين جي پنهنجي عالم تاريخ نجد ۾ واضح طور تي لکيو آهي ته وهابين امام حسين
(ع) جي ضريع کي مسمار ڪيو (فيلبي، تاريخ نجد ص 143) ضريع مقدس کي مسمار ڪرڻ کان
بعد حرم ۾ موجود تمام قيمتي سامان ضريع مٿان لڳل سون، گنبذ مٿان لڳل سون ۽ ٻيون
قيمتي شيون کڻي حرم جي صندوق کي ٽوڙي ان ۾ موجود تمام سامان کي چورايائون. امام
حسين عليه السلام جي حرم کان بعد ۾ جناب حضرت عباس علمدار ڪربلا جي روضه مبارک کي
به مسمار ڪري اتان به هر قيمتي شئي کي چورايو ويو.
ب: قتل عام
وهابي پنهنجي ڪتابن ۾ وهابي لشڪر
جي تعداد 12 هزار کان 25 هزارن تائين لکي آهي، ان کان علاوه ڪافي ٻين تاريخ دانن
وهابي لشڪر جي تعداد ٻه لک تائين لکي آهي، جڏهن هي ڪربلا جي مقدس شهر ۾ داخل ٿيا
ته جيڪو به انهن کي بازار ۾ نظر اچي پيو ان کي قتل ڪن پيا، چاهي اهو مرد هجي يا
عورت، پوڙهو هجي يا جوان ايستيائين جو ٻارن کي به قتل ڪندا ويا، ڪربلا ۾ تقريبن 25
هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا، مورخ لکن ٿا ته سعوديه جي وهابين خون جون نديون هلايون
شهر ۾ ايندڙ نهر خون سان ڀرجي وئي، ان ۾ تمام گهڻا قيمتي انسان قتل ڪيا ويا ( محمد
حامد فقي، اثر دعوه الوهابيه، ص 80؛ همايون همتي، الوهابيون، نقد و تحليل، ص
147_150) ڪربلا جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان بعد ۾ حرم مطهر ۾ انهن جي لاشن کي رکيو
ويو، حرم مطهر کي خون سان رنگين ڪري ڇڏيائون، حبيب ابن مظاهر جي قبر جو مٿاهون حصو
ڪاٺي سان جوڙيل هيو ان کي باه ڏني وئي، هر طرف رت ئي رت هئي، سعوديه جي وهابين
يزيد جي ظلمن جي ياد تازه ڪئي ڪربلا مٿان ڪربلا جوڙي. (نزهه الغري في تاريخ الجنف
الغري السري، ص 52)
سعوديه جي وهابين جي ظلم جي داستان
اڄ جي اسرائيل کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي، اڄ انساني حقوق جا علمبدردار اسرائيل تي
زور ڏيئي رهيا آهن ته 7 آکٽومبر(2023) کان هلندڙ جنگ کي ختم ڪيو وڃي انساني جاين
کي بچايو وڃي غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي پر افسوس جو ان وقت اهڙي ميڊيا
اهڙا ادارا موجود نه هئا جيڪي ان وقت وهابين جي هن ظلم کي عوام ۽ دنيا آڏو پيش ڪري
سگهن ها، علقيلي مرزا (اعتضاد السلطنه) اکسير التواريخ ۾ هن طرح لکو آهي : امام
حسين عليه السلام جي ضريح مبارک کي ظلم سان ٽوڙيائون، حرم ۾ ماڻهن جا هٿ ۽ پير
ٽوڙيائون، باھ ڀڙڪائي، ماڻهن جا سر بدن کان جدا ڪري انهن جي سينن کي فاڙيو ويو
وهابينه ان مقدس جاءِ تي جيڪا ملائڪه جي نازل ٿيڻ جي جاءِ آهي اتي علماءَ، عرفاءَ،
زائرين ۽ ٻين مومنين کي قتل ڪيو ويو تقريبا ان جاءِ تي پنج هزار ماڻهن کي قتل
ڪيائون (اکسير التواريخ ص 100)
ميرزا ابو طالب اصفهاني لکي ٿو:
تقريبا 25 هزار وهابي ڪربلا ۾ داخل ٿيا ۽ هي نعرو انهن جي زبان تي جاري هيو ”اقتلوا
المشرکين و اذبحو الکافرين“ مشرڪن کي
قتل ڪريو ۽ ڪافرن کي ذبح ڪريو، (افسوس هي پاڻ کي مسلمان سڏائن ٿا ۽ انهن خبيثن جي
ڪري اسلام جو سر جهڪي وڃي ٿو) تقريبا 5 هزار جي قريب ماڻهن کي قتل ڪيائون، امام
حسين عليه السلام جي صحن مبارڪ کي لاشن ۽ خون سان ڀري ڇڏيائون، هر طرف لاش ئي لاش
هئا، جڏهن مان 11 مهينن کان بعد ۾ ڪربلا ويم ته ان وقت به ان دل ڏکائيندڙ واقعي
جون نشانيون موجود هيون جڏهن انهن جا قصه اتان جا ماڻهو بيان ڪن پيا ته جسم جا
جهڪليل وار به اُڀا ٿي وڃن پيا، (ميرزا ابو طالب، مسير طالبي، ص 255)
ج: ڪربلا ۾ ڌاڙا
وهابين ڪربلا ۾ پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ
سان مرد، عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ کان بعد ۾ انهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويا جيڪو به
قيمتي سامان کڻڻ جهڙو هيو اهو کڻندا ويا، هڪ ايراني ( جيڪو ڪافي ملڪن ۽ جاين تي
سفر لاءِ ويندڙ هيو) جڏهن هڪ سال بعد ڪربلا ۾ ويو ته ان ڪربلا کي بلڪل ويران ڏٺو،
ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ته مان ڪنهن ڦٽل جاءِ تي آيو آهيان ماڻهن ۾ غربت ۽ فقيري تمام
گهڻي وڌي چڪي هئي ڄڻ ته باقي بچيل سڀ ماڻهو فقير هئا (ميرزا ابو طالب اصفهاني،
مسير طالبي ص 255)
ابن بشير هن طرح سان لکن ٿا: انهن
قبي ۽ ٻين جاين جهڙوڪ قبر امام حسين عليه السلام مٿان ضريح جيڪا زمرد، ياقوت ۽
جواهرات سان سجيل هئي، حرم جو صندوق ( جتي پيسا ۽ ٻيو قميتي سامان حرم لاءِ جمع
ٿيندو هيو) شهر ۾ موجود ماڻهن جي گهرن اندر سون چاندي، زيورات، قيمتي لباس ۽ ٻيون
قيمتي شيون سڀني تي ڌاڙو هنيو ويو ايتري تائين جو اسان انهن جو حساب به نٿا لڳائي
سگهون ( ابن بشير، عنوان المجد في تاريخ النجد، ج 1 ص 257 و 2258)
د: عورتن مٿان ظلم
سعوديه جي وهابين جي ظلم جي جيتري
به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي سڀ کان پهريان انهن شهر مٿان حملو ڪيو، جيڪي به ماڻهن
انهن کي نظر آيا انهن کي قتل ڪري ڇڏيائيون حرم توڙي شهر اندر هر قيمتي سامان
لٽيائون آخر ڪربلا وارن جي عورتن تي به وڏو ظلم ڪيائون، روسي حڪومت جو سفارت ڪار
سعوديه جي وهابين جي پنهنجي ملڪ وارن کي هن طرح سان خبر ڏني: سعوديه وارن ڪربلا
وارن جي عورت مٿان تمام وڏا ظلم ڪيا، جيڪي عورتون پيٽ سان هيون انهن جي پيٽن کي
ڦاڙيو ويو انهن جي ٻارن کي ڪٺو ويو، نوجوان عورتون ۽ ننڍڙين ڇوڪرين کي قيدي
بڻايائون ۽ انهن کي پنهنجن ڪنيزن طور تي پاڻ سان گڏ وٺي ويا (لويس دوکورانسي،
الوهابيون تاريخ ما اهمله التاريخ ص 77)
وهابين جا نجف مٿان حملا
واهابين 1214 هجري جي حج کان بعد
۾ عراق تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، انهن نجف شهر تي حضرت علي عليه السلام جي روضه مبارڪ
کي شهيد ڪرڻ لاءِ پهريون حملو 1214 هجري ۾ ڪيو، جڏهن هي نجف اشرف جي ٻاهريان اچي
ويا ته انهن جي مقابلي ۾ ”خزاعل“ عرب مقابلي لاءِ اچي ويا انهن ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾
آمهون سامهون جنگ شروع ٿي، نجف جي دفاع ڪندڙن وهابين جي 300 ماڻهن کي قتل ڪيو جنهن
جي نتيجي ۾ سعوديه جا وهابي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ واپس موٽي
ويا.(علي اصغر فقيهي، تاريخ و عقائد وهابيان ص 337)
وهابين طرفان نجف اشرف تي ٻيون
حملو 1215 هجري ۾ ڪيو ويو، هن ڀيري به انهن جو مقصد حضرت اميرالمومنين علي عليه
السلام جي روضه مبارڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ اتي موجود قيمتي سامان لٽڻ هيو، نجف جي ماڻهن
تمام وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ نجف جي
ماڻهن جي مدد لاءِ اطراف جا قبيله پهچي ويا جنهن جي نتيجي ۾ سعوديه جي وهابين کي
شڪست ملي ۽ پنهنجي ناپاڪ منصوبن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ واپس سعوديه هليا ويا (
جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و حاضرها، ج 1 ص 325)
وهابين طرفان نجف اشرف تي ٽيون
حملو 1216 هجري ۾ ڪيو، هي حملو پهرين ٻنهي حملن کان وڌيڪ طاقتور حملو هيو، ڇو ته
انهن پهريان انهي سال ڪربلا ۾ حملو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کي قتل ڪري اتان جو قيمتي
سامان لٽي نجف جي طرف آيا، جيئن ئي انهن ڪربلا کي پنهنجي محاصره ۾ آندو هيو ان جي
خبر نجف ۾ پهچي چڪي هئي نجف جي ماڻهن پهريان ئي پنهنجي ۽ شهر جي حفاظت لاءِ
اقدامات ڪرڻ شروع ڪيا هئا، نجف جي عورتن جڏهن ڪربلا جي عورتن جا حال ٻڌا ته پنهنجي
مردن کي جنگ جي طرف تشويق ڏياري ۽ چيو ته ڇا توهان جي غيرت قبول ڪندي ته اسان به
ڪربلا وارن جي عورتن وانگر سعوديه جي وهابيين جي فوج وارن جون ڪنيزون ٿي وڃون؟ ان
ڪري نجف جي هر شخص ان جنگ ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي ٻاهريان ديوار جيان ٿي ڪري پنهنجي
شهر جو دفاع ڪيائون ۽ سعوديه جي وهابين کي شڪست ڏنائون جنهن جي ڪري سعوديه جا
وهابي نجف جي مسماري ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. (جعفر باقر آل محبوبه، ماضي النجف و
حاضرها ج1 ص 325)
سعوديه جي وهابين نجف مٿان ڇوٿون
حملو سال 1220 يا 1221 ۾ ڪيو هي حملو به پهرين حملن کي وڌيڪ طاقتور هيو، هن حملي ۾
نجف جي حفاظت لاءِ نجف اشرف ۾ رهندڙ طالب علمن پنهنجي توانائي خرچ ڪئي شيخ جعفر
نجفي (ڪاشف الغطاء) جيڪو ان وقت شيعن جو مجتهد هيو ان جي سربراهي ۾ شهر جا ماڻهو ۽
طالب علم جمع ٿيا شهر جي ٻاهريان حفاظت لاءِ خندق کوٽي وئي، تمام شهر جا ماڻهن
پنهنجي شهر جي حفاظت ۽ حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي حرم جي حفاظت لاءِ ڏينهن
رات خندق مٿان ويٺا رهيا هي محاصرو ڪجھ ڏينهن جاري رهيو آخرڪار هڪ ڏينهن سعوديه جا
وهابي خندق ۽ ديوار کان ٽپي ڪري شهر ۾ اندر داخل ٿي ويا وهابين جي مقابلي ۾ شهر جا
ماڻهو جيڪي جنگجو ته نه هئا پر پوءِ به جنگجو مردن وانگر مقابلو ڪرڻ لڳا قريب هيو
جو سعوديه جا وهابي شهر مٿان پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪن، نجف جي ماڻهن وڏي بهادري
ڏيکاري 15 هزار سعوديه جي جنگجوئن کي شهر کان ٻاهر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، هن حملي ۾
سعوديه جي وهابين جا تقريبا 700 ماڻهو ماريا ويا.
هن حملي کان پهريان حضرت
اميرالمومنين جي روضه مبارڪ جو پورو خزانو بغداد ۽ ٻين جاين تي امانت طور رکرايو
ويو جڏهن سعوديه جا وهابي پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿيا ته ساڳيو خزانو حرم مطهر حضرت
اميرالمومنين ۾ منتقل ڪيو ويو (سيد محمد حسيني قزويني، وهابيت از منظر عقل و شرع،
ص 97 و 98)
نتيجو:
سعوديه جي وهابين سن 1216 هجري ۾
ڪربلا مٿان حملو ڪيو ان وقت ڪربلا جا ماڻهو عيد غدير ڪرڻ لاءِ نجف اشرف جي طرف اچي
چڪا هئا ۽ پويان شهر ۾ محدود تعداد باقي رهيل هئي جنهن ۾ پوڙها مرد، عورتون، ٻار ۽
ڪجھ جوان شهر ۾ موجود هئا هي حملو اوچتو ڪيو ويو جنهن جي ڪري ڪربلا وارا پنهنجي
تياري نه ڪري سگهيا ۽ سعوديه جي وهابين شهر ۾ تمام وڏو قتل عام ڪيو ۽ نواسه رسول
حضرت امام حسين عليه السلام جي حرم مطهر جي خزانه، قيمتي شيون، مومنين جي گهرن جو
قيمتي سامان، انهن جي ناموس تي حملا، عورتن ۽ ٻارڙن کي ڪنيز ڪري پاڻ سان گڏ وٺي
ويا جڏهن هي حملو مڪمل ٿيو ته سعوديه جي وهابين نجف اشرف جي طرف پنهنجي سفر شروع
ڪيو، نجف اشرف جا ماڻهو ڪربلا جي حملي کان واقف ٿي چڪا هئا ان ڪري انهن پنهنجي
حفاظت جي لاءِ پهريان ئي ڪوشش ڪري ڇڏيون هيون، سعوديه جا وهابي جيئن ئي ڪربلا کان
نجف اشرف پهتا ته نجف جي ماڻهن وڏي بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ سعوديه جي
وهابين کي نجف کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، ان کان بعد ۽ پهريان به سعوديه جا وهابي نجف
اشرف مٿان حمله ڪري چڪا هئا پر نجف مٿان ڪڏهن به حملي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آخري
وڏو حملو 1220 يا 1221 هجري ۾ ڪيو ويو ان وقت نجف اشرف ۾ شيخ ڪاشف الغطا رهندو هيو
۽ ان تمام وڏي بهادري سان سعوديه جي وهابين جي حملن کي ناڪام بڻايو هن حملي جي
دفاع ۾ نجف اشرف جي طالب علمن به حصو ورتو. الله سائين کان دعا آهي ته اسان جي
مقدس مقامات جي حفاظت فرمائي ۽ دشمنان اهلبيت کي نيست ۽ نابود ڪري.
اگر مان علي ع جي زماني ۾ هجان ها ته !!؟؟؟
سنڌيڪار: راشد علي چانديو
هي هڪ سني عالم جو لکيل آرٽيڪل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.
هي سوال هميشه منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهندو هيو، ته جيڪڏهن مان خليفه چهارم حضرت علي ڪرم الله وجه جي زمانه ۾ هجان ها ته مان ڪهڙي طرف هجان ها؟ ڇا مان ان وقت خليفه وقت علي ابن ابي طالب کرم الله وجه جي دفاع ۾ تلوار هٿ ۾ کڻان ها ۽ اصحاب پيامبر، حضرات طلحه، زبير، معاويه ۽ ام المومنين رضي الله سان جنگ ڪيان ها ؟ يا رسول الله ص جي گهرواري ۽ باقي صحابه جي مقابله ۾ تلوار کڻان ها؟
مان ان تشويش ۾
هيس ايتري ۾ هڪ چينل تي هڪ پروگرام پئي هليو جنهن
۾ هڪ عالم ان ئي عنوان تي بحث ڪري رهيو هيو ۽ ان چيو ته جيڪڏهن مان ان
زماني ۾ هجان ها ته حتما ام المومنين عائشه، طلحه ۽ زبير رضي الله جي دفاع ۾ تلوار
کڻان ها، هن پنهنجي ڳالھ جي ثابتي لاءِ هڪ اهڙي روايت پييش ڪئي جنهن جي هن ڪا به
سند پيش نه ڪئي، اها هي ته حضرت علي ڪرم الله وجه پنهنجي خلافت جي زماني ۾ ٿيندڙ
جنگن ۾ جنگ وڙهڻ تي پشيماني جو اظهار ڪيو هيو، ظاهرا هي روايت تمام ڀلي هئي، پر
منهنجي دل کي آرام نه پهتو، ڇا هڪ خشڪ ۽ خالي پشيماني جو اظهار ڪرڻ سان جيڪو جنگن
۾ هزارن ماڻهن جو خون وهيو اهو برطرف ٿي ويندو؟ مان تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي، مان تمام
گهڻي تحقيق ڪئي، جنهن نتيجي تي پهتس اهو دعوا جي خلاف هيو، امام بخاري : جن به ام
المومنين عائشه رضي الله کي پنهنجي لشکر جو سردار ڪيو اهو ڪامياب نه ٿيندا!.
مون صحيح بخاري
۾ هڪ روايت ڏٺي، صحابي رسول ابي بڪره رضي الله چوي ٿو: جنگ جمل جي زماني ۾ مون
چاهيو ته جمل واري لشڪر سان ملي وڃان ۽ انهن سان گڏ جنگ وڙهان، پر روايت جيڪا مون
رسول الله ص کان ٻڌي هئي، ان کي مونکي نجات ڏني، جنهن وقت رسول ص وٽ خبر پهتي ته
اهل فارس کسري جي مرڻ کان بعد ۾ ان جي نياڻي کي ان جي جاءِ تي چونڊيو اٿن، فرمايو:
”جنهن قوم هڪ عورت کي پنهنجو ولي امر (حڪمران) چونڊيو اهي ڪامياب نٿا ٿي سگهن“ مان
انهي روايت جي ڪري جمل جي لشڪر سان ملحق نه ٿيس. (عَنْ أَبِي
بَكْرَةَ، قَالَ: لَقَدْ نَفَعَنِي اللَّهُ بِكَلِمَةٍ سَمِعْتُهَا مِنْ رَسُولِ
اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَيَّامَ الجَمَلِ، بَعْدَ مَا كِدْتُ
أَنْ أَلْحَقَ بِأَصْحَابِ الجَمَلِ فَأُقَاتِلَ مَعَهُمْ، قَالَ: لَمَّا بَلَغَ
رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّ أَهْلَ فَارِسَ، قَدْ
مَلَّكُوا عَلَيْهِمْ بِنْتَ كِسْرَى، قَالَ: «لَنْ يُفْلِحَ قَوْمٌ وَلَّوْا
أَمْرَهُمُ امْرَأَةً».» صحیح بخاری، بخاری، ج6، ص8 و ج9، ص55).
اهڙي روايت جو
صحيح بخاري ۾ هجڻ جي باوجود به ڇا هي ممڪن هيو ته مان ان وقت حضرت علي ڪرم الله
وجه جي لشڪر کي ڇڏي ام المومنين عائشه رضي الله عنها جي لشکر سان گڏ ملي وڃان ها؟
جناب بن عبدالله
انصاري رضي الله عنه : علي سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي.
ٻي روايت جنهن
تائين مان پهتس، جيڪا صحيح سند سان هئي، ”شحامي“ اهل سنت جي وڏن محدثن منجهان هيو
جنهن رسول الله ص جي جليل القدر صحابي حضرت جابر بن عبدالله انصاري کان نقل ڪيو،
جنهن کان حضرت علي ڪرم الله وجه سان جنگ جي باري ۾ سوال ٿيو، هن جواب ۾ فرمايو: علي
سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪافر جي ( يعني جنگ ڪرڻ ته پري جي ڳالھ
آهي جنگ بابت شڪ ڪرڻ به ڪفر آهي ) (بهذا الاسناد نا سويد بن سعيد نا عبدالرحيم بن سلمان
عن عبيد بن ابي الجعد قال سئل جابر بن عبدالله عن قتال علي رضي الله عنه فقال: ما
يشک في قتال علي الا کافر“ السباعيات الالف، زاهر بن طاهر بن محمد الشحامي، محقق،
قسم المخطوعات، بشرکة افق للبرمجيات، مصر، چاپ اول، 2004ج 1 ص 78م ح 133)
ڇا ان روايت جي
هوندي خود حضرت علي ڪرم الله وجه جنگ جي صحيح هجڻ ۾ شڪ ڪندو هجي ۽ وري ان تي
پشيمان به ٿيو هجي ؟
ام المومنين
عائشه رضي الله عنها هئي جيڪا جنگ جمل جي نتيجه تي پشيمان ٿي. اهل سنت جي بزرگ
عالمن جهڙوڪ ابن سعد طبقات الڪبري ۾ (ج 8 ص 80) امام احمد بن حسين بيقهي الاعتقاد
(ج 1 ص 373) ۾ ۽ علامه ابو الفرج بن جوزي روايت ڪئي آهي ته: ام المومنين حضرت عائشه
رضي الله عنها کي جڏهن به جنگ جمل لاءِ وڃڻ جي ياد ايندي هئي ته ايترو ته روئيندي
هئي جو ان جو حجاج پسجي ويندو هيو. (اخبرنا ابو منصور القزاز قال اخبرنا احمد بن
علي بن ثابت قال اخبرنا ابو عبدالله محمد بن احمد الدقاق قال اخبرنا احمد بن عثمان
الآدمي قال حدثنا محمد بن سويد قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن
اسباط قال حدثنا سفيان بن محمد المصيصي قال حدثنا يوسف بن اسباط قال حدثنا سفيان
الثوري عن هشام بن عروه عن ابيه قال ما ذکرت عائشة مسيرها قط الا بکت حتي تبل
خمارها وتقول ليتني مت قبل هذا و کنت نسيا منسيا“ المنتظم، عبدالرحمن بن علي بن
محمد بن الجوزي ابو الفرج، دار الصادر، بيروت، چاپ اول 1358 ق ج 5 ص 95)
ام المومنين
ميمونه رضي الله عنها : وڃو علي (ڪرم الله وجه) سان جنگ ۾ مدد ڪيو خدا جي قسم نه
هو گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو.
امام ذهبي ام
المومنين ميمونه رضي الله عنها کان روايت نقل ڪري ٿو ”جري بن کليب عامري “ چاهيو
ته جنگ کان پري رهي فرمايو: حضرت علي (ڪرم الله وجه) جو جنگ ۾ مدد ڪر، ڇو ته نه هو
گمراه آهي ۽ نه هو ڪنهن جي هٿان گمراه ٿي سگهي ٿو، ان کان پوءِ امام ذهبي هن روايت
کي صحيح لکي ٿو. (عن ابي اسحاق عن جري بن کليب العامري قال لما سار علي اي صفين
کرهت القتال فاتيت المدينة فدخلت علي ميمونة بنت الحارث فقالت ممن انت قلت من اهل
الکوفة قالت من ايهم قلت من بني عامر قالت رحبا علي رحب و قربا علي قرب تجيء ما
جاءَ بک قال قلت سار علي الي صفين وکرهت القتال فجئنا الي ها هنا قالت اکنت بايعته
قال قلت نعم قالت فارجع اليه فکن معه فوالله ما ضل ولا ضل به هذا هديث صحيح علي
شرط الشيخين ولم يخرجاه “ المستدرک علي الصحيحين، محمد بن عبدالله ابو عبدالله
الحاکم النيسابوري، تحقيق مصطفي عبدالقادر عطا، دارالکتب العلميه، بيروت چاپ اول
1411ق 1990م ج 3 ص 152، ش 4680)
حضرت عبدالله بن
خليفه عمر بن الخطاب رضي الله عنها جو پشيمان ٿيڻ ته مون ڇو حضرت علي ڪرم الله
وجهه جي جنگين ۾ مدد نه ڪئي!
مشهور عالم دين
ابن عبدالبر، پنهنجي ڪتاب ” الاستيعاب في معرفة الاصحاب ۾ لکي ٿو:
مختلف طريقن سان
حبيب بن ابي ثابت کان هن عبدالله ابن عمر کان روايت نقل ڪئي آهي ته هن چيو: مان
ڪنهن به شئي تي افسوس نٿو ڪريان سواءِ
ان جي جو مان علي (ڪرم الله وجه) سان گڏ ستمگر
ٽولي (الفئة الباغيه) سان جنگ نه ڪئي ( و
يروي من وجوه عن حبيب بن ابي ثابت عن ابن عمر انه قال: ما اسي علي شيء الا اني لم
اقاتل مع علي الفئة الباغية“ الاستيعاب في معرفة الاصحاب، يوسف بن عبدالله بن محمد
بن عبدالبر النمري، تحقيق: علي محمد البجاوي، دار الجيل، بيروت، چاپ اول 1412 ق، ج
3 ص 1117)
هي ڪيئن ممڪن
آهي ته جيڪي صحابه حضرت علي جي مدد جنگن ۾
نه ڪري سهگيا اهي نه وڙهڻ تي پشيمان ٿيا ۽
پاڻ جنگن ۾ شرڪت تي پشيمان هجي؟
ايسيتائين اهي
روايتون هيون جيڪي حضرت علي ڪرم الله وجه جي باري ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ رسول الله ص جي
صحابه کان نقل ٿيل هيون پر هن باري ۾ خود رسول الله ص کان تمام گهڻيون روايتون نقل
ٿيل آهن جهڙوڪ:
رسول الله ص جون
روايتون جيڪي ناڪثين ( عهد ٽوڙيندر) سان جنگ، قاسطين (ظالمن ) ۽ مارقين (جيڪي دين
کان خارج ٿي ويا) سان جنگ.
هن باري ۾ تمام
گهڻيون روايتون موجود آهن ڪجھ صحابه موجود
هئا پيغمبر اڪرم ص حضرت علي ڪرم الله وجه کي حڪم ڏنو ٽن ٽولن سان وڙه” ناڪثين،
قاسطين ۽ مارقين ( حدثنا عباد بن يعقوب قال نا الربيع بن سعيد قال نا سعيد بن عبيد
عن علي بن ربيع عن علي قال عهد الي رسول الله صلي الله عليه وسلم في قتال الناکثين
و القاسطين والمارقين “ البحر الزخار ( مسند البزار) ابو بکر احمد بن عمرو بن
عبدالخالق البزار، تحقيق: د محفوظ الرحمن زين الله موسسه علوم القرآن، مکتبة
العلوم والحکم ، بيروت المدينة، چاپ اول 1409، ج3 ص 26، 27 ح 774) هيثمي ان روايت
جي سند کي صحصح سمجهي ٿو( رواه البزار و الطبراني في الاوسط واحد اسنادي البزار
رجاله رجال الصحيح غير الربيع بن سعيد ووثقه ابن حبان “ مجمع الزوائد ومنبع
الفوائد، ابو الحسن علي بن ابي بکر الهيثمي، دار الريان اللتراث دار الکتاب
العربي، القاهره، بيروت 1407 ق، ج 7 ص 238)
حضرت عمار ياسر،
عبدالله بن سمعود، ابو ايوب انصاري، خزيمه ذوالشهادتين، ابو سيعد خدري ۽ ٻين اصحاب
رضوان الله عليه کان نقل ٿيل آهي ته : رسول الله ص انهن کي فرمايو : حضرت علي (ڪرم
الله وجهه) جي دفاع ۾ قاسطين ، مارقين ۽ ناڪثين سان وڙهجو( الاستيعاب في معرفة
الاصحاب ج 3 ص 1117)
ان سڀني ڳالهين
جي هوندي ڪو به شخص اهڙي دعوا نٿو ڪري سگهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه پنهنجي
زماني جي جنگين ۾ اشتباه ڪيو ۽ انهن جي انجام پذير ٿيڻ تي پشيمان هيو ڇو ته هي
جنگيون جيڪي پاڻ وڙهيون اهي رسول الله ص جي حڪم مطابق هيون.
Wednesday, December 27, 2023
حضرت ام البنين (س) جي زندگي جو مختصر تعارف:
تحرير: راشد علي چانڊيو
مقدمو:
حضرت علي (ع) پيغمبر اڪرم (ص) جي نياڻي حضرت فاطمه زهرا (س) سان پهرين شادي ڪئي هئي جنهن وقت تائين حضرت فاطمه زهرا (س) زنده رهي حضرت علي (ع) ٻي شادي نه ڪئي، سن 11 هجري ۾ جڏهن پيغمبر اڪرم (ص) جي رحلت ٿي ۽ ان جي ڪجھ ئي عرصي
Sunday, October 15, 2023
اگر مان علي ع جي زماني ۾ هجان ها ته !!؟؟؟
راشدعلي چانڊيو
هي سوال هميشه منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهندو هيو، ته جيڪڏهن مان خليفه چهارم حضرت علي ڪرم الله وجه جي زمانه ۾ هجان ها
ته مان ڪهڙي طرف هجان ها؟ ڇا مان ان وقت خليفه وقت
حضرت قاسم بن الحسن
راشد علي چانڊيو
مقدمو:
امام حسن مجتبي عليه السلام جي فرزندن منجهان هڪ فرزند جو نالو قاسم هيو جيڪو ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي لشڪر سان گڏ آيو هيو ۽ پنهنجي چاچا
جي حمايت ۾ ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو، جناب قاسم جي لاءِ لکيو ويو آهي
عورت جي اهميت پيغمبر اڪمر ص جي نگاه ۾
مهاڳ:
رسول خدا ص جنهن زماني ۾ پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو تنهن زماني ۾ مرد عورتن جو احترام نه ڪندا هئا، انهن کي پنهنجي فائدي طور استعمال ڪندا هئا، جنهن به شخص
کي نياڻي پيدا ٿيندي هئي ته اهو شخص پنهنجي لاءِ ندامت، پشيماني ۽ فقر سمجهندو هيو،
Monday, July 3, 2023
غدير ۽ جانشيني حضرت علي عليه السلام يورپي مورخن جي نظر ۾
سنڌيڪار: راشد علي
چانڊيو
مقدمو: حضرت علي عليه السلام جي جانشيني بابت مسلمانن کان علاوه ڪجھ يورپي مورخن به لکيو آهي جڏهن ته انهن طرفان غدير بابت گهٽ ئي لکيو ويو آهي
انهن پنهنجي پوري تحقيق ان موضوع تي ناهي ڪئي البته مولا علي عليه السلام بابت انهن ڪافي ڪجھ لکيو آهي جيئن مادلونگ جنهن جانشيني حضرت محمد نالي کتاب لکيو آهي،